ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جتوئي هائوس جي ترجمان وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ جي بيان کي ڪجهه شرپسند ماڻهو اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي ڏنل بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري عوام ۾ غلط فهمي پکيڙي رهيا آهن.
ترجمان چيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏي وزير، گورنر ۽ اسيمبلي هڪ هجي، جڏهن ته ضلعي يا ڊويزن جي سطح تي مڪاني نظام يا يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي جي وحدانيت تي جتوئي خاندان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ اهڙي ڪا سوديبازي ڪندو.
ترجمان موجب، جتوئي خاندان اڳ به سنڌ ۾ ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جڏهن ته ان وقت موجودا سنڌ حڪومت ان نظام جي حمايت ڪئي هئي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ ۾ مضبوط مڪاني نظام ڏسڻ چاهيون ٿا، جيڪو نظام مشرف جي دور ۾ موجود هو.
You might also like