ڪئنال مخالف تحريڪ جا اتساهيندڙ پاسا ۽ نوان لاڙا

تحرير: حميده گهانگهرو

پاڻي انسان جي اهڙي بنيادي ضرورت آهي جيئن انسان هن دنيا ۾ اچي ۽ ماءُ جي ڇاتي سان لڳي ٿڃ پي زندگيءَ جي جيئڻ جو عمل شروع ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح دنيا جي گولي تي جيڪو به انسان رهڻ سکڻ، هلڻ، گهمڻ ٻوليءَ جي سڃاڻپ رکي  جيئي ٿو. اها ئي سڃاڻپ  هن لاءِ ڌرتيءَ، وطن جو جذبو پيدا ڪري کيس اڳتي وڌڻ جو عمل سيکاري  ٿي. ڌرتي ڏاڍي خوبصورت آهي هن جا سڀ رنگ زراعت، معدنيات پهاڙ ، آبشار، درياهه، سمنڊ، ريگستان سڀ هڪ سنگم بڻجي انسان انهن سڀني ڪائنات جي حسن سان ملي جيئڻ جي جستجو ۾ اڳتي وڌي ٿو. هماليه جي سر تي ڄميل گليشيئر پگهرجي وڇڙي دريائن جو رخ اختيار ڪن ٿا ته سڄي خشڪ ڌرتي جي سيراب ڪري ڦٽندڙ اناج، ميوا، ٻوٽا، وڻ هر قسم جي سڃاڻپ رکندڙ زراعت جي حسن ۾ نظر ايندا. اهڙي طرح پاڻي جي طلب اڃايل جي اڃ اجهائڻ لاءِ ايئن آهي  جيئن ٻالڪپڻي ۾ ماءُ جي ٿڃ. ايئن درياهه جي سوڪهڙي جي ڳالهه ائين ڄڻ ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ معصوم ابهم جو تڙپي تڙپي جيئڻ.

سنڌو جي قدرتي موج مستين سان به ڪجهه سياسي مفادن ۽ موقع پرستن جي ويساهه گهاتي ٿيندي رهي آهي. ڪڏهن ارسا معاهدا ته ڪڏهن سنڌو جو انڊيا سان ائين معاهدو ڄڻ نياڻي کي گهر مان رخصت ڪرڻ، ايئن سنڌو جي سيني تي گهاءُ ڪري معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سيراب ٿيندڙ سنڌو جي جهومندڙ لهرن کي سوڪهڙي جي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو اڄ اها سنڌو لساني، قومي، صوبائي نفرتن جي اوڙاهه ۾ لڏندي نظر اچي ٿي. نه صرف سنڌو مان سيراب ٿيندڙ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. پر سندس لهرن جي گونجار سمنڊ سان ملندي کاري پاڻيءَ کي ڌڪي ڪناري تي رهندڙ ڪيتري آبادي کي جيون ڏيندي. اڄ انهيءَ سنڌو جي ڊيلٽا جي خوبصورتي کسي ورتي آهي پر سمنڊ جي کاري پاڻي ڪري زرعي زمينون کاڄ بڻجي غير آباد ٿي ڪيتري انساني آبادي کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي. وحشي ۽ غير فطري جبلتن مان نڪرندڙ انسان جڏهن شعور ايندي ترقي ڪئي ته سڀ کان پهرين پاڻي جي تلاش ڪندي آباديون ٺاهيون جيڪي اڳتي هلي ڳوٺن، شهرن، ملڪن جي شڪل ۾ دنيا جو دائرو ٺاهي گلوبل وليج  بنائي ڇڏيو،  پر اڄ وري انهيءَ پاڻي جي اڻاٺ  ڪري ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي رهيو آهي، ٻوليءَ جا تضاد جنم وٺي رهيا آهن. سمجهڻ گهرجي ته هن طبقاتي نظام ۾ هڪ طبقو ٻئي طبقو جي استحصال ڪندو آهي، چاهي اهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ به رهندڙ هجي. هميشه جنگ طبقاتي تضادن ۽ موقع پرست سامراج چوڌري، پير، مير، وڏيرا شاهي غريب هارين، مزدورن ۽ بي وس لاچار انسانن کي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙيندا رهن ٿا.

هن وقت به جيڪڏهن ڏسجي ته هي جدوجهد ڪنهن صوبي يا صوبي جي عوام سان ناهي بلڪه استحصال ظلم ۽ ناانصافي جي جدوجهد آهي.  پر ان کي علائقائي ٻولي جي نالي جو نعرو هڻي صرف نفرت جي باهه کي ڀڙڪائڻ جي برابر آهي. خود پنجاب جي باشعور سلجهيل طبقي سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنالن جي مخالفت ڪندي اسٽيبلشمينٽ، حڪمرانن کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ مان نڪرندڙ دونهون اکين ساڙڻ کان سواءِ  ڪجهه به ناهي. ائين نه ٿئي ته چولستان جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪنهن مخصوص استحصالي قوتن کي آٿت ڏيڻ هجي. ڇاڪاڻ جو چولستان جي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عباسين نهر جو پاڻي بند ڪري چولستان جي عوام کي ڀڙڪائي نئين نهرن ٺاهڻ جي بهاني سان ريجهايو ٿو وڃي

پنجاب جو عوام به سمجهي ٿو ته جهلم ۽ چناب ۾ به ڪو ايترو پاڻي ڪونهي لا محال ڪئنالن ٺهڻ سان پنجاب تي به متاثر ٿيندو پر سڀ کان وڌيڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. هن وقت پاڻي جي ماهرن  جي راءِ آهي ته ڪئنال ٺهڻ سان مخصوص ڌرين کي خوش ڪري ۽ صوبن جي وچ ۾ وڏا جهڳڙا پيدا ڪرڻ آهي

عام ماڻهو جذباتي نعرن جو رخ اختيار ڪندو زرعي تباهي ڪري عام ماڻهن کي قومي ۽ صوبائي مفادن ۾ ويڙهايو ويندو.

ارسا هميشه اپريل ۾ پاڻي جي کوٽ جو اعلان ڪندو ذميدار حڪومت جي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ائين خاموش هوند ي آهي جيئن سيلاب اچڻ کان اڳ نابالغ ۽ ابهم ٻار وانگر بي سمجهه پوءِ جڏهن پاڻي سر تان وري ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪندو ته رڙيون ڪري غريب عوام جي بربادي تي ڪشڪول کڻي دنيا کان برانڊ  جو شيون گهرائي گهر ڀريندا ۽ عوام اها ئي غربت مفلسي جي ڌٻڻ ۾ پيو ٻڏندڙ ساهه کڻندو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ڪشڪول کڻي ترقي نه ڪئي آهي پر سائنسي جديد ٽيڪنالوجي جي ڪوشش سان اڳتي وڌيا آهن.

ڪيترن سالن کان سنڌو جي سيراب کي سوڪهڙي ڪري زراعت تباهه ٿيندي نظر اچي پئي. وري انهيءَ پاڻي جي چڪي تي به ڪئنال جا وار نظر اچي رهيا آهن ڪهڙو مڪتبه فڪر جو باشعور عوام عورتون مرد ٻار، خواجه سرا، هاري، مزدور، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر لامحدود پر جيڪا سنڌ تهذيب، ثقافت، ريتن رسمن جي سڃاڻپ رکي  انهيءَ ۾ ائين تبديلي آئي آهي جيئن حڪمران پنهنجي مطلب ۽ مفاد تي آئين ۾ تبديلي آڻي پنهنجيون حڪمرانيون بچائيندا. اهڙي نموني سنڌ جي عوام سنڌي ريتن رسمن ۾ به تبديلي آڻيندي شاديءَ کانپوءِ ڪنوار جي رخصتي تي گهوٽ ڪئنال نامنظور جا سهرن جهڙا ڳيچ ڳائي گهونگهٽ ۾ شرمائيندڙ ڪنوار ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي بنيادي ضرورت پاڻيءَ ۽ سنڌو کي بچاءُ  جا نعرا هڻندي اباڻو گهر ڇڏي ٿي. ڏاج جا پئسا کڻي ڪئمپ ۾ ويٺل بهادر ۽ جدوجهد جو حوصلو رکندڙن لاءِ راشن ۽ کاڌي جو سامان موڪلين ٿيون. ٻار پيئرن کان رنديڪا وٺڻ جي فرمائش کي ختم ڪري ڪئمپ ۾ اچي بسڪوٽ ۽ چپس وٺي بکايلن کي کارائين ٿا.

بختارو ڄام ٻڌايو ته اسان جو 45 عورتن جو قافلو امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت ڪيترا نالا کڻجن قافلي کي روڪي رستي تي  اجرڪ پارائي گلن جي ورکا ڪئي وئي. اڳ ئي هوٽلن تي کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو ويو ڪئنالن جي مخالفت ۾ هلايل تحريڪ ۾ مهمان نوازي ۽ عورتن نياڻين جي تحفظ جو به خاص خيال رکيو ويو آهي. زبيده گهانگهرو ٻڌايو ته گهر وارا چون ٿا ته امان هونئن ته فالج جي ڪري هلي به نٿي سگهين پر هن وقت ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيئن همٿ اچي وئي اٿئي. چيائين جيسين سر ۾ ساهه آهي ادا نذير عباسي سان ڪيل وچن ۾ الائي ڪهڙي شڪتي آهي جيڪا همٿ ڏئي ٿي ڇاڪاڻ جو نذير عباسي جي جدوجهد جو خواب اڄ حقيقت ۾ نظر اچي ٿو. شبير شر جو چوڻ هو ته منهنجو يار، منهنجو دوست منهنجو شهيد ساٿي اڄ جيڪڏهن اسان جي سامهون هجي ها ته چئونس ها ڪامريڊ اسان تنهنجي مقصد ۽ انقلابي جدوجهد کان الڳ ناهيون. توڻي جو کڻي ڪارا ڪوٽ پائي ڳاٽ اوچو ڪري ڪمايو ناهي پر اڄ هن وڪيلن جي جدوجهد ثابت ڪيو آهي انقلاب جا هيرا نقلاب جي منزل تي ڪڏهن آسمان جي جهڙ ۾ پيا اک ٻوٽ ڪندا پر ڪڏهن به منزل کي خالي ٿيڻ نه ڏنو آهي. اڄ هن ڏينهن رات جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ ڪيترا سنڌ جا شهيد اسان مٿان لڳايل من گهڙت الزامن  کي ثابت ڪيو آهي ته اسين نه بزدل آهيون نه ڀاڙيا آهيون ۽ نه وري مخدوم بلاول جي گهاڻي کي لڄايو آهي. اسين شاهه عنايت وانگر سر سوليءَ تي رکي ڌرتي خاطر ٻليدان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. هن تحريڪ سان وابسطه ساهه جي آخري لمحي ۾ ڪلمو پڙهڻ جي به مهلت نه ملڻ ڪري ڪئنال  نه کپن جو نعرو هڻي دنيا کي رخصت ڪري شهيد ٿي ويا

اسان جي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندڙ محنت ڪش غريب طبقي سان ويڙهه ناهي پر ظلم ۽ استحصال خلاف ويڙهه جو تعلق ٻولي مذهب سان نه پر غير انساني ، غير فطري موت مار سوچ سان آهي. جڏهن ته حڪمران جماعت کي هڪ ڏاهي عورت چئي رهي آهي ته اسان جي ليڊر بلاول جي  جلسي ۾ يوسي کان جيترا گهڻا ماڻهو آيا ته انهن کي فنڊ به گهڻا ملندا. آخر ۾ مان صرف ان محترمه کي صلاح ڏيندس ته ڪئنالن خلاف ڌرڻي ۾ شامل عورتن ٻارن محنت ڪشن وڪيلن، ڊاڪٽرن، اديبن شاعرن جي تاريخ پڙهو ۽ پراڻي روايت پئسا وٺي  ماڻهو گڏ ڪري شو ڪرڻ وارن جو حشر ايئن به ٿيندو آهي، جيئن ماضي ۾ قصور ۾ عمران خان جو جلسو ختم ٿيندي ماڻهو ڪرسيون کڻي ڀڳا هئا. اڄ سنڌ جي تاريخ سياسي مداريءَ کان گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. هاڻي ته انسانن جي بنيادي ڳالهه حقيقتن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. مداريءَ کي سوشل ميڊيا جي اسڪرين تي ته ڏيکاري سگهجي ٿو  پر عوام جي دلين ۾ پوندڙ جهيرن کي ڀري نٿو سگهجي. عوام جي ٽئڪس جو پئسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته  پارٽي جي شهيدن جي روح کي ڪو ايصال ثواب ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.