پاڻي جي بوتلن جا ڍڪڻ مختلف رنگن جا ڇو هوندا آهن؟ ڄاڻيو

توهان پاڻي جون بوتلون ته خريد ڪيون هونديون پر انهن جي رنگين ڍڪڻن تي ڪڏهن ڌيان ڏنو اٿَو ته اهي ڇو مختلف رنگن ۾ هوندا آهن.
بوتلن تي موجود اهي رنگين ڍڪڻ سٺا ته لڳندا آهن پر اهي بوتلن جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ نه ڪنهن خاص سبب لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
پاڻي جي بوتل تي توهان صرف هلڪي نيري رنگ جو ڍڪڻ ڏٺو هوندو، جنهن جو مطلب آهي ته هي نيرو رنگ صرف پيئڻ جي پاڻي (منرل واٽر) لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن بوتل تي سائي رنگ جو ڍڪڻ آهي ته ان جو مطلب آهي ته بوتل ۾ موجود پاڻي ۾ ڪو فليور شامل ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت جيڪڏهن پاڻي جي بوتل تي اڇي رنگ جو ڍڪڻ آهي ته ان جو مطلب آهي ته پاڻي کي مشين ذريعي صاف ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن بوتل جو ڍڪڻ ڪارو آهي ته پاڻي الڪلائن آهي، اهو پاڻي عام پاڻي جي بوتلن کان وڌيڪ مهانگو ۽ صحت لاءِ بهتر آهي.
جيڪڏهن پاڻي جي بوتل تي پيلي رنگ جو ڍڪڻ آهي ته ان جو مطلب آهي ته پاڻي ۾ وٽامنز ۽ اليڪٽرولائٽس جو استعمال ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.