ڪراچي (رپورٽر ) جنگي جنون، ماحولياتي تباهي ۽ شديد معاشي بحران سرمائيداراڻي نظام جي پيداوار آهن، جڏهن ته دنيا جو امن، ان جي بقا ۽ سماجي انصاف جو حصول سرمائيداري جي خاتمي سان مشروط آهي۔ پهرين مئي جي مزدور شهيدن اڄ کان هڪ سئو چاليهه سال اڳ سرمائيداراڻي جبر خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو، جيڪو اڄ به محنت ڪشن لاءِ مشعلِ راهه آهي۔ انهن خيالن جو اظهار نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان (اين ٽي يو ايف)، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن (ايڇ بي ڊبليو ڊبليو ايف) ۽ ٻين تنظيمن جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل “مزدور ريلي” کي خطاب ڪندي محنت ڪشن، سياسي ۽ انساني حقن جي نمائندن ڪيو. پهرين مئي جي شهيدن جي ياد ۾ نڪتل ريلي جي اڳواڻي فيڊريشن جي بزرگ اڳواڻ ڪامريڊ گل رحمان ۽ انڊسٽريل گلوبل يونين، ٽيڪسٽائل، گارمينٽس، شو اينڊ ليذر سيڪٽر جي ڪو چيئرپرسن ڪامريڊ زهره خان ڪري رهيون هيون۔ ريلي ۾ هزارين جي تعداد ۾ مختلف صنعتي ادارن جي محنت ڪشن، صحافين، استادن، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ عورت مزدورن شرڪت ڪئي. ريگل چوڪ کان شروع ٿيندڙ ريلي جو اختتام ڪراچي پريس ڪلب تي ٿيو، جتي وڏي مزدور اجتماع کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شڪاگو جي مزدورن ڪم جا ڪلاڪ ۽ ڪم جي حالتن ۾ بهتري لاءِ جيڪا جدوجهد شروع ڪئي هئي، اها اڄ سڄي دنيا ۾ جنگ پسند جارح قوتن، مذهبي دهشتگردن، ماحولياتي تباهي ڦهلائيندڙ ڪمپنين ۽ سرمائيداري جي خاتمي جي جدوجهد ۾ تبديل ٿي چڪي آهي۔ هنن موجوده بين الاقوامي صورتحال تي خيال ظاهر ڪندي چيو ته منافعي جي حوس ۽ قومن جي توانائي ۽ معدني وسيلن تي قبضي جي سامراجي جبلت جنگين، نسلي فسادن ۽ عقيدن جي بنياد تي نفرتن کي هٿي ڏني آهي۔ غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي، لبنان، شام، سوڊان، صوماليه، يمن ۽ ليبيا ۾ گهرو ويڙهه، وينزويلا جي چونڊيل صدر ۽ سندن گهرواري جو جبري اغوا، ڪيوبا خلاف معاشي ۽ غذائي ناڪابندي ۽ ايران تي مسلط ننگي جارحيت آمريڪي سامراج ۽ ان جي صهيوني ۽ ٻين گماشتن جي مڪروه ارادن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي۔ آمريڪي سامراج جي انهن جارحاڻين پاليسين جي نتيجي ۾ لکين انسان مارجي چڪا آهن ۽ ڪروڙين ماڻهو جبري لڏپلاڻ ۽ بي گهر ٿيڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته هڪ پاسي هن صورتحال جو سڀ کان وڏو شڪار محنت ڪش آهن، ته ٻئي پاسي دنيا ۾ فوجي خرچ رڪارڊ 2.9 ٽريلين ڊالر تائين وڌايا ويا آهن، جڏهن ته پاڪستان به پنهنجن دفاعي خرچن ۾ 11 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته دنيا جي سڀني ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ان کان گهٽ رقم گهربل آهي۔ هنن موسمياتي تبديلين کي مزدور تحريڪ لاءِ انتهائي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته ماحولياتي تباهي کان متاثر ٿيندڙن ۾ اڪثريت محنت ڪش طبقي جي آهي۔ موسمياتي تبديلين سبب 2030ع تائين 8 ڪروڙ فل ٽائيم ورڪر بيروزگار ٿي ويندا، ۽ جيڪڏهن زرعي ۽ تعميراتي مزدورن کي ڇانوَ جون سهولتون نه مليون ته ايندڙ سالن ۾ 13 ڪروڙ فل ٽائيم ورڪرز کي ڪم نه ملندو۔ انهن ئي تبديلين سبب هر سال 19 هزار ورڪر فوت ٿي رهيا آهن۔ هيٽ ويوز به ان جو هڪ مظهر آهن، جنهن سبب مزدورن جي ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۾ اضافو ۽ پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي۔ هڪ رپورٽ مطابق هيٽ ويوز سبب 2024ع ۾ 640 بلين ڪم جا ڪلاڪ ضايع ٿيا، جڏهن ته ڪارخانن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ به اضافو ٿيو آهي.ملڪ ۾ مزدورن کي درپيش مسئلن تي ڳالهائيندي مقررِين چيو ته پاڪستان آءِ ايل او جي 36 ڪنوينشنز، جن ۾ 8 بنيادي ڪنوينشنز شامل آهن، جي توثيق ڪئي آهي، جي ايس پي پلس تحت ليبر قانونن تي عملدرآمد جو عهد ڪيو آهي ۽ ملڪي ليبر قانون به موجود آهن، پر ان جي باوجود ساڍا اٺ ڪروڙ کان وڌيڪ ليبر فورس لاءِ فيڪٽريون، ڪارخانا ۽ ڪم جا هنڌ بيگار ڪيمپن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.غير انساني ۽ غير قانوني ٺيڪيداري نظام تحت ڪم ڪندڙ مزدورن کي عدالتون به غلامي قرار ڏئي چڪيون آهن، پر هن مزدور دشمن نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ ليبر ڪوڊ مڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ 99 سيڪڙو ورڪر يونين سازي جهڙي بنيادي آئيني حق کان محروم آهن، جڏهن ته 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ورڪر لکت واري مقرري نامي، سوشل سيڪيورٽي ۽ پينشن جهڙن قانوني حقن کان محروم آهن۔ اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي، ڊبل اوور ٽائيم ۽ اجرت سميت هفتيوار موڪل خواب بڻجي چڪا آهن۔ محنت ڪش عورتن کي هڪجهڙي ڪم جي اجرت مرد مزدورن کان گهٽ ڏني وڃي ٿي ۽ ڪارخانن ۾ جنسي هراساني ۽ تشدد معمول بڻجي چڪو آهي. ريلي کي خطاب ڪندڙن ۾ ناصر منصور (نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن)، نسيم راؤ (پاڪستان ورڪرز فيڊريشن)، رفيق بلوچ (اين ٽي يو ايف)، زهره خان (هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن)، منظور رضي (ريلوي ورڪرز يونين)، خالد زدران (عوامي حق)، ڊاڪٽر اصغر علي دشتي (اردو يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن)، طاهر خان (پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس)، غلام محبوب (پي سي ورڪرز يونين)، رياض عباسي (اٽلس بيٽري ايمپلائز يونين)، بشير محموداني (شپ بريڪنگ ورڪرز يونين)، بچل سيٺيو (سيرال فارما ايمپلائز يونين)، بخت زمين (سائيٽ ليبر فورم)، نور زمان (وليدس ايمپلائز يونين)، گل بخت (اي ايس ايس آءِ ٽي ايمپلائز يونين)، سعيد بلوچ (پي ايف ايف)، محمد عثمان (آءِ يو ايف)، قاضي خضر (هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان)، عباس حيدر (پائلر)، عزيز (پاڪستان پيپلز مل يونين)، عاقب حسين (آلٽرنيٽ)، سائره فيروز (يونائيٽيڊ ورڪرز يونين)، جميلا عبداللطيف (چوڙي ورڪرز يونين)، بلابلاول خان، اقبال ابڙو، همٽ ڦلپٽو، رابيل ابڙو (ٽيڪسٽائل اينڊ گارمينٽ ورڪرز يونين)، پروين بانو، عيني محمد يونس (زردوزي ورڪرز يونين)، محمد صديق، حسنه خاتون (بلديه فيڪٽري فائر ايسوسيئيشن)، ايڊووڪيٽ احسن، ايڊووڪيٽ نورالدين، ايڊووڪيٽ اشفاق ملڪ ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.