باب المندب ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي سلامتي خطري ۾، سعودي ولي عهد جي مصري صدر سان قاهرا ۾ اهم ملاقات

قاهرا(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان قاهرا ۾ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مصر جي صدارتي آفيس موجب، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آبناءِ باب المندب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي چُر پُر جي آزادي ۽ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
صدارتي آفيس موجب، مصر سعودي عرب طرفان پنهنجي سلامتي ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي، جڏهن ته يمن جي بحران جي گڏيل ۽ پائيدار سياسي حل لاءِ ڪوششن جي حمايت ڪئي وئي.
واضح رهي ته گذريل هفتي ايران جي اتحادي حوثين ڳاڙهي سمنڊ جي اوڀرندي سامونڊي ڪناري ۽ باب المندب تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي سرگرميون متاثر ٿيڻ کانپوءِ باب المندب جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي.
فرانس جي درخواست تي باب المندب جي صورتحال بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس اڄ نيويارڪ ۾ ٿيندو.
سعودي عرب خبردار ڪيو آهي ته هو حوثين جي حملن جو ”فيصلائتو“ جواب ڏيندو.

You might also like