ڪجهه ڏينهن اڳ سڌ سماءُ جي وفاقي وزير عطاالله تارڙ جو سنڌ جي خيرپور سان واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل، اهل ۽ بيروزگار نوجوان اظهر ميمڻ کي اسلام آباد گهرائي ساڻس ڀاڪر پائي ملڻ، ملاقات ڪرڻ ۽ پنهنجي آفيس جي سرڪاري ڪرسي تي ويهاري سندس مسئلو ٻڌي کيس جيڪا نوڪري ڏياري آهي جنهن اڳڀرائي تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي وئي آهي، عطا تارڙ سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل سڄي صورتحال بيان ٿيل هئي. عطا تارڙ پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته سنڌ جي هن نوجوان جي سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل سندس جدوجهد واري ويڊيو کي ڏسي هن سوچيو ته ان نوجوان جي مالڪي ڪجي.
سوشل ميڊيا تي جتي وفاقي وزير عطا تارڙ جي ان انفرادي عمل جي تعريف ڪئي وئي اتي سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪئي وئي. واهپيدارن جو چوڻ سنڌ ۾ رشوت ۽ سفارش جي نظام هن قابل نوجوان کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته ڪنهن جي انفرادي مدد بدران هڪ اهڙي نظام جي ضرورت آهي جتي ويڊيو وائرل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران هر مستحق نوجوان کي ميرٽ تي روزگار ملي سگهي. پ پ جي سنڌ حڪومت تي اها تنقيد ڪئي وئي ته اها سنڌ جي اهڙن لائق نوجوانن جي مالڪي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
اسان جو به اهو ئي موقف آهي ۽ هڪ وڏي عرصي کان ان صورتحال جي ايڊيٽوريلز، مضمونن، ڪالمن ۽ خبرن ۾ نشاندهي ڪندا رهيا آهيون. انهيءَ حقيقتن کي به بيان ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ رشوت ۽ سفارش جي نظام هر دور ۾ قابل نوجوانن کي تباهه پئي ڪيو آهي. ان تلخ حقيقت جو اظهر ميمڻ نه پهريون مثال آهي ۽ نه ئي آخري. ايئن به ناهي ته ڪو پهريون ڀيرو ڪنهن حڪمران يا وزير انفرادي طور تي ڪنهن جي مدد ڪئي آهي يا روزگار سان لڳايو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ مشهور هوندو هيو ته هو رستي ويندي ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو به هو ۽ ٿڏي تي حل به ڪرائيندو هو. ايئن ٻين حڪمرانن پوءِ اهي چونڊيل هجن يا اڻ چونڊيل، مارشل لا جي حڪومت هجي يا سول انهن ۾ انفرادي طور ڪم ٿيندا رهيا آهن ۽ جن ماڻهن جا انفرادي طور ڪم ٿيندا رهيا آهن سي انهن حڪمرانن ۽ وزيرن جا ڳڻ به ڳائيندا رهيا آهن. جيئن هاڻي اظهر ميمڻ سڌ سماءُ جي وفاقي وزير جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي ۽ ڳائڻ به گهرجن.
رپورٽون آهن ته ان نوجوان کي عطا تارڙ تائين پهچائڻ ۾ مسلم ليگ (ن) جي سنڌ سان تعلق رکندڙ نوجوان اڳواڻ راجا انصاري جو ئي نمايان ڪردار آهي جيڪو ماضي ۾ عوامي آواز جو ڪالم نگار به هو ۽ سنڌ جي بيحد ذهين ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. هن هڪ سنڌي ٽي وي چينل تي نوجوانن جو پروگرام به اينڪر طور ڪيو هو تنهن ۾ انهن کي اڳتي ڪرڻ ۽ وڏا موقعا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. اظهر ميمڻ جي ڪيس جو به هن ئي نوٽيس ورتو ۽ کيس وفاقي وزير سان ملرائڻ واري عمل ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، نه صرف کيس ملائڻ جو ڪم ڪيائين پر کيس روزگار ڏيارڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو آهي جيڪو سندس يادگار ڪم ليکيو ويندو .
ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته خيرپور جي ان نوجوان جي وائرل ٿيل ويڊيو جنهن ۾ هو پنهنجي تعليم، محنت ۽ ڊگهي بيروزگاري جي هاڃيڪار نتيجن بابت پنهنجي درد ڀري داستان ٻڌائي رهيو هو. تنهن جو اصولي طور تي پ پ جي سنڌ حڪومت کي نوٽيس گهربو هو پر هن معاملي جو اهو پاسو انتهائي اهم آهي ته ان جو نوٽيس مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت ورتو ۽ سياسي طور پ پ مٿان اخلاقي فتح حاصل ڪئي ته توهان جي حڪومت واري صوبي جي هڪ نوجوان کي اسان روزگار سان لڳايو آهي. ٻئي پاسي ڏسجي ته وفاقي حڪومت طور سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان مسلم ليگ (ن) جو به تعلق ۽ فرض آهي ته اها به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مالڪي ڪري. سنڌ جو گورنر به وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ نهال هاشمي آهي سو ايئن به ناهي ته ڪو مسلم ليگ (ن) جو سنڌ جي نوجوان کي روزگار سان لڳائڻ جو ڪو احسان ڪيو آهي پر هڪ اهڙي فرض جي ادائيگي آهي جيڪا به صرف مسلم ليگ (ن) پر سنڌ جي حڪومت ۾ خاص طور تي پ پ جي هئڻ گهرجي.
بهرحال اهو تمام سٺو ٿيو جو انفرادي طور هڪ نوجوان جي دانهن ٻڌي وئي ۽ ان کان به سٺو اهو ٿيو جو ان معاملي تي هڪ بحث ڇڙيو ۽ ان بحث ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو انفرادي طور تي اهل نوجوان کي روزگار ڏيارڻ ته چڱي ڳالهه آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته هڪ اهڙو صاف، شفاف ۽ ميرٽ جوڳو نظام جوڙيو وڃي جنهن ۾ اظهر ميمڻ جهڙن سڀني اهل نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ملي سگهي. هن وقت جڏهن ماضيءَ جون ٻه وڏيون حريف وفاقي جماعتون پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ هڪٻئي جون سهڪاري آهن ته اسان سمجهون ٿا ته ٻنهي جماعتن کي ان هڪ نڪتي تي به پاڻ ۾ ڪو معاهدو ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي اهل ۽ بيروزگار نوجوانن کي ڪيئن روزگار ڏياري سگهجي ٿو.
اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊيٽوريل به لکيو هو ته هاڻي جڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) گڏجي طور تي ملڪي پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي نمائندگي ڪري رهيون آهن ۽ ڪافي عرصي کان اقتدار ۾ رهيون آهن ته هاڻي جمهوريت جو ثمر سنڌو سنئون عوام کي به ملڻ گهرجي جيئن عوامي سطح تي اهو تاثر جڙي ته واقعي به ملڪ کي پارلياماني ۽ جمهوري نظام جي ضرورت آهي جنهن مان ئي عوام کي فائدو رسي رهيو آهي. سو اهڙي تاثر قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي اقتداري جماعتن پ پ ۽ مسلم ليگ کي تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي پر اهم سوال اهو آهي ته ڇا اهي ٻئي اقتداري جماعتون ايئن چاهن به ٿيون يا نه، يا اها صرف پنهنجي خواهش آهي. اسان سمجهون ٿا ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي بلڪل به ان پاسي سوچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ جون ٻه وڏيون اقتداري ۽ تجربيڪار جماعتون آهن. جيڪڏهن انهن اسان جي ڏنل صلاح تحت نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ جو ڪو معاهدو ڪيو ۽ ان ذريعي وفاق ۽ صوبن ۾ اظهر ميمڻ جهڙن غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته يقينن نئين نسل ۾ به اهي جماعتون مقبول ٿي وينديون ۽ عوامي سطح تي جمهوريت جي ثمر ملڻ جو به تاثر قائم ٿي ويندو.