سنڌ حڪومت صوبي ۾ جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ جي مک آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن جي مطالبي تي ڪوٺايل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن جي صدارت سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر ڪئي۔ هن اجلاس ۾ سنڌ جي سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو ۽ کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل ۽ آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي۔ حقيقت ۾ هن قسم جا اجلاس گذريل پنجاهه سالن کان ٿيندا پيا اچن ۽ فيصلا ڪيا پيا وڃن زرعي آبادگار تنظيمون مختلف فورمن تي اعلي سطحي اجلاسن رڙيون ڪنديون پيون اچن پر هن وقت تائين سنڌ مان جعلي ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ جنسن جو ڪاروبار ختم ته ٿي ناهي سگهيو پر اڃا به وڌيو آهي جو زرعي ڪمپنيون سنڌ ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪري چڪيون آهي ۽ اهڙين غير معياري ڪمپنين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڪاروباري زرعي ڪمپنيون ۽ لاڳاپيل ادارا فيضياب ٿي ڪک مان ارب پتي ٿي محفوظ رستي سان نڪري وڃن ٿا۔
زرعي مسئلن ۽ موجود حالتن جي لحاظ کان وزير زراعت سنڌ جي آبادگار تنظيمن سان ٿيل هي گڏجاڻي انهي ڪري به اهم هئي جو ان ۾ زراعت سان واڳيل ٻين مسئلن تي به غور ويچار ڪيو ويو جن ۾ سنڌ سيڊ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ، سرٽيفائيڊ ڪپهه جي قسمن، ڀاڻ جي کوٽ، زرعي جنسن جي فراهمي وارا مسئلا سرفهرست هئا جن تي تفصيلي طور ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وزير زراعت لاڳاپيل ڌرين کي انهن مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ روزاني بنياد تي جعلي زرعي دوائن ڀاڻ ۽ جنسن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو هن ڏس ۾ هر ضلعي ۾ زرعي مانيٽرنگ ٽيمون فعال ڪيون وينديون جيڪو حوصلا بخش فيصلو آهي ۽ جيڪڏهن پوري ريت ان تي عمل ٿئي ٿو سنڌ ۾ زراعت جي بهتري لاءِ مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.هن اجلاس ۾ جيڪو حوصلا بخش فيصلو نظر آيو تنهن ۾ وزير زراعت سردار محمد بخش موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب زرعي شعبي تي ناڪاري اثر پوڻ جي به نشاندهي ڪئي ۽ زور ڀريو ته هن ڏس ۾ جديد زرعي طريقا اختيار ڪرڻ ۽ آبادگارن جي وقت سر رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي۔
سنڌ کي جڏهن به ڪو زراعت وارو وزير مليو آهي ته اهو گهڻو ڪري زرعي شعبي سان واڳيل آبادگار طبقي مان ئي مليو آهي جن کي زرعي مسئلن جي پوري ڄاڻ هوندي آهي پر سنڌ جي بدنصيبي اها آهي جو سنڌ ۾ گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ زراعت واري شعبي ۾ مثالي ترقي ماڻي ناهي سگهيو خاص ڪري جيڪي به زرعي سڌارا ايندا رهيا آهن تن مان عام آبادگار لاڀ وٺي ناهي سگهيو ۽ هر وقت مسئلن جي عتاب ۾ رهيو آهي جو هڪ ته اهو پنجاب جي ڀاڻ زرعي دوائن ۽ جنسن جي ادارن ۽ ڪمپنين جي جعلي ڪاروبار جو شڪار رهيو آهي ۽ ٻيو ته آبادگارن کي فصل لهڻ بعد جنسن جا سرڪاري اگهه نٿا ملن جنهن جو اهو به سبب آهي جو جنسن جي خريد و فروخت ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي واپارين جا پنهنجا منفي رويا شامل رهيا آهن جيڪي سنڌ جي آبادگارن کي اگهه صحيح نٿا ڏين ساڳي وقت سنڌ جي حڪومت به وقت اچڻ تي هٿ ڪڍيو وڃي جنهن سان به اگهه نٿا ملن۔ سنڌ جون ڪاٽن فيڪٽريون ۽ کنڊ جا ڪارخانا به بااثرن جا آهن جيڪي پڻ گهٽ اگهه ڏئي پئداوار خريد ڪن ٿا ۽ اسٽاڪ ڪن ٿا ۽ وقت اچڻ تي اگهه وڌائي مارڪيٽ ۾ مهانگائي جو ڪارڻ بڻجن ٿا جنهن به آبادگار کي مايوس ڪيو آهي۔
سنڌ جي آبادگار تنظيمن سان ٿيل اجلاس ۾ زرعي دوائن ڀاڻ ۽ زرعي جنسن جي جنهن منفي ۽ جعلي ڪاروبار جو ذڪر ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ٿيو وقتائتو قدم آهي پر ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن ڀيري اها ڪاروائي ڪامياب ويندي ۽ آبادگارن کي معياري زرعي جنسون دوائون ۽ ڀاڻ ملي سگهندو۔ وقت جي لحاظ ۽ موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ پنهنجا قائدا قانون ٺاهي جيڪي اسيمبلي مان پاس ڪرائي لاڳو ڪيا وڃن جنهن جي سخت ضرورت آهي۔هن وقت اهو سڄو ڪم صوبائي سطح تي هڪ ئي ڪامورو ڪري رهيو آهي جيڪو ڊئريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ ۽ ان جا ماتحت آفيسر ڪن ٿا جيڪي سياسي مداخلت سبب ۽ اختيار نه هجڻ ڪري ڪمزور آهن پوليس ۽ عدالتون به ساڻن سهڪار نٿيون ڪن۔ڊئريڪٽر جنرل زراعت کي زراعت جي واڌاري ۽ آبادگارن کي زرعي تبليغ واري قومي ڪم فصلن جي پوکائي بابت رٿابندي به ڪرڻي پوي ٿي ۽ زرعي عملو مختلف قسمن جا فيلڊ ورڪ ڪري ٿو جنهنڪري به ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي چڪاس نمونا کڻڻ وارو عمل متاثر رهي ٿو جنهن کي نظر ۾ رکندي پلانٽ پروٽيڪشن سيڊ ۽ فرٽيلائيزر وارا شعبا الڳ الڳ قائم ڪرڻ گهرجن جن جا ڊئريڪٽر جنرل الڳ الڳ هجن۔هونئن به 20 گريڊ جون ائڊيشنل ڊئريڪٽر جنرل زراعت جون پوسٽون موجود آهن ۔ڊئريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن ڊئريڪٽر سيڊ جون 19 گريڊ جون پوسٽون به اڳ ۾ ئي موجود آهن جنهنڪري مالي گهرجن جي ضرورت نه پوندي۔ زرعي انسپيڪٽرن جي لاءِ به هر ضلعي ۾ 18 گريڊ جا آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن۔اهڙي طرح هن قسم جي ڏوهن جي خاتمي لاءِ خصوصي عدالت جو قيام عمل ۾ آڻڻو پوندو ڏنڊ ۽ قيد جي سزائن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ته جيئن غيرمعياري ڪاروبار ڪندڙن ۾ خوف پئدا ٿئي۔
سنڌ ۾ ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو ڪاروبار ڪندڙ زرعي ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ رنيئول في ۾ ڳرو اضافو ڪرڻ گهرجي۔ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ زرعي ڪمپني جي هيڊ آفيس سنڌ ۾ هجڻ گهرجي جنهن به زرعي ڪمپني کي آفيس عملو گاڏيون فلنگ پلانٽ پنهنجو نه هجي انهن جا لائسنس ڪينسل ڪري کين ڳريون سزائون ڏنيون وڃن جنهن سان ئي سنڌ ۾ زرعي انقلاب اچي سگهندو ڪابه شڪايت نه رهندي۔ زرعي ڪمپني تي لازم هجڻ گهرجي ته ان جو فيلڊ عملو زرعي گريجوئيٽ يا ڊپلوما هولڊر هجڻ گهرجي ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ هجي۔