گهر ۾ ڪوئن ۾ موجودگي ڪنهن کي به پسند ناهي، جيڪي مختلف قسمن جا جراثيم پکيڙڻ جو به ڪارڻ بڻجن ٿا.
۽ جڏهن اهي ڪنهن گهر ۾ رهن ته کاڌي پيتي سميت ڪيترين ئي شين جو نقصان ٿيندو آهي.
عام طور تي سياري جي مند ۾ ڪوئن جي گهڻائي ڏٺي ويندي آهي ۽ سياري ۾ ڪوئا گهرن جي هنڌ بسترن سميت ٻين شين ۾ لڪي ويندا آهن، جنهن سان ڪيترائي انفيڪشن پکڙجڻ جو خطرو هوندو آهي.
هتي اسان توهان کي اهڙيون ٽپس ٻڌائي رهيا آهيون، جن سان توهان ڪوئن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا.
گهر کي صاف رکو
پنهنجي گهر کي صاف رکو، کاڌي پيتي جي شين کي مناسب طريقي سان محفوظ ڪري رکو ته جيئن ڪوئا اتي نه پهچي سگهن، ڇو ته ڪوئا اتي رهڻ پسند ناهن ڪندا، جتي انهن کي کاڌي جون شيون نه ملن.
ڦودني جو تيل
ٿي سگهي ٿو توهان کي يقين نه اچي پر ڦودني جي تيل جي بوءِ ڪوئن کي بلڪل پسند ناهي، ان لاءِ ڦودني جي تيل جا ٻه کان ٽي ڦڙا ڪپهه تي لڳائي ان کي اهڙين جاين تي رکو، جتي ڪوئن جي اچ وڃ هجي يا جتان اهي گهر ۾ داخل ٿيندا هجن، ڪپهه جي انهن ٽڪرن کي هر 5 کان 7 ڏينهن بعد تبديل ڪيو.
ٻلي پالڻ
اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته ٻولي ڪوئن جي وڏي دشمن آهي.
ڪچري جو دٻو گهر کان پري رکو
ڪوئا ڪچري جي بوءِ سنگهي گهر ۾ داخل ٿيندا آهن، جيڪڏهن توهان ڪچري جي دٻي کي گهر کان پري رکندئو پر ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪوئا گهر ۾ داخل نه ٿيندا.
You might also like