شام ۾ فرقيوار تشدد جي تازي لهر ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ شامي حڪومت لاءِ مشڪل پيدا ڪري ڇڏي آھي. جولاني ملڪ تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.تشدد جي اھا لھر 13 جولاءِ تي ”دروز“ اقليت جي واپاري جي اغوا بعد پيدا ٿي.جنھن ۾ڏکڻ شام ۾ دروز مليشيا ۽ سني بدوين ويڙھاڪن ۾ چڪريون شروع ٿيون.ٻن ڏينهن بعد، 15 جولاءِ تي اسرائيل فوجي مداخلت ڪئي ۽ چيو ته سندس فوج ”دروز “ آبادي جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن کي نشانو بڻائيندڙ شامي فوج کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي.انساني حقن لاءِ شامي آبزرويٽري جي مطابق گذريل آچر کان وٺي شام جي صوبي سويدا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 350 ماڻهون ماريا ويا آهن. ‘دروز’ اڪثريتي صوبي سويدا ۾، اپريل ۽ مئي 2025 ۾ دروز جنگجوئن ۽ نئين شامي سيڪيورٽي فورسز جي ويڙهه ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا هئا.جنھن بعد شروع ٿيل تشدد ۾ علوي اقليت جا سوين ميمبر مارجي ويا، جيڪي اڳوڻي حڪمران بشار الاسد جا حامي هئا.
”ڊروز“ عربي ڳالهائيندڙ ھڪ مذهبي اقليت آهي جيڪا شام، لبنان، اسرائيل ۽ قبضي ڪيل گولان هائٽس ۾ رهي ٿي. دروز عقيده شيعه اسلام جي هڪ شاخ آهي جنهن جي پنهنجي منفرد سڃاڻپ ۽ عقيدا آهن.”دروز “هڪ خدا تي يقين رکن ٿا.’ انهن کي ‘بنو معروف’ پڻ سڏيو ويندو آهي. ‘دروز’ نالو دروز (محمد بن اسماعيل الدروزي) مان ورتل چيو وڃي ٿو.جيڪو لبنان ۽ شام ۾ پنهنجن عقيدن جي تبليغ ڪندو هو. دروز بنيادي طور تي لبنان، شام، اسرائيل ۽ اردن ۾ رھن ٿا.انھن مان ڪجهه ٻين ملڪن ۾ به رھندڙ آهي. فرقي جي لڳ ڀڳ ڏهه لک پوئلڳن مان، اڌ شام ۾ رهن ٿا، جتي اهي آبادي جو 3 سيڪڙو آهن.اسرائيل ۾ ”دروز“ کي رياست سان وفادار سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا ميمبر فوجي سروس ۾ حصو وٺندا آهن. اسرائيلي قبضي هيٺ گولان هائٽس ۾اٽڪل ڏيڍ لک دروز رهن ٿا.
ڊسمبر 2024 ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي زوال کان وٺي، دروز ڏکڻ شام تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪوشش ۾ آھن. دروز ڌڙا نئين حڪومت بابت ورهايل آهن، ڪيترن ئي ماڻهن سويدا ۾ شامي فوج جي موجودگي تي اعتراض ڪيو آهي ۽ شامي فوج ۾ دروز ويڙهاڪن جي ضم ٿيڻ جي مخالفت ڪئي آهي.
سيرين آبزرويٽري فار هيومن رائٽس جو چوڻ آهي ته سرڪاري فوج دروزن جي قتل ۾ ملوث آهي. اهڙين رپورٽن دروزن ۾شامي حڪومت خلاف بي اعتمادي کي هٿي ڏني آهي.
بشار الاسد جي تڪڙي زوال کان وٺي، اسرائيل شام جي اقليتن سان اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھي. مئي ۾ اسرائيل دمشق ۾ صدارتي محل جي ويجهو هوائي حملا ڪيا ۽ چيو ته اهو دروز آبادي تي حملن جي خلاف هڪ چتاءُ ھو. شام ۽ لبنان ۾ ڪجهه دروز شخصيتن اسرائيل تي الزام لڳايو آهي ته هو علائقي ۾ ان بھاني پنھنجو اثر وڌائڻ چاھي ٿو.
اسرائيل جا شامي هدفن تي هوائي حملا 15 جولاءِ تي شروع ٿيا.16 جولاءِ تي، اسرائيل دمشق ۾ صدارتي محل، شام جي وزارت دفاع ۽ شامي فوج جي هيڊ ڪوارٽر تائين حملا وڌائي ڇڏيا.اھي حملا ڊسمبر 2024 کان پوءِ شام ۾ اسرائيل جو سڀ کان سنگين آپريشن آهن. ملڪ ۾ سوين فوجي هدفن کي تباهه ڪيو ويو ۽ شام ۾ گولان هائٽس ۾ گڏيل قومن جي بفر زون تي قبضو ڪيو ويو. اسرائيل ڪيترائي ڀيرا شام تي حملو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد نئين حڪومت جي فوج صلاحيت کي وڌائڻ کان روڪڻ آهي، جنهن کي اهو اسرائيلي سيڪيورٽي لاءِ هڪ امڪاني خطرو سمجهي ٿو..
آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا شام ۾ تازي تشدد بابت "گهڻي ڳڻتي” ۾ آهي. 16 جولاءِ تي اسرائيلي حملي کان پوءِ هن وڌيڪ چيو: "اسان مخصوص قدمن تي متفق ٿيا آهيون جيڪي هن پريشان ڪندڙ ۽ خوفناڪ صورتحال کي ختم ڪندا.”لبنان، عراق، قطر، اردن، مصر ۽ ڪويت سميت ڪيترن ئي عرب رياستن شام جي حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي.سعودي پرڏيهي وزارت اسرائيلي حملي کي شام تي "ظالم اسرائيلي حملو” قرار ڏنوآھي.
تازي تشدد شام ۾ سيڪيورٽي ۽ سياسي منظرنامي جي ڪمزوري کي اجاگر ڪيو آهي، ۽ اها لهر ملڪ ۾ نئين فرقيوارا حملن جي خوف کي وڌائي رهي آهي.فرقيوار جھيڙا ۽ نتيجي ۾ اسرائيلي حملا جنگ کان پوءِ شام جي تعمير جي ڪوششن کي به پٽڙي تان لهڻ جو خطرو آهي.اسرائيل ممڪن طور تي نئين شامي حڪومت ۽ ڏکڻ ۾ ان سان لاڳاپيل اسلامي جنگجوئن کي پاڻ لاءِ خطرو سمجھي رھيو آھي. جنھن ڪري اسرائيل دروزن جي حمايت ڪري رھيو آھي.