يوٽيوب طرفان جاري ڪيل نئين اپڊيٽ کانپوءِ ڪيترن ئي پراڻن آءِ فون ڊوائيسز لاءِ گوگل جي وڊيو شيئرنگ سروس جي سپورٽ ختم ڪئي وئي آهي.
تازي اپڊيٽ تحت رڳو آءِ او ايس 16 يا ان کان جديد آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ آءِ فونز تي يوٽيوب ايپ جي سپورٽ جاري رهندي، جڏهن ته آءِ فون ايس سڪس، ايس سڪس پلس، سيون، سيون پلس ۽ آءِ فون ايس ايِ (پهرين جنريشن) تي يوٽيوب ايپ هاڻي نه هلي سگهندي.
اهڙيون ڊوائيسون جيڪي صرف آءِ او ايس 15 تائين محدود آهن، انهن تي نه يوٽيوب ايپ انسٽال ٿيندي نه ئي اپڊيٽ ٿي سگهندي.
يوٽيوب جي ان فيصلي کان اڳ واٽس ايپ به پهرين جون کان پراڻن آءِ فون ماڊلز لاءِ سپورٽ ختم ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي واٽس ايپ رڳو آءِ او ايس 15.1 يا ان کان جديد ورزن تي ڪم ڪري ٿو.
يوٽيوب ايپ جي سپورٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن موبائل برائوزر ذريعي يوٽيوب تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا، پر ان ذريعي آف لائين سپورٽ جهڙا ڪيترائي فيچرز دستياب نه هوندا.
ماهرن موجب، ڪمپنيون پراڻن ماڊلز لاءِ سپورٽ ان ڪري ختم ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته نون فيچرز لاءِ جديد هارڊويئر جي ضرورت هوندي آهي ۽ پراڻيون ڊوائيسز انهن گهرجن تي پورو نٿيون لهن.
Next Post
You might also like