تڪراري ڪئنالن واري جدوجهد ۾ وڌندڙ جوش ۽ ولولو

سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ واري رٿا خلاف ٻٻرلوءِ ۾ جاري ڌرڻو ۽ ان ۾ ھر طبقي جي ماڻھن جي رضاڪاراڻي شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو آھي، تھ سنڌ جو ماڻھو ڪنھن بھ قيمت تي ان رٿا کي قبول نھ ڪندو. ڏھن ڏينھن کان جاري ھن ڌرڻي جي قيادت وڪيل ڪري رھيا آھن ۽ رٿا خلاف سموري سنڌ ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان تحريڪ جاري آھي.ظاھري طور تي وفاقي حڪومت جي ڪيل ان  فيصلي خلاف سنڌ جي ماڻھن  وڏو ردعمل ڏنو آھي سنڌ جو ھر سياسي ورڪر ڪينالن تي ڪنھن بھ ڳالھھ کي ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ڌرڻي ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون جنم وٺي رھيون آھن.ڌرڻي ۾ لکين ماڻھن جي شرڪت ۽  جاري تحريڪ  مان اھو سمجڻ گھرجي تھ ھن وقت سنڌ جي ننڍي کان ننڍو ڳوٺ ۽ وڏي کان وڏو شھر، ان جا ماڻھو، عورتون، ٻار، وڏڙا ۽ ھر مڪتب فڪر سان واڳيل حلقا شامل آھن، چئي سگھجي ٿو تھ سموري سنڌ ھن تحريڪ ۾ فعال  آھي.

ملڪ جي آئين کي باءِ پاس ڪري ھاءِ برڊ جي زور تي ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا آندي وئي.ان ڳجھھ کي سنڌ جي دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن وائکو ڪيو،  عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ جلسا ۽ مظاھرا ڪري ھڪ راءِ عامھ جوڙي  آھي. ھاڻي سنڌ جو ماڻھو درست سمجھي ٿو تھ، تڪراري رٿا سنڌ جي مفادن تي راتاھو آھي،سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آھي.اھا ڳالھه پاڻي جي جاچ ڪندڙ ۽ ان جي سار سنڀال لھندڙ توڙي ان کي ريگيولر ڪندڙ ادارن پڻ تسليم ڪئي.جنھن بعد آھستي آھستي ان تڪرار رٿا جو ڳجھھ کلڻ لڳو ۽ سنڌ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا. جنھن بعد ھن وقت سموري سنڌ ۾ ھڪ تحريڪ منظم ٿي چڪي آھي.نگران حڪومت ۾ اھڙي  منظور ڪيل سنڌ ۽ ملڪ دشمن رٿا کي چونڊيل حڪومت کي رد ڪرڻ گھرجي ھا سنڌ جو ماڻھو سمجھي ٿو تھ ، سنڌ جي ماڻھن جي اعتراضن بعد پ پ پ جي ٽيڪ تي بيٺل وفاقي ۽  پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار، کي ان تي ڪن ڌرڻ، ماڻھن جي دانھن ٻڌڻ ۽ ان تي ٿڌي دل سان غور ڪرڻ گھرجي ھا.پر سرڪاري روين  ثابت ڪيو تھ آھي عوام کان وڌيڪ انھن جا وفادار آھن، جن کين حڪومت جي واڳ ڏياري آھي.جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن ۾ وڌيڪ چڙ جنم ورتو. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ تڪراري رٿا خلاف شديد ردعمل ظاھر ٿي رھيو آھي.

سنڌ ۾ جاري تحريڪ جي نتيجي ۾ ڌرڻن ۽ مظاھرن جي صورت ۾ سنڌ مان ملڪ جي ٻين علائقن ڏانھن ويندڙ گاڏيون بيھي رھيون، اڌ کان وڌيڪ  ملڪ جو ڪاروھنوار ٺپ ٿي ويو  آھي، تڏھن مس سنڌ حڪومت جي ڪن تي جون سريءَ، ان بعد پ پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شھبازشريف سان ملاقات ڪئي، جنھن ۾ فيصلو ٿيو تھ تڪراري ڪينال جي رٿا کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پيش ڪري ان تي گڏيل راءِ جوڙي ويندي.حيرت جي ڳالھھ ھي آھي تھ وزيراعظم شھبازشريف جو چوڻ ھو تھ ڪالاباغ ڊيم جي رٿا بھ ملڪ جي مفادن م ھئي، پر سنڌ جي ڪري ھنن  ڪس کاڌي، ھاڻي بھ گڏيل راءِ سان ڪينالن بابت فيصلو ڪيو ويندو.تاحال وفاقي حڪومت اھو سمجھڻ جي لاءِ تيار نھ آھي تھ اھا رٿا اصل ۾ عمل جوڳي ئي نھ آھي.بلڪھ پاڻي ماھر حسن عباس جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ تھ ھو اھو چئي رھيو آھي ” ان رٿا جي فيزبلٽي تيار ڪرڻ وقت جن ڳالھين جي مخالفت ڪئي وئي ھئي، حڪومت انھن تي عمل ڪري رھي آھي“ .

پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شھبازشريف جي گڏيل پريس ٽاڪ ۾ چيو ويو تھ اھو معاملو گڏيل قومن جي مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ جو ماڻھو سمجھي ٿو تھ، ان رٿا کي رد ٿڻ کپي.گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس  آئيني طور 90 ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو ٿيڻ گھرجي. ھاڻوڪي حڪومت ۾ اھو ھڪ ڀيرو بھ نھ ٿيو آھي.اھڙي غيرقانوني عمل جي ڪا بھ وضاحت پيش ڪرڻ جي زحمت نھ ڪئي وئي. وري اھو اجلاس بھ ھڪ ھفتي بعد يعني 2 مئي تي طلب ڪيو ويو آھي.ھن کان اڳ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ملڪ جي آدمشماري بابت ٿيل فيصلي جي ڪري سنڌ جو ماڻھو ڇرڪي پيو آھي. سنڌ جو عام ماڻھو اھو سمجھي ٿو تھ، ملڪ ۾ موجود آئين کي پٺي ڏئي ڪري عوام جي مفادن خلاف ڪم ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي ڳوٺن،شھرن ۽ گهٽين ۾ ٿيندڙ احتجاج هاڻي هڪ عوامي بغاوت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن تڪراري رٿا صوبي جي سياسي قوتن ۽ سول سوسائٽي کي يڪجا ڪري ڇڏيو آهي. هاءِ ويز جي بندش اچ وڃ ۽ چرپر جي سموري ٽرانسپورٽ  نظام کي ٺپ ڪري ڇڏيو  آهي. هاڻي صورتحال صوبائي انتظاميا جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي محسوس ٿي رھي آھي.سنڌ جو ماڻھو اھو بھ سمجھي ٿو تھ، پيپلز پارٽي  مرڪز ۾ اتحادي حڪومت  کي ٽيڪ ڏئي بيٺل آھي.سمجھيو اھو ٿو وڃي تھ پ پ رڳو پنھنجي ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ دٻاءِ سبب رڳو  رٿا خلاف  ٿي آھي.سنڌ جو ماڻھو سمجھي ٿو تھ گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڻڻ بعد اھا رٿا  وري ڪنھن نھ ڪنھن مرحلي تي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.انڪري سنڌ جون سياسي قوتون ان جي بنياد يعني ڪارپوريٽ فارمنگ کي بھ ختم ڪرڻ چاھين ٿيون.

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ آهي،سنڌو درياءِ مان سنڌ کي 1991 جي ٺاھ موجب گھربل پاڻي بھ نٿو ملي.ڊيلٽا تباھ ٿي وئي آھي.ماڻھن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نھ آھي.مسوسمياتي ڦيري سبب درياءِ ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي.1992ع ۾ جڙيل  انڊس رور سسٽم اٿارٽي پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري .تڪرار بڻجي ويو آھي.تجويز ڪيل ڪينالز سنڌ جي عوامي ۽ ماحولياتي حقن جي ڀڃڪڙي آھي.اھڙي صورت ۾ تڪراري ڪينال ٺاھڻ وارو ضد وفاق خلاف نفرت ۽ صوبن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو. جيڪڏھن حڪومت جا اڪابر ان ھوندي بھ نٿا مڙن تھ ان سان ٿيندڙ نقصان جو پورائو ٿيڻ ڪنھن بھ صورت ۾ ممڪن نھ ھوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.