” عوام کي ڇوٽڪارو کپي، وفاقي حڪومت هوش کان ڪم وٺي“شرجيل ميمڻ به پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيٽروليم ليوي بابت پي ٽي آءِ واري ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي وڌندڙ اگهن سبب عوام پريشان آهي، حڪومت پيٽرول تي في ليٽر 100 رپين کان وڌيڪ ليوي اوڳاڙي رهي آهي، اها ليوي ختم ڪئي وڃي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ بابت پي ٽي آءِ جي ميمبر محمد اويس ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي شرجيل انعام ميمڻ ڀرپور حمايت ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ان کي وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ گهرجي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي اتحادي هئي، ان وقت پيٽرول جي قيمت ۾ رڳو هڪ رپيو واڌ تي حڪومت کان ڌار ٿي وئي هئي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل آهن، انهن کي ان معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي.
صوبائي وزير موجب، اسان قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام کي پيٽروليم اگهن جي وڌندڙ بار مان ڇوٽڪارو ڏياري.

You might also like