هر سال ملڪ جي سالياني بجيٽ جُون مهيني ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ۾، مختلف قياس آرائيون ڪيون وينديون آهن. ڪيترائي تبصرا ۽ تجزيا ڪيا ويندا آهن. بجيٽ جي اعلان کان اڳ ۾ عوام تي اثر پوڻ شروع ٿيو وڃن. ان جو سبب اهو آهي ته، واپاري حلقا کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ڪري، مارڪيٽ ۾ انهن شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهن. سندن اندازو ۽ تجربو کين ٻڌائيندو آهي ته، بجيٽ ۾ فلاڻيون شيون مهانگيون ٿينديون. جنهن ڪري هو، ذخيره اندوزي ڪري بجيٽ جي اعلان کان پوءِ، مهانگي اگھ ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا رهندا آهن. ٻنهي هٿن سان غريب عوام کي ڦريندا رهندا آهن. ڪن واپارين جو چوڻ آهي ته، بجيٽ جي اعلان کان اڳ ۾، کين پئسو ڪمائڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ خوب پئسو ڪمائيندا آهيون. مالي سال 2026-2025 جي بجيٽ اچڻ کان اڳ ۾، هن سال به، ان عمل کي ورجايو ويو. جنهن کان حڪمران ۽ ملڪ جا پاسبان بخوبي واقفيت رکن ٿا. واسطيدار حڪام با خبر رهڻ جي باوجود به خاموشي اختيار ڪريو ويٺا رهندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ته، ان باري ۾ کين ڪابه ڄاڻ ڪونه آهي. ڪوبه علم ڪونه اٿن. هو، مڪمل طرح بي خبر آهن. مطلب ته مذڪوره اعلان کان اڳ ۾ مهانگائي ٿي ويندي آهي خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ ڪافي اضافو پڻ ٿيو وڃي.
ٻئي طرف سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي به اها اميد هئي ته کين هن بجيٽ ۾ رليف ڏنو ويندو. بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ۾، ڄاڻايل طبقو وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو هو. کين پگهارن ۾ خاص واڌ جي توقع هئي. ان سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري به چئي چڪو هو ته، ملازمن جي پگھارن ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪرڻ گھرجي. ان بيان کان پوءِ ملازمن کي اڃا وڌيڪ اميد پيدا ٿي پئي ۽ کين پڪ هئي ته پگھارون ۽ پينشنون رڪارڊ ٽوڙ وڌايون وينديون. پر، جڏهن بجيٽ پيش ٿي ته سندن سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. سمورا خواب اڌورا رهجي ويا. سندن آسرا ختم ٿي ويا. اهي به نا اميد ۽ نراسائي جي حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاڪستان پيپلس پارٽي جي اڳواڻ بلاول صاحب جي بيان مان به ڪو فائدو ڪونه ٿيو ۽ هاڻ نه وري ڪا اميد ئي رکي سگھجي ٿي. ڇو ته، حڪومت کي جيڪي ڦاڙها مارڻا هئا. سي ماري چڪي آهي. وڌيڪ اميد رکڻ گويا ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي مصداق وانگر سمجهڻ گھرجي. باقي فائدي جي اميد ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.
هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ مهل، اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۽ عمران خان جي حامين سخت نعري بازي ڪئي. بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون ويون. غريب دشمن بجيٽ نامنظور جا فلڪ شگاف نعرا لڳائيندا رهيا. مخالف ڌر هُل هنگامو ڪيو. جيڪو ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ ڏٺو ويو. اهو هُل هنگامو قومي اسيمبلي ۾ ڪيو ويو. ۽ وزيراعظم محترم شهباز شريف جي سيٽ جي ويجهو گڏ ٿي نعره هڻندا رهيا. مخالفن جو چوڻ آهي ته، پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو ٿيو آهي جنهن جو حڪومت کي ڪوبه احساس ڪونه آهي. غربت جي ڪري ماڻهن جي قوت خريد متاثر ٿي آهي. ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري ڪونه سگھندو. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته، بجيٽ ۾ پگھاردار طبقي کي ڪابه رعايت ڪونه ڏني ويئي آهي. سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين دونهيندار پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.
جڏهن ته حڪومت ڌر هن بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ قرار ڏيئي رهي آهي. اهڙو بيان رانا ثناءُ الله هڪ سوال جو جواب ڏيڻ مهل ڪيو آهي. هو، ان موقعي تي ڏاڍو خوش نظر آيو پئي ۽ مشڪي رهيو هو. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي حڪومتي وزير ۽ مشير بجيٽ جي ساراهه ڪرڻ مان ڍاپن ئي ڪونه ٿا. پر، مون کي هڪ واپاري نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اهو ٻڌايو ته هر سال وانگر هيءُ بجيٽ پيش ڪئي ويئي آهي. پر، ان مان عوام کي ڪو خاص فائدو ڪونه آهي. صرف ماهرن پنهنجي مهارت ڏيکاري انگن اکرن کي هيٺ مٿي ڪري پيش ڪيو آهي. عوام کي بيوقوف بنايو ويو آهي. هن بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ سڏڻ به هڪ ڀُل ۽ غلطي هوندي. هونئن به مجموعي طرح ڏسجي ٿو ته، هيءَ بجيٽ عوام ۽ زميني حالات کي نظر ۾ رکي ڪونه تيار ڪئي ويئي آهي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. هتي هر فصل پوکيو وڃي ٿو ۽ ميوات جا باغ پڻ موجود آهن. گذريل ٻن سالن کان وٺي زراعت تباهي جي ڪناري ڏانهن ڌڪجندي پئي وڃي. ان جي ترقي لاءِ ڪي خاص قدم ڪونه کنيا ويا آهن. جنهن ڪري آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيئي رهي آهي. ياد رهي ته زراعت جي بغير ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي. جنهن ڪري اهو ضروري آهي ته هن شعبي ڏانهن خاص ڌيان ڏيئي ترقي وٺرائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. ان لاءِ حڪومت کي بار، بار سوچڻ گھرجي ٻئي حالت ۾ اسان ترقي جي راهن تي هرگز گامزن ٿي نه ٿا سگھون.
سولر پئنل، گاڏيون، مشروبات، چاڪليٽ ۽ منرل واٽر مهانگا ڪيا ويا آهن. تنهن کان علاوه بجيٽ ۾ نوجوانن جي روزگار لاءِ ڪو پروگرام شامل ڪونه ڪيو ويو آهي. پر، وفاقي حڪومت چاليهه هزار نوڪرين جون آساميون ختم ڪري ڇڏيون آهن. مختلف ٽئڪس به مڙهيا ويا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن صورتن ۾ ٽئڪس وصولي جي شرح گھٽائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. اهو قدم ساراهه جوڳو آهي. باقي ڏهه ئي ڏوڪڙ لسا لڳا پيا آهن. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته مذڪوره بجيٽ خساري واري آهي. جيڪو 6501 ارب روپين جو آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف به هن حڪومت کي قرض ڏيڻ جي آسري ۽ آڙ ۾ اهڙو ڦاسايو آهي. جو ان مان جان ڇڏائڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري هر ملڪي معاملي ۾ آءِ ايم ايف جو وڏو عمل ۽ دخل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
نئين وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ حڪومت وڏي واڪي اها دعويٰ ڪري رهي هئي ته، هن بجيٽ ۾ هر طرح سان عوام کي رليف ڏنو ويندو. عوام مايوس نه ٿئي. عوام جي فلاح و بهبودي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. پر، جيڪا وفاقي بجيٽ پيش ڪئي ويئي آهي. جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن. تن ۾ عوام جي واهر ته ڪانه ڪئي ويئي آهي. ويتر عوام جو رت چوسڻ ۽ ٽئڪس جي نالي تي ناجائز اوڳاڙيون ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل بجيٽ تيار ڪئي ويئي آهي. اهو به ٻڌو اٿئون ته، وفاقي حڪومت سنڌ جون 16 رٿائون هائوسنگ وزارت جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. ان عمل تي به ڪافي خدشا ۽ تحفظات آهن. جن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگھجي. بيان ڪيل بجيٽ ۾ آن لائين خريداري ڪرڻ تي به ارڙهن سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويو آهي. اها ڏکيائي به عوام لاءِ ئي پيدا ڪئي ويئي آهي.
هاڻ، حڪومت کي گھرجي پنهنجي اتحادي پارٽين سان گڏجي بجيٽ جي بحث دوران ڪا اهڙي پاليسي مرتب ڪن جنهن مان عوام کي ڪو فائدو حاصل ٿي سگھي. جنهن ڪري کين بحث دوران بجيٽ تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو رستو ڪڍيو وڃي. ٻئي حالت ۾ موجوده بجيٽ سان عوام پريشان ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو ۽ آخر تنگ ٿي پوندو اڃا وقت ويو ڪونه آهي. بجيٽ تي بحث مختلف فورمن تي ٿيڻو آهي. ان بحث دوران عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪجهه ڪرڻ گھرجي. اميد ته حڪومت جا پاسبان ۽ اتحادي هن طرف ضرور ڌيان ڏيندا ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.