اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين تي لاڳو ٽيڪسن ۽ مارجنز جا تفصيل سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي 153 رپيا 55 پيسا، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 116 رپيا 46 پيسا وصول ڪيا پيا وڃن.
پيٽرول جي ڊيوٽي کان اڳ ايڪس ريفائنري قيمت 246 رپيا 31 پيسا آهي پر مختلف ٽيڪسن ۽ مارجنز جي شموليت کانپوءِ عوام لاءِ پيٽرول جي حتمي قيمت 399 رپيا 86 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 23 رپيا 72 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 7 رپيا 32 پيسا ان لينڊ فريٽ مارجن، 7 رپيا 87 پيسا مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا پمپ ڊيلرز جي ڪميشن شامل آهي.
وڌيڪ اهو ته هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 103 رپيا 50 پيسا جي پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پيسا جي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به شامل آهي، جيڪا حتمي قيمت جو هڪ وڏو حصو ٺهي ٿي.
اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اصل ايڪس ريفائنري قيمت 283 رپيا 12 پيسا آهي، جنهن تي سمورا ٽيڪس ۽ منافعا شامل ڪرڻ کانپوءِ شهرين لاءِ قيمت 399 رپيا 58 پيسا ٿي ويندي آهي.
You might also like