چنائي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز چنائي سپر ڪنگز جي بيٽنگ ڪوچ مائيڪ هسي ايم ايس ڌوني جي ميچن دوران اسٽيڊيم نه اچڻ بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ مائيڪ هسي چيو ته ”ڌوني ٽيم ورڪ تي ڀاڙيندڙ شخص آهي ۽ هو هميشه ٽيم جي بهتري چاهيندو آهي.“
هن چيو ته ” ڌوني کي خدشو هو ته جيڪڏهن هو ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم آيو ته سڀني جو ڌيان هن ڏانهن هليو ويندو، ڪيمرائون مٿس کُتل هونديون ۽ تماشائي به هن لاءِ نعرا هڻندا، جنهن سبب ٽيم جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي.“
مائيڪ هسي چيو ته ايم ايس ڌوني چاهي ٿو ته ٽيم بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي.
هن وڌيڪ چيو ته ” اها ڳالهه صحيح آهي يا غلط، ان جو فيصلو مان نٿو ڪري سگهان، پر ڌونيءَ جي اسٽيڊيم نه اچڻ پويان اصل سوچ اها ئي هئي ته ٽيم جو ڪم متاثر نه ٿئي.“
Prev Post
You might also like