اقتداري سياست: پردي پٺيان ٿيندڙ چُرپُر

تحرير: عارفھ نور

جنگ ختم ٿي چڪي آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ ڳالهيون اڃا ختم نه ٿيون آهن، نه رڳو  جوھري ھٿيارن سان ليس ٻن ايٽمي ملڪن  وچ ۾ جاري آھي بلڪھ ٻئي ملڪ اولهھ سان بھ ڳالھين  ۾ مصروف آھن. ٻنهي ڌرين فيصلو ڪيو آهي ته ھي اولھھ کي باور ڪرائڻ جو  وقت آهي ته اھي حقيقي مظلوم آھن.ايتري تائين جو جيڪڏھن اقوام عالم يعني بين الاقوامي برادري (۽ آمريڪا) مڪمل طور تي قائل نه بھ ٿين تھ اصل مقصد پنھنجي گهر ۾ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ  آھي ۽ اهو ظاھر ڪرڻ آهي ته سندن  اڳواڻ سخت محنت ڪري رهيا آهن، سٺي انگريزي ڳالهائي رهيا آهن ۽ امڪاني ايٽمي تڪرار  کي ُپُرسڪون انداز ۾ سنڀالي رهيا آهن. پر پوءِ آخر  ۾،  اصل راند تھ  پاڪستان ۽ هندستان جي ماڻهن کي  اھو يقين ڏيارڻ آهي ته دنيا سندن موقف سان گڏ بيٺي آهي، جيتوڻيڪ ضروري ناهي ته  ائين ئي  هجي. عوام يقين ڪري يا نه ڪري، ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم پنهنجي فتح تي ُپراعتماد نظر اچن ٿا.

وزيراعظم ايترو ُپرجوش آهي جو هو نه رڳو پنهنجي ڪابينا بلڪھ اسلام آباد ۾ سفارتي تقريبن ۾ به تقريرون ڪري رهيا آهن. جيڪي ماڻھون ٻڌي رھيا آھن. انهن کي نه رڳو تڪرارن جا تفصيل، ملڪ جي اندر جي معاملن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي سازشين جي باري نه ٻڌايو ويو  آهي، بلڪھ اهو به ٻڌايو ويو آھي  ته پاڪستان 1971 جو بدلو وٺي ورتو آهي، يعني 6 جنگي جهاز ۽ اڌ ملڪ ساڳي ريت ڀاري آهي. ڊپ آهي ته هو هڪ اھڙو مائٽ بڻجي رهيو آهي جنهن کي 40 سال اڳ سندس شوقين دوستن زبردستي شڪار جي سفر تي وٺي ويا هئا ۽ ان وقت کان وٺي هر خانداني شادي ۽ عيد جي گڏجاڻي ۾ ساڳي ڪهاڻي ورجائي رهيو آهي. سندس ڪابينا توڻي وزيرن ۾ بھ ساڳيو جوش موجود آھي.

پرڏيهي وزير بھ تڪرار تي هڪ کان وڌيڪ پريس ڪانفرنسون ڪري چڪو آھي، جڏهن ته دفاع وارو وزير پرڏيهي پاليسي جي اھڙن  فيصلن جو اعلان ڪري رهيو آهي جن تي حڪومت اتفاق راءِ بھ نھ ڪئي آھي. اهو بلڪل  هڪ اھڙي خانداني شادي وانگر آهي جتي ڪو ان ڳالھھ تي غور ڪري رهيو آهي ته مهمانن کي ڪهڙو کاڌو پيش ڪيو  ويندو، سواءِ ان شخص جي جيڪو ان کاڌي لاءِ پئسا ادا ڪندو.

جيڪي ماڻھون حڪومت يا ميڊيا جي معاملن ۾ گهڻا شامل نه آهن، اهي پرڏيهي پاليسي بابت ڪنهن به ڳالهه کان پاسو ڪري رهيا آهن پراھي بھ اھو چوندا رھندا  آهن ته حڪومت اوچتو ڪيتري مقبول ٿي وئي آهي. ڪيتريون ئي دعوائون آهن ته تازي ”جنگ“ حڪومت کي وڌيڪ مقبول بڻائي ڇڏيو آهي. پر ڇاڪاڻ ته جذبات تمام گھڻا  آهن ۽ هر شيءِ کي ويجهي کان ڏٺو پيو وڃي،تنھنڪري ڪو به سخت سوال پڇڻ جي جرئت نھ پيو ڪري ته بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ سنڌ ۾ حڪومت جي حمايت ۾ اھو اضافو ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟ اهي سوال پڇڻ بيوقوفي يا غير محب وطني سمجهيو ويندو، خاص طور تي هڪ ”جنگ“ کان پوءِ جيڪا اصل ۾ اڃا تائين  ختم نه ٿي آهي.

پنجاب ۾ ”سڀ سٺو آهي“ ڇاڪاڻ ته فوج ۽ حڪومت هندستاني حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ان تي شڪ آهي ته،اھو ثبوت طور تي سيالڪوٽ جي ضمني چونڊ جي نتيجن کي ڏسي سگهي ٿو. صرف غيرمحب  وطن گروھ  ئي سوال پڇي رهيا آهن ته هي اليڪشن اڃا تائين غير لاڳاپيل پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ ڪامياب ۽ مقبول مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ ڇو مقابلو ھئي. ڇاڪاڻ ته صوبي جي حڪمران جماعت ، مسلم ليگ (ن) تھ پنهنجي حڪومت، پوليس، انتظاميه ۽ هڪ تمام منصفانه ۽ غير جانبدار اليڪشن ڪميشن جي باوجود کٽي چڪي آهي.

پر اهو حيران ڪندڙ آهي ته پردي پٺيان مصروف نواز شريف،جيڪو سفارتڪاري کان وٺي وڏن ترقياتي فيصلن تائين هر شيءِ جو ماسٽر مائينڊ آھي، جشن ختم ٿيڻ کان اڳ ايون فيلڊ، لنڊن لاءِ روانو ٿي ويو. جيتوڻيڪ هن ڪيترائي ڀيرا فعال سياست ۾ واپس اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پر بلڪل جيئن حڪومتون اڪثر معيشت بابت ”ترقي جي رستي گامزن“ جون دعوائون ڪندون آھن. تنهن ڪري هاڻي ماڻهو ملڪ ۾ سندس سياسي واپسي ۽ حقيقي ترقي ٻنهي جو انتظار ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه، لنڊن مان ايندڙ وڊيوز ڏيکارين ٿيون ته مسلم ليگ (ن) اڃا تائين اتي مردن جي ڊنر گڏجاڻين جي ميزباني ڪري رهي آهي. پر اها صرف هڪ پارٽي ناهي جيڪا پنهنجي پراڻي طريقن کي ورجائي رهي آهي. پي ٽي آءِ به ساڳئي پراڻي اندروني تڪرار، احتجاج ۽ بدامني کي منهن ڏئي رهي آهي. عمران خان، جيڪو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آھي تھ سندس وزير اعليٰ کي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪري، هاڻي پاڻ  جيل مان ان مارچ جي اڳواڻي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. جيڪڏهن سندس ٽيم کي احتجاج دوران ساڻس ملڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ته ڇا ٿيندو ؟ اهو هڪ ‘بيوقوف’ وارو سوال سمجهيو ويندو آهي. ڪو به سوال جيڪو بيانيئي کي چئلينج ڪري ٿو،سو غير محب وطن نه آهي، ته پوءِ يقيني طور تي بيوقوفاڻُو آهي.

پر ڪٿي ڪو اڃا تائين پي ٽي آءِ کي ڊيڄارڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته اهي ڳالھيون ”ليڪ“ ٿي رھيون آھن. ته فيض حميد جو ڪيس ختم ٿيڻ وارو آهي. حقيقت ۾، اهي ليڪس ڪنهن کي  اطلاع ڏيڻ کان وڌيڪ پيغام موڪلڻ بابت آهن. بلڪل اهڙي طرح جيئن حڪومت پنهنجي ڪرپٽو پاليسي جي ”ڪاميابي“ بابت ڳالهائي ٿي. اهي سڀ ڪجهه مختلف ماڻهن کي مختلف پيغام موڪلڻ بابت آهي.

پر هاڻي ڳالھھ  طاقتور ماڻهن طرفان پيغام ڏيڻ  تائين محدود ناهي. اسلام آباد بار پڻ 27 هين آئيني ترميم جي آجيان ڪندي  ميدان ۾ اچي چڪي آهي، جنهن کي حڪومت سرڪاري طور تي تسليم به نه ڪيو آهي. پر اھا خوشنودي حاصل ڪرڻ جي بيتابي جو نتيجو آهي ته اسلام آباد افواهن کي قبول ڪري رهيو آهي.

عام ماڻهو، جيڪي اندروني دائري کان گھڻو  پري آهن،اھي اھو نه ٿا ڄاڻن ته هي ترميم اصل ۾ ڇا ڪندي. ڇا اها صرف ڪجهه پريشان ڪندڙ ججن کي نشانو بڻائيندي (جيڪڏهن ڪنهن وٽ اڃا تائين بھ  اختيار آهي تھ) يا ان کان وڌيڪ سنگين تبديليون اينديون ؟  واقعي ڪو بھ  نٿو ڄاڻي، تنهن ڪري ماڻهو حقيقي سوال پڇڻ بدران گپ شپ ۾ مصروف آهن.

اھي ماڻھون جيڪي ”ڄاڻن ٿا“ اهي چون ٿا ته آئيني بينچ  (پنهنجي سموري حڪمت ۽ قانوني اختيار سان گڏ) پاران حڪمران جماعتن کي  مخصوص سيٽون واپس ڏيڻ کان پوءِ ئي ترميم سامھون ايندي.

پر جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ سيٽن جو تعداد وڌائڻ ايترو ئي آسان آهي، ته پوءِ وزير داخلا جي مولانا سان ملاقات سمجهھ کان ٻاهر آهي. جيتوڻيڪ  لڳي ٿو ان ملاقات دوران   جمعيت علماءِ اسلام فضل الرحمان (JUI-F) جو انقلابي جوش پورو ٿي ويو آھي.  مولانا هاڻي هِتي يا ُھتي  گجگوڙ نه ڪري رهيو آهي يا شايد ماحول اڳ ۾ ئي گرم آهي ۽ هو گرمي پد کي وڌيڪ وڌائڻ نٿو چاهي.

اھي ماڻھون جيڪي ”ڄاڻن ٿا“ اهي چون ٿا ته آئيني بينچ  (پنهنجي سموري حڪمت ۽ قانوني اختيار سان گڏ) پاران حڪمران جماعتن کي  مخصوص سيٽون واپس ڏيڻ کان پوءِ ئي ترميم سامھون ايندي. پر جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ سيٽن جو تعداد وڌائڻ ايترو ئي آسان آهي، ته پوءِ وزير داخلا جي مولانا سان ملاقات سمجهھ کان ٻاهر آهي. جيتوڻيڪ  لڳي ٿو ان ملاقات دوران جمعيت علماءِ اسلام فضل الرحمان (JUI-F) جو انقلابي جوش پورو ٿي ويو آھي.  مولانا هاڻي هِتي يا ُھتي  گجگوڙ نه ڪري رهيو آهي يا شايد ماحول اڳ ۾ ئي گرم آهي ۽ هو گرمي پد کي وڌيڪ وڌائڻ نٿو چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.