گووندا لاڳاپن واري خبرن جي وَر، دوستيون رکڻ جا مشورا ڏيندڙ زال پاران تصديق، ڪومل راڻي ڪير آهي؟

بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار گووندا هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيٽنگ بابت افواهن جي ور چڙهي ويو آهي، سندس نالو ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارا ڪومل راڻي سوارنڪر سان جوڙيو پيو وڃي. اهي ڳالهيون ان وقت وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون، جڏهن گووندا جي گهرواري سونيتا آهوجا مٿس بي وفائي جو الزام هنيو.

گووندا جولاءِ ۾ ميڊيا سان ڪومل جو تعارف پنهنجي ايندڙ فلم روپا جي نئين اداڪارا طور ڪرايو هو. ڪومل راڻي سوارنڪر نسبتاً نئون ۽ گهٽ سڃاتل چهرو آهي، جيڪا بالي ووڊ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

اتر پرديش سان تعلق رکندڙ ڪومل اڃا شوبز جي دنيا ۾ نئين آهي. سندس پس منظر، تعليم، خاندان ۽ ذاتي زندگي بابت عوامي سطح تي گهڻي ڄاڻ موجود ناهي. سندس عمر پڻ ميڊيا آڏو ظاهر نه ڪئي وئي آهي.

ڪومل راڻي سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم آهي، سندس 15 هزار کان وڌيڪ فالوورز آهن ۽ هوءَ باقاعدي پنهنجي زندگي سان لاڳاپيل تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي. هوءَ پنهنجي سرگرمين بابت پنهنجن فالوورز کي پڻ باخبر رکندي آهي.

روپا کانسواءِ اهڙيون به خبرون آهن ته ڪومل گووندا سان گڏ هڪ ٻي ايندڙ فلم دنياداري ۾ پڻ نظر ايندي. جيڪڏهن اهي خبرون درست ثابت ٿيون ته ڪومل کي گووندا سان گڏ هڪ کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندي ڏٺو ويندو.

ٻئي پاسي، گووندا جي ڊيٽنگ بابت افواهن تي جڏهن سندس گهرواري سونيتا آهوجا کان ممبئي ايئرپورٽ تي گووندا کي ڪومل سان گڏ ڏسڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو، ڪڏهن اها چوڻي ٻڌي اٿوَ ته جڏهن ڪنهن جي زوال جو وقت اچي ٿو ته هو سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو؟ ان ڪري ئي هو اهي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.“

سونيتا وڌيڪ چيو، هاڻي مان ٻيو ڇا چوان؟ مان گووندا جي مداحن کان پڇڻ چاهيان ٿي ته جڏهن مان چئي رهي هيس ته هن مون سان دوکو ڪيو آهي ته سڀني مون کي ٽرول ڪيو هو. هاڻي مان چاهيان ٿي ته گووندا جا مداح ۽ ميڊيا ان جو جواب ڏين. مون کان نه پڇو.“

واضح رهي ته گووندا ۽ سونيتا آهوجا جي شادي 1987ع ۾ ٿي هئي ۽ ٻنهي کي ٻه ٻار آهن، جن ۾ ڌيءَ ٽينا آهوجا ۽ پٽ يشوردهن آهوجا شامل آهن.

You might also like