سعودي مان يورينيم ۽ ٻئي ناياب معدنيات سوڌو 11 ڪروڙ ٽن معدني ذخيرا دريافت

سعودي عرب مديني واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 11 ڪروڙ ٽن معدني خام مال جا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ ناياب ارضي معدنيات سان گڏ يورينيم به شامل آهي.

سعودي توانائي واري وزير شهزادي عبدالعزيز بن سلمان اهو اعلان عالمي جوهري توانائي اداري جي جنرل ڪانفرنس جي 70هين باقاعده اجلاس دوران ڪيو.

شهزادي عبدالعزيز موجب، مديني ۾ جبل سيد منصوبي واري هنڌ تي ڪيل ڳولا ۽ زميني اڀياس دوران اندازو لڳايو ويو آهي ته اتي لڳ ڀڳ 11 ڪروڙ ٽن معدني خام مال جا ذخيرا موجود آهن.

هن ٻڌايو ته انهن ذخيرن ۾ ناياب ارضي عنصرن جو مقدار نمايان طور تي وڌيڪ آهي، خاص طور تي ناياب ارضي معدنيات، جڏهن ته يورينيم جي به لاڀائتي مقدار موجود هجڻ جا اشارا مليا آهن.

سعودي توانائي واري وزير چيو ته اها دريافت ملڪ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا ۽ واڌ ويجهه وارين ڪوششن لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ناياب ارضي معدنيات جديد ٽيڪنالاجي، اليڪٽرانڪس، بجليءَ تي هلندڙ گاڏين ۽ وري استعمال لائق توانائي سميت ڪيترين ئي اهم صنعتن ۾ استعمال ٿينديون آهن.

دريافت جا تفصيل سعودي عرب جي معدني ۽ توانائي وارن شعبن ۾ وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ ملڪ جي معيشت کي تيل تي ڀاڙڻ کان ڪڍي مختلف شعبن ۾ ڦهلائڻ وارين ڪوششن جي حوالي سان پڻ اهم قرار ڏنيون پيون وڃن.

You might also like