حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي سازشن خلاف 20 سيپٽمبر کان سڄي سنڌ ۾ عوامي سجاڳي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪارڪنن کي سڄي سنڌ ۾ ”سنڌ منهنجي امان“ جي چاڪنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ڏيندي قادر مگسي چيو ته ”ڌمڪيون نه ڏيو، توهان بندوق کڻي اچو، اسان ڪن کان پڪڙي چماٽ هڻي بندوق کسڻ جو ٻل رکون ٿا.“
هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جون سازشون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون ۽ عوام کي ان معاملي تي سجاڳ ڪرڻ لاءِ مهم هلائي ويندي.
قادر مگسي اعلان ڪيو ته ”سنڌ منهنجي امان“ جي عنوان هيٺ 15 نومبر تي ڪراچي جي شاهراهه قائدين تي نون صوبن ۽ نون انتظامي يونٽن خلاف لکين ماڻهن جي ريلي ڪڍڻ کانپوءِ جلسو پڻ ڪيو ويندو.
سنڌ ورهائڻ جي سازشن خلاف قادر مگسي ميدان ۾، 15 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ ملين مارچ جو اعلان
You might also like