ڀارتي ايئر هيڊڪوارٽر ۾ ويڙهه ۽ جئه پور ۾ اڏام ڪندڙ مشڪوڪ جهاز

تحرير: سڪندر چنو

تازو ڀارت جي رياست جئه پور ۾ آمريڪي ايئرفورس جا 2 جهاز C130 جيڪي آمريڪي فوجي هيڊڪوارٽر پينٽاگون مان اڏام ڀري لٿا آهن. انهن جهازن ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جا اعليٰ فوجي آفيسر موجود هئا. اهي فوجي آفيسر وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقاتون ڪندا ۽ پاڪستان جي کٽڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. رافيل جهاز کي ميدان مان ماري وجهڻ تي دنيا پاڪستان جي پائليٽن تي حيران ۽ فخر ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته فرانس جي ٺاهيل رافيل جهاز اڄ تائين ڪٿي به مار نه کاڌي آهي. پاڪستان جو JF 17 ٿنڊر جهاز آهي جنهن دنيا جي مڃيل رافيل جهاز کي وڏي مار ڏئي تباهه ڪري ڇڏيو.

هن وقت ڀارت آمريڪا کان F-35 جنگي ويڙهاڪ جهاز خريد ڪرڻ لاءِ سودو ڪري ڇڏيو آهي. تازو چين پاڪستان ڦڦٿ جنريشن جو اسٽيل جو ٺاهيل جنگي جهاز ڏنو آهي هن وقت دنيا ۾ ڦڦٿ جنريشن اسٽيل جا جهاز صرف روس، چين، آمريڪا ۽ پاڪستان وٽ آهن. باقي دنيا جي ڪنهن به ملڪ وٽ موجود ناهن هن وقت اسرائيل پاڪستان کان ڏاڍو خوف زده آهي ۽ اسرائيل ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ڪنهن به وقت اسرائيل تي سرجيڪل آپريشن ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي فوج دنيا جي نمبر ون بهادر فوج آهي. ان جو اعتراف خود آمريڪا ڪيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا فوجي علمدار وزيراعظم نريندر مودي کي ايندڙ پنهنجي حڪمت عملي پيش ڪندا. ان ۾ اهو پلان به پيش ڪندا ته پاڪستان کان ٻيهر جديد ٽيڪنالوجي واري جنگ ڪيئن کٽي سگهجي؟ بحرالحال ڀارت جو عوام نريندر مودي تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي ۽ وزيراعظم خلاف احتجاج ڪري آهي. ڀارتي فوج پاڪستان کان ڏاڍو خوف زده آهي. ڇاڪاڻ ته اسڪوائڊرن ليڊر اڀي نندن وارو واقعو ڀارتين کي ياد آهي. جيڪڏهن ٻيهر پاڪ ڀارت جنگ ٿئي ٿي ته پوءِ ڀارتي فوجين کي بيساکي تي آندو ويندو.

تازو ايئر هيڊ ڪوارٽر ۾ آپريشن سندور جي تباهي ڪن ناڪامي بابت بريفنگ اجلاس ٿي رهيو هو. جنهن ۾ ڀارتي آرمي چيف جنرل اپيندرا ديودي، ايئر مارشل آمر پريت سنگهه. انڊيا انٽيليجنسي جو سربراهه تپن ديڪا، ڀارتي خفيا ايجنسي را جو سربراهه سنجيو تويهپي ۽ RAW جو ڊائريڪٽر ڪيسلمان، وزير دفاع ۽ ٻيا اعليٰ فوجي آفيسر شريڪ هئا. ان هلندڙ اجلاس ۾ اڻ وڻندڙ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اجلاس اڃان شروع ئي ڪونه ٿيو هو ته ڀارتي هوائي فوج جا اعليٰ آفيسر شهباز ڊڪشٽ، اجي راجپوت ۽ تلسي رام ايئر مارشل يعني ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه آمر پريت سنگهه کي گار گند ڪندا. چئن آفيسرن ايئر مارشل کي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو ۽ آرمي چيف ۽ را جا چيف ڏسندا رهيا. آمر پريت سنگهه مٿان سک تعصب جو الزام لڳايو ويو ته سکن آپريشن سندور کي ناڪام بڻايو آهي. ڇاڪاڻ ته سکن اعلان ڪيو هو ته هو پاڪستان خلاف ڪڏهن به هٿيار ڪونه کڻندا. ان مان ظاهر آهي ته ڀارتي فوج ۾ بغاوت شروع ٿي ويئي آهي.

بحرالحال انهن چئني ايئرفورس جي آفيسرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ سکن کي فوج مان نيڪالي ڏني پئي وڃي. سو ڀارتي فوج ۾ فرسٽريشن وڌي رهي آهي. ڀارتي سکن اعلان ڪيو هو ته هو پاڪستان جي پنجاب سان ڪڏهن به ڪونه وڙهندا. رافيل جهاز ڀارت کي منهن ۾ ڌوڙ وجهي ڇڏي آهي. رافيل جا سودا ڪينسل ٿي رهيا آهن. انڊونيشيا رافيل سان ڪيل معاهدو 8.1 بلين ڊالرن جو سودو ڪينل ڪيو ويو آهي. ڀارتي پائليٽن به رافيل ڪمپني جو دنيا ۾ ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته ڀارتي فوج نريندر مودي کي اقتدار ۾ اچڻ ڪونه ڏيندي. بحرالحال چين به ڀارت جي شهر ارونا چل پررديش تي قبضو ڪندي ان جو نالو زنگنان رکي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.