قوم پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل سال 2025 _ 2026 واري وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي ان کي ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار ۽ بي فائديمند سڏيو آهي هونئن به گذريل ڪجهه سالن کان قوم ۽ ملڪ لاءِ ڳريون بجيٽون پيش ٿينديون رهيون آهن جنهن سان ملڪ مهانگائي ۽ غربت جو شڪار ٿيو آهي. پارليامينٽ ۾ ويٺل عوام جا چونڊيل نمائندا پنهنجي مفاد وٽان پنهنجون پگهارون ته ڇهه ڇهه سئو سيڪڙو وڌرائي وڃن ٿيون پر سرڪاري ملازمن ۽ قوم جي رليف لاءِ وٽن ڪو پروگرام ناهي هوندو۔بهانو آء ايم ايف جي سختين جو قوم آڏو ٻڌايو ويندو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف کي پارليامينٽرين لاءِ ڪو به اعتراض ناهي هوندو سوچڻ جو مقام آهي هونئن به آءِ ايم ايف جو ملڪي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ڪهڙو جواز آهي ڇا ملڪ هن سجاڳي واري دور ۾ آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي يا چڱو مڙس آهي۔
وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪا بجيٽ منظور ڪئي يا وري وفاقي وزير خزانه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪئي ان موجب اها بجيٽ لڳ ڀڳ 18 هزار ارب رپين جي هئي جنهن ۾ ساڍا ٽي سيڪڙو خسارو ڏيکاريل آهي جڏهن ته ملڪ ۽ قوم 76 هزار اربن جي ملڪي ۽ غير ملڪي قرضن ۾ ورتل آهي اهي قرض هڪ ته لهندي نظر نٿا اچن ۽ هر سال وڌندا پيا وڃن اهڙي صورتحال ۾ ملڪ غربت ۽ مهانگائي جي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي ۽ اڃا به وڌندي۔ڪو وقت هوندو هو جو اسيمبلي ۾ هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ٿيندي هئي هاڻ هر سال مني بجيٽ آڻيو ٽئڪس وڌايا وڃن ٿا۔عام ماڻهو سڌي ۽ اڻ سنڌي طرح هر شئي جي خريدي تي ٽئڪس ادا ڪري ٿو سرڪاري پگهاردار ته پگهارن وسيلي به ٽئڪس ڀري ٿو آخرڪار ڪهڙا ۽ ڪيترا ٽئڪس ڀريندو۔ٽئڪسن جي ڀرمار سان مزدور هاري گهڻو ڪجهه لوڙي ٿو جڏهن ته بجيٽ تي بحث ڪندڙ ۽ انجي منظوري ڏيندڙ پارليامينٽرين کي ملڪ ۽ قوم لاءِ ٽڪي جي پرواه ناهي هوندي جن جي دولت پرڏيهه ملڪن جي بئنڪن ۾ محفوظ پيل هوندي آهي سندن ٻار به پرڏيهه پڙهن ۽ علاج به اتان ڪرائين تن کي ڪهڙو قدر ملڪ ۽ قوم جو هوندو.
ڪهڙو نه عجيب و غريب منطق ۽ چوڻي هئي وفاقي وزير خزانه جهانزيب اورنگزيب جي ته زراعت صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ زراعت واري شعبي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جڏهن ته زراعت ملڪي سبجيڪٽ به آهي روانگي واپار ۽ زرعي شين کي ٻاهر موڪلڻ جو ڪم وفاق ڪري ٿو ته پوءِ اهڙي صورت ۾ زراعت کي صوبائي سبجيڪٽ ڪوٺڻ وزير خزانه جي نااهلي چئجي۔هن وقت ملڪ ۾ٻج ڀاڻ زرعي دوائن مشينري سامانن تي ڳرا ٽئڪس ڀرڻا پون ٿا جنهنڪري زراعت ملڪ جو مک ۽ مهانگو شعبو آهي جنهن تا واڌو ٽئڪس ختم ڪرڻ گهرجن ها۔ملڪ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ عام ماڻهو سولر انرجي کي استعمال ڪري ٿو پر بجيٽ ۾ سولر پليٽن تي 18 سيڪڙو ٽئڪس هڻي عام ماڻهو توڙي آبادگار کي مشڪلاتن طرف ڌڪيو ويو آهي جنهن جا خاص ڪري زراعت تي منفي اثر پوندا جو اهي ٽيوب ويلن کي بجلي مهيا ڪرڻ لاءِ تيزي سان استعمال ٿي رهيون آهن جن تي 18 سيڪڙو ٽئڪس هڻڻ حڪومت جو ظالماڻو قدم ۽ سوچ آهي جنهن کي واپس وٺڻ ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ آهي.
ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي غربت ۽ بيروزگاري ڪاريهر جيان ڪر کنيو بيٺي آهي ويتر وفاق بجيٽ ۾ 40 هزار نوڪريون ۽ 40 ادارا بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ملڪ کي ويتر بيروزگاري طرف ۽ مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو ملڪي مفاد وٽان ناهي ته ڀلي بند ڪريو پر انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ته ويتر بيروزگار نه ڪريو ۽ انهن کي انهن ادارن ۾ کپايو وڃي جتي انهن جي ضرورت هجي. 40 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. آءِ ايم ايف جي چوڻ يا انجي اهڙي مطالبي کي پوري ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي نه وري جواز بنائڻ گهرجي۔هي اهو وقت ناهي رهيو جو عام ماڻهو ٽرانسپورٽ ۽ گاڏيون ڇڏي گهوڙن ۽ اٺن جو سفر ڪري۔هڪ ته ننڍين گاڏين تي ٽئڪس 12 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ٻيو ته پئٽروليم مصنوعات تي ڪاربان ليوي اڍائي رپيا في لٽر وڌائڻ جي تجويز آهي جنهن سان به ننڍيون گاڏيون ۽ پئٽرول جا اگهه وڌندا ۽ عام ماڻهو سفر ڪرڻ مهانگو ٿي پوندو اڳ ۾ ئي عالمي سطح جي ڀيٽ۾ پاڪستان ۾ ننڍيون گاڏيون ۽ پئٽرول ڪافي مهانگو آهي جيڪو گهٽجڻ ملڪي مفاد وٽان آهي۔وفاق سکر حيدرآباد موٽروي رٿا واپس وٺڻ بعد ۽ سنڌ جي ماڻهن جي سخت احتجاج کانپوءِ ٻيهر ان رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ ٽوڪن مني طور 15 ارب رپيا بجيٽ ۾ مختصص ڪيا آهن جنهن مان لڳي ٿو هن رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڳچ عرصو درڪار آهي ۽ 15 اربن کان وڌيڪ فنڊ خرچ ٿيندا۔وفاق کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي خاص ڪري پ پ پ حڪومت کي جيڪا حڪومت جي سهڪاري آهي پر هن معاملي تي ٿڌائپ کان ڪم وٺي رهي آهي۔بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ لاءِ 716 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي ڏسجن ته ناڪافي آهن جو غربت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي۔هن رقم جي جنهن نموني ورهاست ٿي رهي آهي ۽ مستحقين جي جنهن نموني تذليل ٿي رهي آهي ان کان ته بهتر آهي مستحقين لاءِ ڪي اهڙا پروگرام سامهون آندا وڃن جن سي انهن جي تذليل به نه ٿي ۽ اهي باروزگار ٿي پاڻ کي سکيو ستابو ڪن.
نئين سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرن کي به عتاب جو نشانو بڻايو ويو جيڪي پرڏيهه نٿا وڃي سگهن ٻيو ته پنجاهه هزار رپين کان مٿي چيڪ وسيلي يا اي ٽي ايم وسيلي رقم ڪڍرائڻ تي هڪ لک تي 1200 رپيا ٽئڪس ڀريندا جيڪو اڳ ۾ ڇهه رپيا هو۔اهو ممڪن ناهي ته ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام فائلر بڻجي سگهي۔عام ماڻهو وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ته اهو هر سال گوشوارا ڪيئن ڀرائي سگهي ٿو تنهنڪري فائلر ۽ نان فائلر وارو قصو ختم ڪرڻ گهرجي ۽ واڌو ٽئڪس واپس ورتو وڃي۔وفاقي بجيٽ پيش ڪندي وزير خزانه اها دعوي ڪئي ته مهانگائي جي شرح چار سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ اهڙو جواز ڄاڻائيندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو ۽ ست سيڪڙو پينشن وڌائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي پگهاردار طبقي ۽ پينشنرن رد ڪندي پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو آهي سندن جو چوڻ آهي ته حڪومت هر سال بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ساڻن غير مناسب رويو اختيار ڪندي آهي جڏهن ته پارليمينٽرين جون پگهارون ۽ الائونس ڇهه ڇهه سئو سيڪڙو وڌائي ناانصافي کان ڪم ورتو وڃي ٿو۔پ پ پ ۽ اتحادي پارٽين پگهارن ۽ پينشن پنجاهه سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر حڪومت اهو مطالبو به ٿڏي ڇڏيو۔پگهاردار طبقي کي اها به اميد هئي ته نوان اسڪيل ٺاهيا ويندا جن جو به اعلان ٿي ناهي سگهيو 2022 ۾ پي اينڊ پينشن ڪميشن جوڙي وئي هئي انجي رپورٽ تي به عمل ٿي ناهي سگهيو انهيءَ حد تائين جو ملازمن ۽ پينشن وارو جو ميڊيڪل الائونس به ڏه سال پراڻو آهي جڏهن ته علاج ۽ دوائون پنج سئو سيڪڙو وڌي چڪيون آهن.
پوري قوم ته هن بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر مخالف ڌر به بجيٽ پيش ڪرڻ وقت سخت احتجاج ڪيو بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڪري وزير خزانه مٿان اڇلايون ويون۔وزير خزانه وزيراعظم جي موجودگي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج کي پاسيرو رکندي پنهنجي بجيٽ تقرير جاري رکي. بجيٽ اجلاس جي صدارت اسپيڪر جناب اياز صادق ڪئي جڏهن ته 13 جون تي بجيٽ تي بحث جو باقائده آغاز ٿيندو ڏسجي ته حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيون ۽ پ پ پ ڪهڙو موقف رکن ٿيون۔سندن ڪهڙو به موقف هجي قوم جو موقف سامهون آهي بجيٽ تجويزون ڪي حتمي يا قران شريف جون آيتون ناهن جو انهن جي ترميم يا ردوبدل نه ٿي سگهي۔وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جيڪڏهن چاهي ته بجيٽ تجويزن ۾ ردوبدل ڪري سگهي ٿو ۽ ملڪ کي نون غير ضروري ٽئڪسن کان نجات ڏياري سگهي ٿو. پگهاردار طبقي ۽ پينشنرن کي به ڪنهن حد تائين رليف ڏياري جنهن لاءِ اهي نٽهڻ اس تي اسلام آباد ۾ سراپا احتجاج آهن.