نازڪ مرد پسند ناهن، مرد ۾ مرداڻو انداز هجڻ گهرجي: حنا طارق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ اداڪارا حنا طارق عورتن جي حقن، فيمنزم ۽ مردن جي ڪردار بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو.
حنا طارق تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مون کي نرم مزاج، حد کان وڌيڪ حساس مرد پسند ناهن، مرد کي مرداڻي انداز ۾ مضبوط، فيصلا ڪندڙ ۽ خود مختيار هجڻ گهرجي.
هن چيو مان چاهيان ٿي ته منهنجو شريڪ حيات ذميوار هجي، منصوبابندي ڪري ۽ زندگي جا معاملا سنڀالي، ڇو ته هڪ عورت جي حيثيت سان ان روايتي محبت ڀرئي روين مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيان ٿي.
سندس چوڻ هو ته مان مالي طور خود مختيار ضرور آهيان پر ان باوجود چاهيان ٿي ته مرد پنهنجون ذميواريون نڀائي، ڇو ته عورت لاءِ اها ئي خوبصورتي آهي ته هوءَ محبت، ڌيان ۽ عزت ماڻي.
حنا طارق وڌيڪ چيو ته مون کي اهي عورتون پسند ناهن، جيڪي مرد بڻجڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، عورت هڪ خوبصورت ۽ نازڪ مخلوق آهي، گڏوگڏ هن عورتن جي ”فيمنسٽ“ هجڻ کي لعنت قرار ڏنو.
اداڪارا جي بيان تي سوشل ميڊيا تي مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي، ڪجهه واهپيدارن سندس خيالن کي روايتي قدرن جي ويجهو قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ان کي جديد فيمنزم خلاف سخت موقف سمجهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.