سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر خدشن جو اظهار سامهون آيو آهي. حيدرآباد-سکر موٽروي جهڙو انتهائي اهم ۽ ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار منصوبو اڃا تائين عملي مرحلي ۾ داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ لاهور-سيالڪوٽ 296 ڪلوميٽر موٽروي شروع ڪرڻ جون تياريون جاري آهن. ان صورتحال سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت آڏو اعتراض اٿارڻ تي مجبور ڪيو آهي، جيڪو رڳو هڪ منصوبي جو معاملو نه، پر وفاقي ترقياتي ترجيحن ۽ صوبن سان اڻ برابريءَ واري ورتاءَ بابت اهم سوال آهي.
حيدرآباد-سکر موٽروي سنڌ لاءِ محض هڪ روڊ منصوبو ناهي. اهو سنڌ جي وڏن شهرن، صنعتي مرڪزن، زرعي علائقن ۽ واپاري سرگرمين کي ڳنڍڻ وارو اهم مواصلاتي منصوبو آهي. ان سان سفر جو وقت گهٽجڻ، ٽرانسپورٽ جا خرچ گهٽ ٿيڻ، واپار کي هٿي ملڻ ۽ علائقائي معيشت کي نئون تحرڪ ملڻ جي اميد آهي. ڪيترن ئي سالن کان هن منصوبي بابت اعلان ۽ واعدا ٿيندا رهيا آهن، پر عملي ڪم شروع نه ٿيڻ سبب سنڌ جي عوام ۾ مايوسي وڌي رهي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شوري پاران اٿاريل اعتراض کي ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته جيڪڏهن حيدرآباد-سکر موٽروي اڳ ئي وفاقي سطح تي اهميت رکندڙ ۽ پراڻو منظور ٿيل منصوبو آهي ته پوءِ ان کان اڳ پنجاب ۾ نئين موٽروي شروع ڪرڻ جو فيصلو سوال پيدا ڪري ٿو. وفاقي حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اهڙن سوالن جو واضح ۽ اطمينان بخش جواب ڏئي.
سنڌ جي شڪايت جو بنياد رڳو سياسي اختلاف نه هجڻ گهرجي، پر ترقياتي منصوبن جي چونڊ ۾ شفافيت ۽ برابريءَ جو اصول به بنيادي اهميت رکي ٿو. وفاق وٽ محدود وسيلا آهن ۽ هر سال ترقياتي منصوبن لاءِ ترجيحون مقرر ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ لازمي آهي ته منصوبا چونڊڻ وقت علائقائي توازن، معاشي ضرورت، آباديءَ جي گهرج ۽ اڳوڻن واعدن کي نظر ۾ رکيو وڃي.
حيدرآباد-سکر موٽروي جي دير جو هڪ ٻيو پاسو پڻ اهم آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ مختلف وزيراعظمن طرفان بار بار واعدا ڪيا ويا آهن ته انهن واعدن تي عملدرآمد لاءِ واضح ٽائيم فريم به عوام آڏو اچڻ گهرجي. رڳو اعلان ڪرڻ ۽ پوءِ منصوبي کي سالن تائين فائلن ۽ اجلاس ۾ رکڻ سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اعتماد جو بحران پيدا ٿيندو آهي. سنڌ کي پنجاب جي ترقيءَ تي اعتراض نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن صوبي ۾ نئون منصوبو شروع ٿيڻ کي سنڌ خلاف سمجهڻ گهرجي. اعتراض ان ڳالهه تي هجڻ گهرجي ته هڪ ئي وفاقي نظام ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ ترجيحن جو معيار سڀني صوبن لاءِ هڪجهڙو هجي. پنجاب ۾ نئين منصوبي لاءِ وسيلا موجود آهن ته سنڌ جي ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ منصوبن لاءِ به ساڳئي سنجيدگي جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي.
وفاقي حڪومت کي پڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام ۾ احساس محرومي جو وڏو سبب رڳو وسيلن جي ورڇ نه، پر بار بار ڪيل واعدن تي عمل نه ٿيڻ به آهي. جڏهن ڪنهن منصوبي جو اعلان بار بار ٿئي، ان جي اميد عوام سان وابسته ڪئي وڃي ۽ پوءِ عملي قدم نظر نه اچن ته مايوسي فطري طور وڌندي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت حيدرآباد-سکر موٽروي بابت هاڻي وڌيڪ واعدن بدران عملي منصوبابندي سامهون آڻي. منصوبي جي مالي بندوبست، ٽينڊر، تعميراتي مرحلن ۽ مڪمل ٿيڻ جي متوقع تاريخ بابت واضح شيڊول جاري ڪيو وڃي. ان سان نه رڳو سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ٿيندا، پر عوام کي به معلوم ٿيندو ته هي منصوبو واقعي وفاقي ترجيحن ۾ شامل آهي.
وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ضروري آهي ته ترقياتي منصوبن کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون رکيو وڃي. قومي شاهراهن ۽ موٽرويز جهڙا منصوبا ڪنهن هڪ صوبي جا نه، پر سڄي ملڪ جي معاشي ترقيءَ سان لاڳاپيل هوندا آهن. سنڌ جي بندرگاهن، صنعتي مرڪزن ۽ زرعي معيشت کي ملڪ جي ٻين حصن سان بهتر روڊ رابطي سان ڳنڍڻ جو فائدو پوري پاڪستان کي پهچندو. وفاقي حڪومت سنڌ جي اعتراض کي سياسي بيان سمجهڻ بدران هڪ سنجيده انتظامي ۽ قومي معاملو سمجهي. حيدرآباد-سکر موٽروي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ واضح فيصلو ۽ وقت مقرر ڪرڻ گهرجي. سنڌ سان ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ئي وفاقي حڪومت لاءِ اعتماد بحال ڪرڻ جو بهترين رستو آهي.
ترقيءَ جو معيار اهو نه هجڻ گهرجي ته ڪهڙي صوبي ۾ ڪيترا نوان منصوبا شروع ٿيا، پر اهو هجڻ گهرجي ته قومي وسيلا ڪهڙي منصفاڻي طريقي سان خرچ ڪيا ويا. وفاق مضبوط تڏهن ٿيندو، جڏهن هر صوبو پاڻ کي برابر جو حصو محسوس ڪندو. حيدرآباد-سکر موٽروي بابت هاڻوڪو تڪرار وفاق لاءِ اهو موقعو آهي ته هو عملي قدم کڻي ثابت ڪري ته ترقيءَ جي رستي تي سنڌ کي به برابر جي اهميت حاصل آهي.