عوام جي تحفظ لاءِ زندگين جي قرباني ڏيندڙ پوليس اهڪار

تحرير: شوڪت علي ڪلو

شهيدن جو ڏينهن هر سال اُنهن بهادر جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جن پنهنجو رت ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ وهايو. هي ڏينهن رڳو يادگار نه، پر هڪ روحاني جذبي، قومي غيرت ۽ عظيم قربانين جو اظهار آهي.اسان جا شهيد، جيڪي وطن جي ساڃاهه، آزادي ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪيون، سي قوم جا حقيقي هيرو آهن. انهن جي رت جي هر قطري ۾ وفا، حب الوطني ۽ ايمانداريءَ جو جذبو سمايل آهي. شهيدن جي ڏهاڙي تي اسان پنهنجي شھيد ڀائرن، ڀيڻن ۽ فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جن دهشتگرديءَ ۽ ناحق خلاف پنهنجي جان نثار ڪري اسان لاءِ امن ۽ آزاديءَ جا در کوليا.

ملڪ خاطر جان قربان ٿيندڙ شهيد اسان جي تاريخ جا زنده مثال آھن، جن جي بهادري، قرباني ۽ وفاداري هميشه ياد رهندي. خاص طور تي سڌ پوليس جا بهادر جوان، جيڪي پنهنجي فرض نڀائيندي، دهشتگردن ۽ امن دشمنن جي مقابلي ۾ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا، سي قوم جا سچا سپوت آهن. شھادت صرف موت نه آهي، پر اهو هڪ اعليٰ مرتبو، هڪ روحاني عزت ۽ ابدي زندگي جو درجو آهي. پوليس جا شھيد، جيڪي امن جي راهه ۾ پنهنجا خُون وهايا، تن کي قوم سدائين سلامِ عقيدت پيش ڪندي رھندي انھن جي قربانين کي ھميشھ سنھري حرفن سان ياد رکيو ويندو.

سڌ پوليس جا اهي دلير سپاهي، جن فرض شناسي، قرباني، ۽ غيرت جو مثال قائم ڪيو، سي اسان جي نوجوان نسل لاءِ مثالي مشعل راھه آهن. انهن جي قربانين جي خوشبوءِ وقت جي وهڪرن ۾ هميشه محسوس ٿيندي رھندي جيڪا ڪڏهن ختم ٿيڻ واري ناھي مون کي فخر آهي ته آئون پاڻ ھڪ شھيد پيءُ جو پٽ آھيان جيڪو سال 2014ع هالاڻي شهر ۾ پئٽرول جي آئل ٽينڪر کي باھ لڳي هئي ۽ منهنجي بابا سائين بنا ڪنهن پرواهه جي سوين انسانن جون جانيون بچائڻ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي شهادت جو جام پيتو، مون کي پنهنجي بابا سائين تي فخر آهي ته ان دلير شهيد پيءُ جو پٽ آهيان جنهن هن ديس ۽ عوام خاطر شهيد ٿيو ۽ آئون سندس جڳھه تي سنڌ پوليس ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آھيان، هن وقت آئون سب انسپيڪٽر ( پي آر او ايس ايس پي آفيس نوشهرو فيروز) ۾ پنهنجي ڊيوٽي جا فرض انجام ڏئي رهيو آهيان. اداري اندر عام اھلڪار ھجن يا وڏا آفيسر ھجن شھيد پيءُ جي ڪري مون کي تمام گھڻي عزت جي نگاهه سان ڏسندا رھندا آھن. مون کي فخر آھي ته آئون پوليس فورس جو حصو آھيان، جيڪي سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي سربلندي لاءِ وڙھي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.