عدالتن جون سزائون ۽ ٽرمپ جون مهربانيون

تحرير: سيد مجاھد علي

شهباز شريف جي حڪومت جو هني مون وارو دور عروج تي پهتل آهي، جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ حڪومت جي مٽاسٽا بابت افواهون به گردش ڪري رهيون آهن. پر انسداد دهشتگردي عدالتن طرفان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي لڳاتار سزائون ٻڌائي، پارٽي جي لڳ ڀڳ سڄي مٿاهين قيادت کي نااهليءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو ويو آهي. ان جي ابتڙ، واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ جي حڪومت پاڪستان تي ا نثار ٿي رهي آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ پاڪستان کي رعايتون ڏيڻ ۽ ڀارت کي سزا ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي.اسلام آباد جي حڪومت چين سان لاڳاپن جي روشنيءَ ۾ ڀلي آمريڪا سان معاملن ۾ توازن جا ڪيئي بهانا پيش ڪندي رهي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستاني اشرافيه جي دل هميشه آمريڪا جي محبت ۾ قيد رهي آهي. اُتان ايندڙ هڪ مرڪ تي، اسان جو وڏو کان وڏو اڳواڻ قربان ٿي ويندو آهي. هاڻي ته 2020ع ۾ ٿيل دوحه معاهدي کانپوءِ پهريون ڀيرو اهو موقعو مليو آهي جو واشنگٽن هر سطح تي پاڪستانين جي آجيان ڪري رهيو آهي. کين سهولتون ۽ رعايتون ڏيڻ جو اعلان ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪي اعليٰ عملدار، پاڪستاني وفدن ۽ وزيرن سان ملاقاتن لاءِ پنهنجو وقت ڪڍي رهيا آهن.

سڄي دنيا في الحال ٽيـرف  جي معاملي تي صدر ٽرمپ جي حڪومت سان ڇڪتاڻ ۾ ورتل آهي ۽ هر ملڪ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪنهن به طريقي سان آمريڪي حڪومت سان ڊيل ڪري، پنهنجي برآمد لاءِ آمريڪي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪري پر پاڪستان کي اها "ڊيل” ڪنهن به خاص جدوجهد کانسواءِ ئي ملي وئي آهي. ان جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته پاڪستاني حڪومت پهرين ڏينهن کان ٽرمپ حڪومت کي واضح طور چيو ته: "اسين ته اوهان جا پراڻا خادم آهيون، جيڪو حڪم ڏيندؤ، اسين اکين تي رکي قبول ڪنداسين.”

وفاداريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت جلدبازيءَ ۾ ناروي جي نوبل ڪاميٽي کي هڪ سرڪاري خط اماڻيو ته 2026ع جو نوبل امن انعام ڊونلڊ ٽرمپ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي نه ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ⁠جو هن پاڪستان ۽ ڀارت، جيڪي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهن، انهن جي وچ ۾ جنگ جي خطري کي ٽاري، پاڻ کي انعام جو سڀ کان وڏو حقدار ثابت ڪيو آهي. پاڪستاني حڪومت جو هي فيصلو ٽرمپ جهڙي انا پرست لاءِ غيرمعمولي حيثيت رکي ٿو. اها خوشي ڏيڻ ۾ پاڪستاني حڪمران آمريڪا جي پراڻي اتحادي اسرائيل کي به مات ڏئي ڇڏي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ٽرمپ پاڪستان تي مهربان نه ٿئي ته ٻيءَ ڳالهه ڇا ٿي سگهي ٿي؟

گذريل چويهه ڪلاڪن دوران صدر ٽرمپ پاڪستان بابت ٻه اهم اعلان ڪيا آهن. پهريون اعلان پاڪستان سان واپاري معاهدي متعلق آهي، جنهن موجب آمريڪي حڪومت پاڪستان سان ٽيـرف جي سوال تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. اپريل ۾، جڏهن ٽرمپ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي نوان ٽيـرف لاڳو ڪيا هئا، تڏهن پاڪستان تي 29 سيڪڙو ٽيـرف لڳايو ويو هو. پاڪستان جي ڪل برآمد جو لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو آمريڪا ڏانهن ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ٽيڪسٽائل مصنوعات شامل آهن. ان تي ٽيـرف جي ايتري وڏي شرح سبب ملڪ جي ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۽ ان سان واسطو رکندڙ مزدور طبقي جو سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان هو. پر ڪجهه عرصي کان اهو ظاهر ڪيو پيو ويو ته پاڪستان، آمريڪا سان ٽيـرف بابت معاهدي ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

پاڪستان جي وزارت خزانه ان معاهدي جي تصديق ته ڪري ڇڏي آهي، پر ان ڳالهه تان پردو کنيو ناهي ته هاڻ پاڪستاني شين تي ڪيترو ٽيـرف لاڳو ٿيندو. آمريڪا جن يورپي ۽ ٻين ملڪن سان ٽيـرف معاهدا ڪيا آهن، انهن ۾ عام طور شرح 15 کان 20 سيڪڙو جي وچ ۾ رکي وئي آهي. البت پاڪستان بابت ڪنهن شرح جو اعلان نه ٿيڻ سبب ڪجهه غيريقيني ضرور موجود آهي. پر اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ لاڳاپن جي واڌ سبب اها اميد رکي پئي وڃي ته پاڪستاني حڪومت اها هر شرط قبول ڪندي، جيڪا ٽرمپ حڪومت جي طرفان رکبي.

ڇو⁠جو پاڪستان هن وقت آمريڪا سان لاڳاپن کي صرف واپار تائين محدود نه پر وڌيڪ گهرو، وسيع ۽ حڪمت عمليءَ وارا لاڳاپا بڻائڻ چاهي ٿو، اهو ’ويساهه ۽ وسعت‘ جنهن جو اشارو صدر ٽرمپ پاڻ ڏنو آهي، اهو ان اعلان مان ملي ٿو، جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جي وڏن ذخيرن جي تلاش لاءِ هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي.واپار جي معاهدي جو اعلان ٿيڻ کان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ ئي صدر ٽرمپ پنهنجي سوشيل ميڊيا پوسٽ ۾ اهو چوندي ڄاڻايو هو ته آمريڪي حڪومت اهڙي ڪمپني ڳولي رهي آهي، جيڪا پاڪستان ۾ تيل جي ذخيره اندوزيءَ جي ڳولا جي اڳواڻي ڪري. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽرمپ پنهنجي ان پوسٽ جو پڄاڻي هن جملي تي ڪئي: "ممڪن آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان، ڀارت کي تيل جي برآمد شروع ڪري”.

ان جملي جي حوالي سان ڀارتي تجزئي نگار سمجهن ٿا ته اها پوسٽ ڀارتي حڪومت لاءِ ناراضگيءَ جو اظهار يا ڪو خاص سفارتي پيغام هئي. بهرحال، اهڙي وقت ۾ جڏهن صدر ٽرمپ دنيا جي واپاري سرمايي کي آمريڪا ڏانهن واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاريءَ جو اشارو ڏيڻ سان آمريڪي حڪومت لاءِ پاڪستان جي اهميت واضح ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان ۾ تيل جي وڏن ذخيره اندوزيءَ جو ذڪر ته ڪڏهن به پاڪستاني اڳواڻن به نه ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اهي ريڪوڊڪ جهڙن منصوبن بابت وڌائي وڌائي ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ صدر ٽرمپ پاران تيل جي ذخيره اندوزيءَ لاءِ معاهدي جي ڳالهه، عالمي سفارتڪاري ۽ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان ڪيترن ئي پاسن کان اهميت رکي ٿي.

تجزيي نگار ۽ ماهر، ٽرمپ جي حڪومت طرفان پاڪستان لاءِ هن تازي نرم روَيي کي ڏسي، هن خطي ۾ ٿيندڙ اسٽرٽيجڪ تبديلين بابت قياس آرائيون ڪري رهيا آهن. ان جو آغاز ته مارچ 2025ع ۾ آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ صدر ٽرمپ جي خطاب سان ٿي چڪو هو، جتي هن پاڪستان جي تعريف ڪندي چيو هو ته "ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي ماسٽر مائينڊ کي پڪڙڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو.”بهرحال، آمريڪا جي پاڪستان ڏانهن گرمجوشيءَ جو حقيقي موڙ مئي 2025ع ۾ ان وقت آيو، جڏهن ڀارت طرفان پاڪستان تي حملي کانپوءِ حالتون ڇڪتاڻ واريون بڻجي ويون. صدر ٽرمپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ بنديءَ جو ڪريڊٽ کنيو، پاڪستان، ڀارت جي ابتڙ، ٽرمپ جي ان ڪردار کي قبول ڪيو، پر صرف جنگ بنديءَ جي سهولت ڏيڻ سان آمريڪا پنهنجي مڪمل حڪمتِ عملي تبديل ڪري نه ٿو سگهي. جنگي ڇڪتاڻ جي دوران پاڪستان جي ڪارڪردگي ۽ چيني هٿيارن جي اثرائتي نمائش به ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ممڪن آهي ته ٽرمپ انتظاميا اهو اندازو لڳايو هجي ته پاڪستان، هن علائقي ۾ آمريڪا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀارت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قابلِ اعتماد ۽ ضروري ملڪ آهي، پهريون ته پاڪستان، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿي رهيو آهي، ٻيو ته پاڪستان جي ذريعي افغانستان ۽ وچ ايشيا جي اهم ملڪن تائين پهچ آسان بڻجي سگهي ٿي، ٽيون ته پاڪستان، هڪ اهم مسلمان ملڪ طور، وچ اوڀر جي سياسي حالتن ۾ اهم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

بهرحال، آمريڪا سان ماضيءَ ۾ پاڪستان جا تجربا گهڻو خوشگوار نه رهيا آهن. تنهن ڪري هاڻي جڏهن لاڳاپن جو نئون باب کلڻ جو وقت اچي چڪو آهي، ته اسلام آباد کي انتهائي محتاط رستو اختيار ڪندي، پنهنجون حدون واضح ڪرڻيون پونديون. اهو يقين ڏيارڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي پاڪستان مان فائدو ملي، ته پوءِ پاڪستان کي مستقبل ۾ ان جو ڪو خراب نتيجو ڀوڳڻو نه پوي.

اسلام آباد ۾ اڃا تائين هن موضوع تي ڪا سنجيده ’برين اسٽارمنگ‘ شروع نه ٿي آهي. ان جي هڪ سبب ٿي سگهي ٿو ته حڪومت هن وقت اندروني سطح تي تحريڪ انصاف سان آخري سياسي جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هاڻي ته انسداد دهشتگردي عدالتون، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث قرار ڏنل پي ٽي آءِ جي مٿاهين قيادت کي سزاون ڏئي رهيون آهن، ۽ اليڪشن ڪميشن به سزا يافتا ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ تيار ويٺي آهي.

 فيصل آباد جي انسداد دهشتگردي عدالت، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 108 ماڻهن کي سزائون ٻڌايون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل، ۽ سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ شبلي فراز کي 10-10 سال قيد جون سزائون ملي چڪيون آهن.ان سان گڏ سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا کي به 10 سال قيد جي سزا ڏني وئي آهي. البت، فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي پٽن مان زين قريشي کي بري قرار ڏنو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي انهن سزائن کي سياسي قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت جي ترجمان عطاالله تارڙ ان کي قانون ۽ انصاف جي فتح سڏيو آهي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عدالتن طرفان ڏنل سزائون ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت جي نااهليءَ کانسواءِ، آمريڪي صدر طرفان پاڪستاني حڪومت ۽ فوج لاءِ ڏيکاريل محبت، ملڪ ۽ قوم لاءِ خوش آئند ٿيندي يا رڳو ڪجهه عارضي سڪون ڏئي، مستقبل ۾ سياسي ۽ سفارتي محاذن تي ڪو نئون طوفان کڻي ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.