ڪاش! بابا اسان سان گڏ هجي ها

تحرير: تخليق لاشاري

چوندا آهن ته وقت وڏو مرهم آهي، ڪيترو به وڏو ۽ گهرو زخم ڇو نه هجي وقت سان اهو ڀرجي ويندو آهي. ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي پر ڪي زخم وري اهڙا هوندا آهن جيڪي وقت سان گڏ گڏ وڌندا ويندا آهن گهٽبا ناهن.اسان جي بابا فقير محمد لاشاري جو وڇڙڻ اسان جي زندگي جو اهڙو  ڏک ۽ اهڙو زخم آهي جو وقت ته ڇا ڪوئي به ان کي ڀري نٿو سگهي. پيءُ ماءُ جو ڪو نعم البدل هوندو آ ڇا؟ قطعن نه.

ننڍڙا ٻار هئاسين جڏهن بابا جي بي وقتائتي ۽ حادثاتي وڇوڙي جو پهاڙ اسان تي ٽٽو. ڄڻ عرش تان کڻي اسان کي ڪنهن فرش تي اڇلائي ڇڏيو هجي. اسان جي زندگي جو اهو ڪارو ڏينهن 17 جولاءِ 1993ع ڇنڇر هو. رات جو اها خبر آئي ته اسان جي سهڻي بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي  اسان سڀ هڪ ڪمري ۾ امان سان گڏ بابا جي فون جو انتظار پئي ڪيو ته بابا جو فون اچڻو آهي ته مان صبح يا رات تائين گهر پهچي ويندم. فون ته آيو پر بابا جو نه  اهو چاچا تاجل بيوس هو جنهن ٻڌايو ته اسلام آباد مان ايندي بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي صرف اهو ٻڌي ته بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. اها ڪاري رات اسان کان ڪڏهن ناهي وسريايئن اسان جي خوشين واري زندگي ڏکن ۾ بدلجي وئي.

جڏهن اسان واپس ڪراچي آياسين بابا کي ڳوٺ ۾ ڇڏي ته اسان جي دنيا بدلجي چڪي هئي.گهر ۾ بابا جو سامان ڪپڙا، پرفيوم، پين (جنهن سان رات جو روز بابا اخبار لاءِ ايڊيٽوريل لکندو هو) پيڊ پنا سڀ ڪجهه ته هو صرف بابا ڪونه هو، جڏهن مان ڇت تي بيهندي هئم روڊ رستا ماڻهو گاڏيون سڀ اونئن ئي هئا ڪنهن تي به ڄڻ ڪو فرق نه آيو  هو، انهن کي ڏسي منهنجي دل چوندي هئي ته جيڪر زور زور سان رڙيون ڪيان سڀني کي ٻڌايان ته منهنجو بابا هن دنيا ۾ ناهي رهيو. پوءِ هن دنيا وارن کي فرق ڇو نه پيو آ صرف اسان جي دنيا ڇو  اجڙي وئي. پر ايئن نه هو. پوءِ خبر پئي ته سنڌ کي به وڏو نقصان پهتو آ. جڏهن بابا کي ڳوٺ کڻي آيا ته اسان جي ڳوٺ واري گهر ۾ ايئن لڳو ڄڻ سڄي سنڌ آئي آهي. اسان ته روئون پيا  رڙون پيا پر اسان  سان گڏ سنڌ ۽ ان جا ماڻهو به اسان سان تڙپيا پئي رنا پئي.

هاءِ موت شل موت اچئي بابا سان گذاريل ٻالڪپڻ اڃا به ياد آهي ايترو گهٽ ٽائيم ۾ بابا اسان کي ڏاڍو پيار ڏئي ويو.

اسان سوچيو به ڪونه هو ته بابا ايئن اوچتو هليو ويندو. اڪثر خواب ۾ ڏسندا هياسين ته بابا واپس اچي ويا آهن، اسان ڏاڍا خوش ٿيا آهيون پر جڏهن اک کلندي هئي ته اها ئي اداسي، ويراني اهو ئي ڏک (هاءِ جدائي)

هاڻي بابا کي وڇڙي 32 سال گذري ويا آهن اسان سڀني ڀينرن ڀاءُ شادي ڪري  پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ سيٽ ٿي ويا آهيون ان ۾ به اسان جي بابا جون دعائون پاڻ  سان گڏ آهن. هتي مان امڙ کي به ضرور خراج پيش ڪندس جنهن بابا کانپوءِ اسان کي سنڀاليو، پڙهايو ۽ لکايو،  اسان جي ماءُ اسان جي خاطر تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. پر بابا اسان کي توهان هر پل ياد آهيو اڃا تائين ايئن سوچندا آهيون ته ڪاش بابا اسان سان گڏ هجن ها

چوندا آهن ته وقت وڏو مرهم آهي، ڪيترو به وڏو ۽ گهرو زخم ڇو نه هجي وقت سان اهو ڀرجي ويندو آهي. ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي پر ڪي زخم وري اهڙا هوندا آهن جيڪي وقت سان گڏ گڏ وڌندا ويندا آهن گهٽبا ناهن.اسان جي بابا فقير محمد لاشاري جو وڇڙڻ اسان جي زندگي جو اهڙو  ڏک ۽ اهڙو زخم آهي جو وقت ته ڇا ڪوئي به ان کي ڀري نٿو سگهي. پيءُ ماءُ جو ڪو نعم البدل هوندو آ ڇا؟ قطعن نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.