ننڍي عمر جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي حدن ۾ قانون پاس ڪيو ويو آهي. قومي اسميبلي مان پاس ٿيڻ کانپوءِ صدر ان تي صحيح ڪري ارڙهن سالن جي عمر کان ننڍن ٻارڙن جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀڃڪڙي ڪندڙن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي. معصوم ٻارڙين سان شاديون رچائي انهن جون زندگيون تباهه ڪندڙ ذهني بيمارن جي رستا روڪ ٿي وئي آهي. انساني حقن خاص طرح ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين اهڙي قانون کي ڀليڪار ڪيو آهي جڏهن ته مذهبي ڌرين ان خلاف ردعمل جاري ڪيو آهي.
ان کان اڳ سال ٢٠١٣ع ۾ سنڌ ۾ پڻ سنڌ چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ پاس ٿيل آهي، جڏهن ته سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ ٢٠١١ پڻ ٻارڙن جي حقن جو محافظ بڻيل آهي، پنجاب چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۾ به ترميم جو مسودو تياري هيٺ آهي، ڪي پي ڪي ۾ حڪومت پڻ ننڍي عمر جي شادين خلاف ٢٠١٨ع ۾ قرارداد پاس ڪري چڪي آهي ۽ وڌيڪ قانونسازي لاءِ ڪم هلي پيو. بلوچستان حڪومت به ننڍي عمر جي شادين جي خاتمي لاءِ بل جو مسودو جوڙي ورتو آهي. ننڍي عمر جون شاديون معاشري لاءِ ناسور ۽ عورت دشمني آهن. پاڪستان ٻارڙن جي عالمي معاهدي سميت عورتن ۽ خاندان جي تحفظ توڙي صحت جي بحالي ۽ بهتري وارن ٺهرائن جو حصو آهي اهڙن اٽڪل ٢٧ معاهدن تي پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ ڌر بڻيل آهي.
گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي اصول نمبر پنج تحت ٢٠٣٠ تائين سڄي دنيا کي ننڍي عمر جي شادين تي بندش کي يقيني بنائڻو آهي. هي جيڪي به معاهدا يا ٺهراءُ جن تي پاڪستان صحيح ڪئي آهي يا ڪري ٿو ان سان ملڪ کي امداد ملي ٿي. واپار ۽ ڪاروبار ۾ سهولتون ملن ٿيون. انساني حقن خاص طور ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ ڪرڻ ڪري دنيا ۾ پاڪستانين جو نالو روشن ٿئي ٿو. انگريزن ننڍي عمر جي شادين جي روڪ لاءِ ١٩٢٩ ۾ قانون آندو پر اهو قانون اڻپورو هو ڇو ته ان ۾ سورنهن سالن جي ڇوڪري ۽ ارڙهن سالن جو ڇوڪرو ڄاڻايل هو. جنهن سان ٻارڙن جي ذهني ۽ جسماني صحت تي منفي اثر پئجي رهيا هئا. جيڪڏهن ڪٿي به هن قانون جي لتاڙ ٿيندي ته پوليس ۽ ٻيا ادارا حرڪت ۾ اچي ويندا. هي هڪ بهترين قدم آهي جنهن جي تعريف ۽ حمايت کان رهي نه ٿو سگهجي. انساني ۽ خاص طور ٻارڙن جي حقن جي محافظ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ انتهائي خوشي ۽ ڀلائي وارو قدم آهي. جيتوڻيڪ هن قانون تي عمل لاءِ عملي ڪوشش جي ضرورت آهي پر هاڻي جنسي جنونين ۽ پيڊوفوليا جي مرض ۾ مبتلا دردندن کي لغام ايندو. معاشرو ڪمزور طبقي ٻار جي حقن جي حفاظت لاءِ قانون جو در کڙڪائيندو.
پاڪستان جي سول سوسائٽي، سنڌ ۾ سجاڳ سنسار، اسپارڪ تنظيم ۽ اقبال ڏيٿي سميت ڪيترن ئي گهڻ گهرن جي ڪيتري عرصي کان اها تمنا هئي جيڪا پوري ٿي آهي. پاس ڪيو ويو آهي.