اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي وڌندڙ اگهن سبب ”پيٽروليم سمارٽ لاڪ ڊائون“ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن کي نظر ۾ رکندي مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ”پيٽروليم سمارٽ لاڪ ڊائون“ بابت اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو اڄ شام ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، تجويز ڪيل لاڪ ڊائون تحت سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ هفتي جا 4 ڏينهن ڪم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل ۽ اچ وڃ گهٽائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن لاءِ روٽيشن تحت ڪم ڪرڻ وارو فارمولو به غور هيٺ آهي.
ان کانسواءِ بازارون 3 ڏينهن بند رکڻ ۽ ڪاروباري مرڪزن جي ڪم جا وقت گهٽائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
تيل مهانگو، حڪومت جو نئون فارمولو، 4 ڏينهن آفيسون، 3 ڏينهن بازارون بند رکڻ فيصلو
You might also like