اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ صحافين خلاف واقعن ۾ هڪ سال ۾ 60 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
فريڊم نيٽ ورڪ جي اسلام آباد مان رپورٽ موجب 11 مهينن ۾ 142 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا.
رپورٽ موجب آزاد صحافت لاءِ ماحول بدتر ٿيندو پيو وڃي، صحافين تي حملن، ڪيسن، هراسان ڪرڻ ۽ سينسرشپ ۾ واڌ ٿي آهي.
فريڊم نيٽ ورڪ جي رپورٽ موجب 30 صحافين تي پيڪا ۽ پي پي سي تحت 36 ڪيس داخل ٿيا، صحافين خلاف گهڻا ڪيس پنجاب ۾ داخل ٿيا، پيڪا ترميمن تي انساني حقن جي تنظيمن ڳڻتي ظاهر ڪئي.
رپورٽ موجب حڪومت پيڪا جي غلط استعمال جي ترديد ڪندي رهي، تنقيدي آوازن خلاف قانوني فريم ورڪ جو استعمال وڌي ويو.
رپورٽ موجب 2024 جي عام چونڊن کانپوءِ صحافت وڌيڪ غير محفوظ قرار ڏني وئي، پنجاب ۽ اسلام آباد صحافين لاءِ خطرناڪ ترين علائقا آهن، صحافين خلاف 28 سيڪڙو واقعا پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ رپورٽ ٿيا.
رپورٽ موجب ٽي وي چينلن جا صحافي سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيا، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جا صحافي به وڪڙ ۾ آيا.
پاڪستان ۾ صحافين خلاف واقعن ۾ 60 سيڪڙو واڌ، پنجاب ۽ اسلام آباد قلم ڌڻين لاءِ خطرناڪ قرار
Next Post
You might also like