آخري ٽهڪ ڪير ڏيندو؟

سهيل وڙائچ

في الحال ته سڀني جو کلڻ بند آهي، ٽهڪ رڪيل آهن، ڳالهه شروع ڪندڙ ٿڪل ۽ بيزار آهن ۽ جن کي اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي، اهي حيران ۽ پريشان آهن. ٻنهي پاسن جي ساهه مُٺ ۾ آهي. ياد ڪريو، مهينو اڳ ته چوڏهينءَ جي چنڊ جون خوشيون ملهايون پئي ويون، هني مون جاري هو، پر جشنِ طرب جي تهه ۾ ڪافي عرصي کان لڪل طوفان آخرڪار ٻاهر اچي ئي ويو ۽ حڪومتي اتحادين کي ڌڪ لڳي ويو آهي. هاڻي هر ڪو ان ڌڪ کي سهڻ ۽ ان جو اثر زائل ڪرڻ جون تدبيرون ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ڳالهه شروع ڪرڻ، منصوبو پيش ڪرڻ يا سيٽي وڄائڻ سان هڪ ارتعاش ته پيدا ٿي وڃي ٿو، پر اها ڳالهه ڪيڏانهن وڃي ٿي ۽ آخرڪار ان جو نتيجو ڇا نڪري ٿو، اهو سڀ کان اهم هوندو آهي. ڄڻ ته ڳالهائڻ ڪيترو به نئون قدم هجي، اصل معاملو نتيجي تي منحصر هوندو آهي. ان ڪري ڏسڻو اهو آهي ته ”آخري ٽهڪ ڪير ڏيندو؟“

سياسي موسم صاف هجي ته اقتدار وارن لاءِ سڪي زمين تي هلڻ آسان رهندو آهي، پر جڏهن طوفان ۽ برسات هجي ته سياستدان گپ ۾ تمام گهڻي احتياط سان هلندا آهن. سندن تجربو کين ٻڌائيندو آهي ته ترڪڻ کان ڪيئن بچي هلڻو آهي. موسم چڱي خاصي صاف هئي، خبر ناهي اوچتو ڪٿان برسات اچي وسي آهي. هن وقت هر سياسي گهر ۽ دڪان ۾ برسات ۽ ڪيچڙ کان بچي گذرڻ جي حڪمت عملي تي غور ويچار جاري آهي. ائين لڳي ٿو ته هن وقت هن معاملي جو هر ڌر اردو لفظ ”ڀڳت“ کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ استعمال ڪري رهي آهي. اقتدار ۾ شامل جماعتن جو ڀوڳ شروع آهي، پ پ وارا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهن، ن ليگ وارا ڀوڳائڻ چاهين ٿا، انصافي ڳالهه شروع ڪندڙن ۽ پنهنجن مخالف سياست ڪندڙن کي هن معاملي ۾ ڀوڳائڻ چاهين ٿا.

صدر زرداري پڪو سنڌي آهي، پر هو سنڌ ۽ پاڪستان کي هڪ ئي جسم جا ٻه حصا سمجهي ٿو. پنهنجي ماضيءَ جي تجربن سبب هن وڏي سوچ ويچار سان مقتدر قوتن سان گڏجي هلڻ جو فيصلو ڪيو هو. مقتدرا جي ڪنهن فيصلي خلاف مزاحمت ڪندڙ شايد هو آخري سنڌي هوندا، پر معاملو جڏهن سندن سياست، قيادت يا عزت ۽ وقار جو هجي ته هو مفاهمت جو چولو لاهي مزاحمت جي زرهي به پائي سگهن ٿا. يارهن سالن جي مسلسل قيد مزاحمتي سوچ کان سواءِ ته نٿي ڪاٽي سگهجي. مزاحمت جي رک ۾ اڃا به چڻنگون ته هونديون. سندن مسئلو، رانا ثناءُ الله جي چوڻ موجب، پيپلزپارٽيءَ جي انا جو نه، پر بقا جو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن کين مجبور ڪيو ويو ته ڪٿي ”تنگ آمد بجنگ آمد“ واري صورتحال پيدا نه ٿي وڃي. هن معاملي جو ٻيو وڏو ڌر نواز شريف آهي. ن ليگ وارا في الحال مصلحتاً خاموش آهن، پر هو اهو ٻڌائڻ ۾ نٿا ڪيٻائين ته سندن حڪومت ۽ جماعت کي ڪيترائي ڀيرا نون صوبن جي ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر ن ليگ وارا هن معاملي ۾ اڳڀرائي يا سبقت وٺڻ جا قائل نه ٿيا. تڏهن ئي اها ڳالهه ن ليگ بدران ڪنهن ٻئي فورم تان ڪرائي وئي.

تاريخي اعتبار سان ن ليگ جي قيادت هن وقت سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار تصور ڪئي وڃي ٿي. پاڻ نواز شريف جتي پرڏيهي ۽ معاشي معاملن ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، اتي جنرل ضياءَ الحق کان پوءِ ايندڙ مقتدرا جي هر سربراهه سان سندن اچ وڃ ۽ ڪم ڪار جا لاڳاپا به رهيا آهن. انهن لاڳاپن ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن لاٿ چاڙهه جو شڪار رهيا، پر عام طور تي هو پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف سان گڏجي ئي حڪمت عملي ٺاهيندا آهن. ماضيءَ جي تلخين کان پوءِ هو به ان ڳالهه جا قائل ٿي چڪا آهن ته مقتدرا ۽ حڪومت ۾ اختلاف سان رياست کي نقصان پهچي ٿو. ان ڪري هو ڪو مهم جوئيءَ وارو فيصلو نه ڪندا، پر شايد هن مسئلي سان مڪمل اتفاق ڪرڻ به سندن لاءِ ڏکيو هوندو. نواز شريف کي هن نظام ۾ پنهنجي وزيراعظم ڀاءُ سبب ايترو مقام حاصل آهي، جو سندن ڳالهه غور سان ٻڌي ويندي ۽ ان کي مڪمل طور رد ڪرڻ به آسان نه هوندو.

حڪومت کان ٻاهر مخالف ڌر ۾ ٻيا ٻه سياسي ڌر به نون صوبن جي حوالي سان اهم آهن. قيدي نمبر 804 جي حامين لاءِ حڪومتي اتحادين ۽ مقتدرا ۾ هلڪو ڦلڪو ڏار به خوشيءَ جي خبر بڻجي ويندو آهي. تحريڪ انصاف روايتي طور نون صوبن جي حامي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اها هن نازڪ موقعي تي هن مسئلي تي مقتدرا سان گڏ ٿي وڃي ته ان سان اتحادي جماعتون ڪمزور پئجي وينديون ۽ تحريڪ انصاف ۽ ان جي سربراهه لاءِ رستا کلڻ شروع ٿي سگهن ٿا. بظاهر هن معاملي ۾ ”ڍر “ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته قيدي نمبر 804 کي اسپتال وٺي وڃڻ يا معمولي سهولتون ڏئي معاملو حل ٿي وڃي ته ٿي وڃي، عمران خان کي آزادي يا سياست ڪرڻ جو وڏو رليف ڏيڻ جو ڪو امڪان ئي نظر نٿو اچي. ان جو سبب اهو آهي ته عمران لاءِ غير معمولي رعايت سڄي موجوده نظام جي زوال جو سبب بڻجي سگهي ٿي. نوان صوبا ٺاهڻ خاطر نظام پاڻ لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ نه چاهيندو. ان جو مطلب ٿيو ته عمران خان کي نون صوبن جي بدلي ٽافي ته ملي سگهي ٿي، شاندار لنچ يا ڊنر نه. سوال اهو هوندو ته ڇا تحريڪ انصاف مجبوراً اها ڪمزور ڊيل قبول ڪندي يا وري ”مان نٿو مڃان“ واري مزاحمت تي قائم رهي ڪنهن سٺي وقت جو انتظار ڪندي؟

مذهبي ۽ پارلياماني سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو نالو اهم آهي. هو به في الحال نون صوبن جي قيام جا حامي ناهن. بظاهر سياستدانن مان گهڻا هٻڪ ۽ پاسو ڪرڻ وارو ردعمل ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مقتدرا طرفان ترجيح ۽ تڪڙ جا اشارا ملي رهيا آهن. سياستدان حڪمت عمليءَ سان ان کي ملتوي ۽ دير طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا. صورتحال ڪجهه اهڙي بڻجي وئي آهي، جو ن ليگ وارا ڀلي چوندا رهن ته سڀ ٺيڪ آهي، پر ان لفظي آفيم سان عارضي تسلي ته ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن دونهون اٿڻ شروع ٿي وڃي ته پوءِ ان جي چڻنگ کي وسائڻ سولو ڪم ناهي.

ملڪ جي هر سياسي محفل ۾ هن وقت هڪ ئي موضوع بحث هيٺ آهي ۽ اهو آهي نون صوبن جو قيام. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي سياست ۾ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۽ ڇهن نهرن جي قيام تي جيڪو شديد ردعمل آيو هو، اهڙو ئي ردعمل ڪراچي ۽ سنڌ کي الڳ ڪرڻ واري تجويز تي اچي رهيو آهي. ڪالاباغ ڊيم ۽ ڇهن نهرن تي دٻاءَ باوجود انهن منصوبن کي منسوخ ڪرڻو پيو هو، پر هن ئي سال بجيٽ دوران صلح صفائي ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي پنجاب سان گڏ سنڌ به پنهنجي ترقياتي بجيٽ جو خاطرخواه حصو رضامنديءَ سان وفاق حوالي ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته ماضيءَ جا رويا هن طرز عمل جي ابتڙ رهيا هئا. جڏهن پيار سان ڳالهه ڪئي وئي، صوبن جي خدشن ۽ ترجيحن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ته سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي بنا ڪنهن اعتراض جي اهو ڪري ڇڏيو، جنهن جي انهن کان اميد به نه هئي. زور زبردستيءَ سان نازڪ ۽ حساس معاملا حل نٿا ٿين، بلڪه وڌيڪ بگڙي وڃن ٿا. موجوده نظام، جنهن ۾ رياست ۽ سياست گڏجي هلي رهيا آهن، ان جي مثال هڪ ڀت جهڙي آهي. ڀت جي هر سر ٻيءَ سر کي مضبوطي ڏئي ٿي، پر جيڪڏهن هڪ سر ڀت مان ڪڍي وڃي ته سڄي ڀت کوکلي ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري ئي ڌڪ سان ان کي ڪيرائڻ آسان ٿي وڃي ٿو. انديشو آهي ته هڪ ٻئي کي ڀوڳائڻ ۾ ڪٿي سڀ جا سڀ ئي نه ڀوڳجي وڃن. يا اهو ياد رکڻ گهرجي ته اندروني اختلاف ئي نظام جي ڀوڳ جو سبب بڻجن ٿا.

You might also like