پاتار مان پنا :دوستووسڪي سنڌيءَ ۾

رکيل مورائي

روسي ادب  ۾ فيودور دوستووسڪيءَ جو ادب پنهنجي الڳ اسلوب وارو آهي. اها ڳالھھ دنيا جا نقاد قبولي چڪا آهن. ساڳئي وقت هو دنيا ۾ گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪن مان هڪ پڻ آهي. ”Notes from Underground“ (پاتار مان پنا) سندس اهڙو ناول آهي، جيڪو سندس پهرين لکڻين ۾ قبول ڪيو ويو آهي.

هي ڪتاب صنف جي حوالي ۾ ناول آهي يا نه آهي، اهو بحث الڳ آهي، پر ناول سندس شخص توڻي حالتن جي آس پاس آهي. سندس اندر جي پيڙا جو احساس ۽ ويچار جو اهڙو اظهار آهي، جنهن ادب ۾ کيس هڪ وڏي ناول نويس جو مرتبو عطا ڪيو آهي ۽ جيڪو مرتبو گورڪي هڪ عمر کان گهڻيون عمرون ماڻي به شايد حاصل نه ڪري سگهي.  تبليغ ۽ تخليق ۾ اتي اچي فرق ظاهر ٿيندو آهي. شايد هيءُ ناول ليکڪ جي سماج ڏانهن بيزاريءَ جو اظهار وڌيڪ چٽو ڪري ٿو. شايد هيءُ ڪتاب ”ڪراموزوف ڀائر“  جي اڳواٽ مشق طور لکيو ويو آهي، اها ته پڪ آهي.

هيءُ ڪتاب ناول آهي يا نه؟ ان بحث کان الڳ هن ڪتاب کي سندس ٻين ڪتابن وانگر دنيا جي هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ائين سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هن ڪتاب جا ترجما هڪ کان وڌيڪ ٿيا آهن، جا ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي.

ان کان وڌيڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اِها آهي تھ هن جي ترجمانن کان سواءِ سندس نقادن به اھا ڳالھھ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ورجائي آهي، ۽ جيڪا ڳالهه ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول ميمڻ صاحب پڻ ورجائي آهي ته، ”ادب نظرئي کي جٽادار بڻائي ٿو، نظريا ادب کي ڪمزور ڪن ٿا.“

ڪيئن به دوستووسڪيءَ جو هيءُ ناول اڪيلائيءَ، بي ثباتي، شخصي اداسي، سماجي بيهودگي ۽ مايوسيءَ کي چٽيندڙ هڪ اهڙو ناول آهي، جنهن کي عالمي ادب جا نقاد روسي ڪلاسيڪيت توڻي سوشلسٽ انقلاب جي آس پاس سرجيل ادب کان الڳ رکي ان جو جائزو وٺن ٿا.

شخص جون حالتون، ان جي زندگي، زندگيءَ جون اڪيلايون، شخص جي خود ڪلامي جيڪا ايپسروٽي جي  ويجهو گذرندي هجي، وجود جون ٽُٽندڙ تارون ۽ ٻيو گهڻو هن ناول جي دائري ۾ ايندڙ آهي.

هيءُ ناول ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: هڪ ”پاتار“ ۽ ٻيو ”آلي برف“ جي موقعي تي. لِزا هڪ باب جي نائڪا آهي. تازو هن ڪتاب جو ترجمو نوجوان ليکڪ فرهاد جيلانيءَ جنهن پيار ۽ اعتماد سان ڪيو آهي، اهو يقين جاڳائي ويو آهي ته، متان هيءُ ناول سنڌيءَ ۾ لکيل هُجي.

سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ ڪيترن نوجوانن ترجمي نگاريءَ ۾ پير پاتو آهي ۽ اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ پڻ آهي. فرهاد جيلانيءَ جو ھيءُ پهريون ترجمو آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي ”پاتار مان پنا“ ۽ ترجمي سان هن جيڪو نڀاءُ ڪيو آهي، اهو پهرئين ترجمي طول قبول ڪرڻ جوڳو آهي. هُن پنهنجي هِن عمل کي جاري رکيو ته منجھائس گهڻي اميد ته پڪ سان رکي سگهجي ٿي ۽ ان لاءِ آس ته رکي سگهبي ته هُو اِهو عمل جاري رکي. ترجمو فقط لفظن جو نه ٿيندو آهي، ويچار ۽ احساس جو به ٿيندو آهي.

 ساڳئي وقت ترجمي نگار کي انهن ٻنهي ٻولين جي باريڪين جي ڄاڻ هئڻ بنهه ضروري آهي: هڪ اھا ٻولي، جنهن مان ترجمو ٿي رهيو آهي ۽ ٻي اھا، جنهن ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي. اهو نه چوڻ جي به قبول ڪيل آهي ته، انهن ٻولين جي تهذيبي ڄاڻ ادبي ڄاڻ، خاص طور جيڪو ڪهاڻي يا ناول ترجمو ٿي رهيو آهي، انهن ٻولين جي افسانوي ادب جي ڄاڻ پهرين گهرج آهي، جنهن جو خيال اسان جا نوجوان پاسيرو رکي ڇڏين ٿا.

فرهاد جيلانيءَ ائين نه ڪيو آهي، جنهن سبب ناول پڙهڻ وقت ڏکيائي محسوس نٿي ٿئي. البت علائقائي اثر هر مترجم وٽ رهڻو آهي، جيڪو فرهاد جيلانيءَ وٽ پڻ ظاهر ٿي بيٺو آهي. ان ڪري چوڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته نوجوانن کي سينيئرس مان سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ان بعد نصير اعجاز کي پهرئين شرط پڙهڻ گهرجي، ۽ انھن جي وچ ۾ ٻيا بھ ڪيترائي اهم نالا آهن، جن سنڌي ترجمي نگاريءَ ۾ پاڻ موکيو آهي. انھن جا نالا ڏيڻ غير ضروري ڊيگهه هوندي.

پنهنجي اندر مان تڪڙي حاصلات جي خواهش نوجوانن کي پاسيري رکڻي پوندي، اهو سندن پورهئي کي مڃتا ملڻ لاءِ ضروري آهي. ڪنهن به طرح دوستووسڪيءَ جهڙي اعليٰ ناول نگار کي ترجمو ڪرڻ وقت فرهاد جيلانيءَ هر ڪوشش ڪئي آهي ته هو ليکڪ جو ۽ سندس ڪتاب جي ترجمي جي صورت ۾ مرتبو وڌائڻ ۾ حصيدار ٿي سگهي ۽ گهڻي قدر هو ان ۾ ڪامياب ويو آهي.

پوءِ به هن ناول جا سنڌي ۾ سڀئي آيل ترجما ڀيٽڻ جي خواهش شايد هر پڙهندڙ جي من ۾ موجود رهي ٿي. ٻيءَ طرح دوستووسڪي اهڙو ناول نويس آهي، جنهن کي ٽالسٽاءِ کان پوءِ روسي ادب ۾ هڪ الڳ عالمي مڃتا مليل آهي. هو ڪنهن به نظرئي جي پوئلگي ڪندڙ نه آهي، پوءِ به هو روحانيت ۾ توڻي انسان جي چڱائي ۾ پڪو ويساهه رکندڙ آهي. اهو سندس هن ناول جو ٻيو باب”آلي برف“ جي موقعي تي، ظاهر ڪري ٿو.

هو اڪيلائيءَ جو قبوليندڙ آهي. ضروري توڻي غير ضروري هن جو سماج نالي جڙيل ڊپارٽمنٽل اسٽور ۾ ساهه منجهندو آهي، تھ اهي ٻه سڃاڻپون کانئُس ڪو به الڳ ڪري سگهي، ڏاڍو مشڪل آهي.

ڪنهن به ڪتاب جي پڙهڻ جو شرط پڙهندڙ جي مزاج جو حوالو کڻي اچڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هر پڙهندڙ جو مزاج پنهنجو نجو ٿيندو آهي. هر پڙهندڙ پنهنجي چونڊ ضابطي هيٺ رکندو.

You might also like