ڀارت جي سنڌي شاعر شريڪانت صدف جو لاڏاڻو

تحرير: رکيل مورائي

سنڌي شاعراڻي، نئين آسمان جو جرڪندڙ تارو نئين سنڌي غزل کي هڪ تازگي ۽ توانائي ارپيندڙ شاعر شريڪانت صدف ڪالهه ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو، هو ڄائو به بمبئيءَ ۾ هُئو، شريڪانت صدف ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جو وڏو ۽ پهريون پٽ هيو، سندس هڪ ننڍي ڀيڻ سنڌو به هئي جيڪا ڪجهه سال اڳ ديهانت ڪري ويئي.

صدف جي پالنا شروع دبئيءَ جهڙي جديد جڙيل شهر ۾ ٿي، جنهن سبب سندس شاعريءَ ۾ نئون سماج، شهري زندگيءَ جا نوان قدر ۽ تيز هلندڙ زندگيءَ جي تکائي محسوس ٿيندي هئي. سندس شاعريءَ ۾ سڌيءَ طرح حالتن جي تلخي ۽ شخص مٿان حالتن جو پوندڙ دٻاءُ چٽو نظر ايندو.

جيتوڻيڪ هو هڪ جديد قدر رکندڙ شاعرهُئو، پوءِ به هن شاعريءَ ۾ پسند پراڻي صنف غزل کي ڪيو، جنهن ۾ هُو جيڪو ڏيئي سگهيو پنهنجي سموري سچائيءَ سان ڏنو. اڳتي هلي هن محسوس ڪيو ته هاڻ هو شاعريءَ ۾ شايد وڌيڪ ڪجهه ڏيئي نه سگهندو ۽ هُن آزاد ڪوتائون لکڻ شروع ڪيون جن ۾ به هو پنهنجو توڻي پنهنجي آس پاس جو نجو پجو عڪس کڻي آيو.

ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌي غزل ۾ جيڪا زندگيءَ جي تکائي ۽ حالتن جو ڪروڌُ ۽ شھري زندگيءَ جي بي رُخي کي صدف آندو، ان جو هو اڪيلو وارث هُئو، ۽ اهو به سچ آهي ته سندس اهڙي تڪڙي ۽ زوردار شاعراڻي اڏام سنڌي جاتيءَ جي روايتي مزاج ۽ مڃتائن هضم ڪرڻ کان انڪار ڪيو  ۽ هو ادب /شاعري جي منچ تي اڪيلو ٿيندو ويو جنهن جو اظهار هن ڪيترن ئي لکيل شخصي خطن ۾ الڳ الڳ موقعن تي اظهاريو ۽ هو سنڌي ادبي دنيا کان الڳ ٿي ويو. اڪيلو ٿي ويو.

سندس آخري ڪتاب آزاد ڪوتائن جو ڇپيو ”وچ وارن کي لٺ بڻائي“ جڏهن ته شعري ادب ۾ سندس ڇپيل ڪتاب:

1- نفرت جا گل

2- نانگن جا ٻِرَ

3-ذهن جا قبل

۽ 4- وِڄَ وارن کي لٺ بڻائي آهن.

جن چئني ڪتابن کي سهيڙي يوسف سنڌيءَ پاران ڏنل ترتيبي ڪتاب ”زندگي هڪ روادارو شروع ڪرڻي پوندي“ جي نالي سان ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ جي پاران ڇپايو ويو ۽ ان ڪتاب کي سندس ميڙي چونڊي سمجهڻ گهرجي.

سندس شخصي زندگي ڪنهن به طرح هڪ غير مطمئن ڪندڙ رهي.

تکو مزاج رکندڙ شريڪانت صدف جي پهرين شادي نامياري نقاد ۽ شاعر لڇمڻ ڪومل جي ڌيءَ سان ٿي جيڪا ٽي مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن هلي سگهي ۽ سندس ٻي شادي راجوءَ نالي هڪ نامياري اديب (نالو وسريل) جي ڌيءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻن سُلڇڻين نياڻين “ساڪشي ۽ سمرتي” جو الاد ٿيو.

ٻن نياڻين ۽ چئن ڪتابن جو خالق شريڪانت صدف ڪالهه ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.

ان کان اڳ هو ٻه هزار چار ۾ پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان گڏ هڪ وفد ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ سنڌ آيل هُئو ته مان ساڻن گڏجي محترم عبدالحيٰ پليجو صاحب جي مهرباني سان دڙو ضلعو ٺٽو ۾ سندن گهر ڏسڻ لاءِ گڏ ويو هوس، جڏهن گهر ڏسڻ کان پوءِ شريڪانت صدف کان تاثرات ورتا ويا هئا ته هن جذبات کان بنھھ عاري لهجي ۾ چيو هُئو: ”مان پنهنجي پيءُ جو گهر ڏسڻ آيو آهيان“ پڪ سان اهو موتي پرڪاش جو گهر هُئو، ڪلا پرڪاش جو گهر خانواهڻ ۾ هُئو، جيڪو شريڪانت صدف کي ڏسڻ جو چاهه بنهه ڪو نھ هُئو ۽ جيڪو هُن ڏٺو نه هُئو. هو منهنجو ادبي دوست به هئو ته شخصي دوست به هُئو ساڻس هند توڻي سنڌ ۾ مون ڪيتريون ئي راتيون ۽ ڏينهن گڏ گذاريا آھن.

شايد هو مون کان ڪڏهن به وسري نه سگهي ۽ سندس غزل جو اهو بند ته مون کان ڪڏهن به نه وسري سگهندو، جنهن ۾ هن جي بيوسي به آهي ته بي وطني به آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ سدائين جيئرو رهندڙ احساس به!

ڪهڙي صدف جي ڳالهه ۽ ڪهڙا غزل ڇڏيو،

شاعر جي خوب هو ته ڇا! سنڌ ۾ ڄميو نه هُئو.

ڪالهه هو هڪ جلاوطن سنڌي شاعر جو، جلاوطن شاعر پٽ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو ۽ مان سندس هڪ دوست، سندس جلاوطنيءَ کي سدائين بد دعائون ڏيندو رهندس ۽ نفرت ڪندو رھندس ڇو تھ جلاوطنيءَ جھڙي بد صورتي دنيا ۾ ٻي ڪا بھ نھ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.