سنڌ حڪومت ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ قمبر ۾ اسپتال لاءِ معاهدو

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ سنڌ حڪومت ۽ گڏيل عرب امارات وچ قمبر ۾ 20 بسترن واري جديد اسپتال جي قيام لاءِ معاهدو ٿيو. تقريب وڏي وزير هائوس ۾ ٿي، جتي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايم پي اي سردار  خان چانڊيو ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. معاهدي تي گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي ۽ سنڌ جي سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ صحيحون ڪيون.  قمبر ۾ قائم ٿيندڙ اسپتال شيخ زيد جي نالي سان سڃاتي ويندي. وڏي وزير گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسپتال قمبر واسين لاءِ وڏي سهولت هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.