15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي حج تي وٺي وڃڻ تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب حج لاءِ عمر جي نئين پاليسي لاڳو ڪندي 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي گڏ وٺي وڃڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.
پاڪستان ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين سعودي پاليسي موجب 3 مئي 2026 کان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي حج اڏامن ۾ سفر جي اجازت نه هوندي، ان پابندي کانپوءِ 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جون حج ويزائون رد ڪيون ويون آهن.
پي اي اي ترجمان موجب 27 مئي 2026 تائين 15 سالن جي عمر مڪمل نه ڪندڙ سعودي عرب جي سفر جا اهل نه هوندا.
سعودي حڪومت نئين حج پاليسي سان متاثر سڀني پانڌيئڙن کي مڪمل رقم جي واپسي جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.