ٿر ۾ ناياب جانورن ۽ مورن جي نسل ڪشي کي ڪير روڪيندو؟

تحرير: چيلا رام پارڪري

ٿرپارڪر، سنڌ جو ريگستاني علائقو، قدرتي خوبصورتي سان گڏ ناياب جانورن ۽ پکين جي رهائش گاهه جي حوالي سان مشهور آهي. هي علائقو نه رڳو ثقافتي ورثي ۽ لوڪ روايتن جي سلسلي ۾ اهميت رکي ٿو، پر هتي جي حياتي دنيا پڻ انتهائي حساس ۽ انوکي آهي.ٿر ۾ ڪيترائي اھڙا ناياب جانور ۽ پکي پڻ موجود آھن جيڪو شاايد ٻين ھنڌن تي ڏسڻ تمام مشڪل آھي

ٿر ۾ ناياب ھرڻ، مور، گرجون، تتر، طوطا اھي تمام جانور ۽ پکي ٿرپارڪر ۽ فطرت جي سونھن آھن پر ھي ھاڻي آهستي آھستي ٿر ۾ ختم ٿيندا وڃن پيا ان جو خاص ڪارڻ اھو ئي آھي ته انھن جي لاءِ سار سنڀال ڪرڻ جي وائيڊ لائيف کاتي وارا ڪڏهن به ٿرپارڪر ۾ ھڪڙو چڪر به ڪون لڳائيندا آھن ڪافي ٿرپارڪر جا باشعور دوست انھن مورن جي نسل ڪشي تي وقت بوقت آواز اٿاريندا رھيا آھن پر ڪڏهن به حڪومتي وائيلڊ لائيف کاتي وارن کي ڪون چيو ته انھن جي سار لھو.ٿر جو ساڃاهه وند اختر سمون نجي ٽي وي تي تمام وڏي مھم ھلائيندو رھيو آھي ان جي باوجود به ڪير به انھن جي سار ڪون پيو لھي جئين ھئينر گرجون صفا ختم ٿي ويون آھي ۽ ھن سال الاھي ناياب مور پکي مري ويا آھن

ٿر جو سماج سيوڪ پونم سنگهه ھر مھيني ھرڻن کي شڪار ٿئي ٿو ته پڻ پونم سنگهه ۽ تي جمال، ڊاڪٽر سردار سنگهه، انچل سنگهه، رنجيت سنگهه ۽ ٻيا دوست وائيلڊ لائيف کاتي وارن کي شڪايتون ڪندا رھيا آھن پر وائيڊ لائيف جي عملدارن جي ڪن تي جونء به ڪو نه پئي چري  هلندڙ سال اپريل مهيني ۾ ڳوٺ پاٻاسرو کان اڀرندي طرف ڳوٺ پاسول وٽ ڏينھن ڏٺي ھرڻ جو شڪار ڪري شڪاري کڻي ويا پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو ان سان گڏ ننگرپارڪر جي ويجھو ڳوٺ پاٻاسرو ۾ شڪاري ناياب نسل جي ٻن هرڻن جو شڪار ڪيو جن مان هڪ هرڻ کي ذبح ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو هرڻ زخمي حالت ۾ جھنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو پر ان جو به ڪنهن نوٽيس نه ورتو فطرت جي سونهن سان ٽمٽار علائقي ٿر ۾ هر آئي ڏينهن غيرقانوني شڪار جي وارداتون سر عام ٿين پيون ۽  شڪاري بي خوف ٿي ناياب نسل جي جهنگلي جيوت جو خاتمو آڻي ٿر جي فطري سونهن جو خاتمو ڪري رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل اختيارين جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي

جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ قائم واڳيل سرڪاري ادارا شڪاري ٽولن خلاف ڪي به اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ناياب نسل جي هرڻن، مورن ۽ ٻين جهنگلي جاندارن جو شڪار عام معمول بڻجي ويو آهي جنهن تي سمورو ٿر سوڳوار آهي ٿر جا مارو ماڻهو ماحولياتي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪن ٿا ته ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ غيرقانوني شڪار روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن فطرت جي دشمنن جي رستا روڪ ٿي سگهي ٻي صورت ۾ ناياب نسل جا جانور توڻي پکي صرف تصويرن ۽ تاريخ ۾ رهجي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.