ڌاٻيجي جي ڪارخانن ۾ مقامي پورهيتن کي نظرانداز ڪرڻ وارو الميو

مقصود احمد جوکيو

سنڌ اها سرزمين رهي آھي، جتي ڪيترن ئي مذهبن جنم ورتو آھي، سنڌ جو ذڪر دنيا جي قديم کان قديم ڪتابن ۾ به ملي ٿو، سنڌي قوم صدين کان وٺي روادار ۽ پرامن قوم رهي آھي، سنڌ جي خوشحالي ڏسي هميشه ڌارين، ڦورن هتي حملا ڪري سنڌ ڌرتي کي لٽيو ۽ ڦريو آهن. اڄ به ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ بک ۽ بدحالي سميت ڪيترين ئي سماجي براين کي منهن ڏئي رهي آھي، سنڌ جا سکيا ستابا ماضي جو پيرس سڏجندڙ شھر هاڻي قبرستان ۽ شمشان گهاٽ جو ڏيک ڏئي رهيا آھن، هتي ميرٽ جي لتاڙ. رشوت خوري عام ٿي چڪي آهي، سنڌ ۾ اسان سان نسورو ناحق آهي، جنهن سبب امير سنڌ جو ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي، جتي مزدورن جي حقن جي ڳالهه ته ڪئي ويندي آھي پر افسوس جو اسان جا ماروئڙا اڄ به غلامي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھن، سنڌ ڪيترن ئي وسيلن سان مالامال هئڻ باوجود اڄ به ترقي نه ڪري سگهي آھي ۽ سنڌ تي ڌارين جو قبضو آھي، جنهن جي ڪري سنڌ جي مالڪن سنڌين کي انهيءَءَ مالي وسيلن کان محروم رکيو ويو آھي، ڪيترائي سنڌ جا نوجوان بک، بدحالي ۽ بيرزگاري جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھن، ڪيترائي خاندان وري پنهنجن ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن.

سنڌ جي مالي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي عياشون پيا ڪن جن سنڌ جي واڳ ڌڻين کي به سندن حال تي ڪوبه رحم نه آيو آهي، اهي اکين کان انڌا ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويا آھن، هتي جو مقامي پورهيت فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي، پورهيتن پنهنجن وسيلن مان فائدا حاصل نه ڪري سگهيا آهن، مزدورن جي حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آھن، ان کان هر سياسي، سماجي ۽ پورهيت تنظيم بخوبي واقف آھي، پر پورهيتن جي صفن ۾ اتحاد برقرار رکڻ ۽ انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه شعور پيدا ڪرڻ ضروري آھي ڇو ته پورهيت اسان جي هن ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثت رکي ٿو. هن معاشري ۾ سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ مزدوري ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جي پيٽ جو گذر سفر ڪري ٿو.

اسان رڳو اچون ڌاٻيجي مل ايريا ۾ جتي هر دور ۾ پ پ جي حڪومت رهي آھي، اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ پ پ جا حڪمران به پورهيتن جي حقن لاءِ ايوانن ۾ آواز نه اٿاري سگهيا، جڏھن ته به هنن مظلومن لاءِ آواز نه اٿاري سگهيو، جنهن سبب هتان جا پورهيت پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور، بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا، ماضي ۾ خوشحال رهندڙ ڌاٻيجي بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي. 20 کان مٿي ڪارخانا بند هلندڙ فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا بند، ٻاهريان ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا، جڏھن ته لوڻ جا وڏا ذخيرا هئڻ باوجود پورهيتن جون زندگيون تبديل نه ٿي سگهيون.

ايوب جي دور ۾ ڌاٻيجي کان نڪرندڙ لوڻ ريل گاڏين ذريعي ڪلڪتا ممبئي موڪليو ويندو هو، جنهن سان هزارين ماڻھن جو روزگار سلهاڙيل هو، هن وقت جيڪي لوڻ جا ذخيرا هتان جي غير قانوني طور تي ڳري رشوت عيوض بااثر ڌارين جي حوالي ڪيا ويا آھن، جن تي اڄ به انهن جي چوڌرائپ قائم آھي، هتان جا مقامي پورهيت جيڪي هن وقت بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھن، پر افسوس جو هتان جي ڪنهن به  سياسي، سماجي ۽ چونڊيل نمائندن انهن پورهيتن جي سار نه لڌي، جنهن سبب هتان جا پورهيت پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ، بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن. هڪ سروي رپوٽ موجب ماضي ۾ خوشحال رهندڙ لوڻ کاڻ واري شھر ڌاٻيجي جا 20 کان وڌيڪ ڪارخانا بند ٿيڻ سبب هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا، پورهيتن جا ڪٽنب معاشي بدحالي جو شڪار آهن،  بند ٿيندڙ ڪارخانن ۾ انڊس جوٽ مل، سينٽرل ڪاٽن فيڪٽري، عظمت ٽيڪسٽائل مل، العباس شگر مل، الحبيب ٽيسڪسائل مل، پاڪ انڊسٽريز، النور ٽيڪسٽائل، گوار فيڪٽري، هڏي مل، قريشي سالٽ، ابرو سالٽ، سميت ٻيا ننڍا وڏا ڪارخانا شامل آھن.

ماضي ۾ هتي لوڻ جو وڏو واپار هلندو هو، هزارين مزدورن جا خاندان ۽ واپاري خوشحالي واري زندگي گذاريندا هئا. پر هاڻ ان وقت هتي هلندڙ ڪارخانن اوڪي آئل مل، آمريلي اسٽيل مل، گوشت  فيڪٽري، انور ٽيڪسٽائل مل، ايف ايم ايل مل سميت ڪوسٽل هاءِ وي تي لڳندڙ بجلي گهرن ۽ ٻين ڪارخانن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي سنڌي پورهيتن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، انهن فيڪٽرين ۾ مزدورن جي قانون تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي، هلندڙ ڪارخانن ۾ ٻين صوبن  جو ڪارڊ رکندڙن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي، روزگار سان گڏوگڏ فيڪٽرين جي اندر رهائش، کاڌي پيتي سميت هڙئي بنيادي سهولتون ڏنيون ٿيون وڃن. مل جي گيٽن تي وانا ۽ وزيرستان جا سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ٿيل آهن. جن کي سواءِ پشتو کان ٻئي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي، جيڪي هر وقت مقامي پورهيتن سان نجي جيل وارو رويو استعمال ڪن ٿا. هتان جا نام نهاد فيڪٽري مالڪ مقامي وڏيرن، مقامي انتظاميا، چونڊيل نمائندن سان ملي ڀگت ڪري پنهنجي ڏاڍ تي قائم آھن، جيڪو پورهيت انهن جي خلاف ڳالهائي ٿو ان کي هيسائي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا، اهو روزگار تان ئي هٿ کڻي ٿو وڃي،ڪنهن به ملڪ يا علائقي ۾ ڪارخانا لڳن ته اها خوشي جي ڳالهه ھوندي آھي انهيءَ سان علائقي ۾ ترقي ٿئي ٿي ماڻھن کي روزگار جا موقعا ملن ٿا ۽ ٻيا انيڪ فائدا ٿين ٿا ڌاٻيجي ۾اڳواٽ ھوا تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن ان جا ڪي به تفصيل پڌرا نه ڪيا ويا اهو پاور پلانٽ سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي قديمي آثارن جي اڀرندي ۾ سامونڊي ڪناري سان لڳايو پيو وڃي ان ۾ ڪٿان جا مزدور ڪم ڪن ٿا انهيءَ جي ڪابه خبر ناهي هنن جو وڌيڪ هاڻي اهو چيو ٿو وڃي ته سيڪورٽي زون آھي ان ڪري ايڏانهن هرڪو نٿو وڃي سگهي ڇوته اتي انجينر ڪم ڪري رهيا آھين ڇا چيني ڪمپنين جي نگراني ۾ يا انهن جي سيڙپ سان جيڪي به ادرا قائم ٿيندا اهي سمورا سيڪورٽي زون هوندا ۽ مقامي ماڻھو اوڏانهن وڃي نه سگهندو ڌاٻيجي ۾ اڳ انڊسٽريز زون موجود آھين پر انهن ڪارخانن ۾ افغاني ،بنگالي ،بيهاري ۽ پٺاڻ آڻي ڀرتي ڪيا ويا آھين جيڪي هاڻ ڌاٻيجي جي اندر مختلف  نالن سان ڪالوني قائم ڪري ويٺا آھين ڌاٻيجي جي مکيه ڪاروبار تي به ڪنهن جو قبضو آھي پورٽ قاسم واري انڊسٽريز ايريا اولهين پاسي کان لانڊي انڊسٽريل ايريا سان ڳنڊجي وئي آھي ۽ اها گهگهر فاٽڪ وارو علائقو ٽپي ڌاٻيجي جي علائقي ۾ شامل ٿي آھي هاڻ جيڪو ڪمپائونڊ ٺھيا آھين اهي وڃي ڌاٻيجي اسٽيشن واري علائقي سان لڳا آھن انهن علائقن کي اسان رڳو ڏسون ڏسي سگهون ٿا هڪ ڊينٽر ،ويلڊر،ميڪنڪ ،اليڪٽريشن جي اپرنٽس شپ ۾ به اتي قائم ادارا ميرٽ  جو بهانو ڪري مقامي  سنڌين کي نظر انداز ڪن ٿا هتي ڪئي وڏيون وڏيون ڪمپينيون آھن اهي اهي گهڻي ڀاڱي ڪو اشتهار به نه ڏينديون آھن ڪيتريون هي اهڙيون ڪمپينون آھن جيڪي لاهور ۾ انٽريو ٽيسٽ ڪرائيندو آھين ڪير به انهن کان پڇڻ وارو نه آھي اهي ادارا هتان جا مقامي ماڻھو ڀرتي به نه انهن کي جيڪا رقم ڏيڻي هوندي آھي ته جئين هتان جا روڊ رستا ٺاهي سگهن ڪراچي شهر ۾ جيڪي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون کليا آھين انهن ۾ انويسٽ کان وٺي پورهيت تائين غير سنڌي آھن حيرت جي ڳالهه اها آھي ته انهن علائقن ۾  افغانين، بنگالين، برمين کي ته ملازمت ڏني ٿي وڃي پر سنڌين کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي

هاڻ سوال اھيمت چائنا انڊسٽريز زون جو ته انهيءَ ۾ سنڌي ماڻھن لاءِ ملازمت ۾ اوليت جي بنياد تي رکيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ته ان تي عمل ڪرائي جيڪڏھن هن زون ۾ به سنڌين کي نظر انداز ڪيوويو ته پوءِ انهيءَ زون جو سنڌين کي ڪهڙو فائدو اول ته ٺٽي ضلعي جي ماڻھن جو حق آھي جنهن کي ملازمت تي رکيو وڃي ان کان پوءِ بچيل جائين تي سنڌ جي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙن کي ڀرتي ڪيو وڃي جيڪڏهن هاڻي به ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا ته اسان جي سنڌ جي ماڻھن سان وڏي ناانصافي ٿيندي سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ليبر لا تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي، جيڪڏھن ڪو پورهيت زخمي ٿئي ٿو ان جو علاج نه ٿيڻ جي ڪري اهو تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي وڃي ٿو،  اسين بک ۽ بدحالي جي ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون، هتان جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ ڳولي نٿا لڀن. بند پيل ڪارخانا کولرائي ۽ هلندڙ ڪارخانن ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار ڏياري علائقي جي ماڻھن مان بک ۽ بدحالي جو خاتمو آڻي ٻيهر ڌاٻيجي کي خوشحال ڌاٻيجي بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.