تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ثقافت واري وزير مڪي زوهر فلسطينين جي قتلِ عام تي ٺهيل دستاويزي فلم ”نازا“ جي اسرائيلي هدايتڪارن يووال ابراهم ۽ ريچل زور کي غدار قرار ڏيندي سندن اسرائيلي شهريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ مڪي زوهر چيو ته هو فلم سازن يووال ابراهم ۽ ريچل زور جي اسرائيلي شهريت رد ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا.
مڪي زوهر فلم جي ڪاميابي کي ڇرڪائيندڙ قرار ڏيندي دستاويزي فلم کي” انتهائي نفرت جوڳو“ قرار ڏنو.
هن فلمسازن تي الزام مڙهيو ته انهن پرڏيهه ۾ داد ۽ واکاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچايو، جڏهن ته اهڙا قدم رياست سان غداري جي زمري ۾ اچن ٿا.
اسرائيلي ثقافت واري وزير چيو ته اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن سئنما جي شعبي ۾ اهم سڌارن جي اڳواڻي ڪئي ته جيئن اسرائيلي شهرين کي پنهنجي کيسي مان اسرائيلي فوجي اهلڪارن ۽ اسرائيلي رياست کي پهچندڙ نقصان جي قيمت ادا نه ڪرڻي پوي.
مڪي زوهر وڌيڪ چيو ته ثقافت واري وزير جي حيثيت سان هو انهن مذمت مذمت جوڳن فلمسازن جي رياست سان غداري جي ڏوهه ۾ اسرائيلي شهريت فوري طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪندو.
واضح رهي ته وينس فلم فيسٽيول ۾ خصوصي جيوري ايوارڊ کٽيندڙ دستاويزي فلم ”نازا“ ۾ غزا ۾ فلسطيني شهرين جي قتلِ عام جو جائزو ورتو ويو آهي، جڏهن ته فلم ۾ اسرائيلي فوجين ۽ انٽيليجنس اهلڪارن جون شاهديون پڻ شامل آهن.
فلسطيني شهرين جي موت بابت ٺهيل هن دستاويزي فلم کي وينس فلم فيسٽيول ۾ نمائش دوران 25 منٽن تائين بيهي داد ڏني وئي هئي.
غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بابت دستاويزي فلم ٺاهيندڙن کي اسرائيل ”غدار“ قرار ڏئي ڇڏيو، شهريت ختم ڪرڻ جو اعلان
You might also like