ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت چيو آهي ته پنهنجي محبوب خاطر پاڪستان ڇڏي ايندڙ سيما حيدر کي واپس نه موڪلڻ گهرجي، هوءَ ڀارت جي نُنهن آهي.
انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪندي راکي ساونت سيما حيدر جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته اهڙو ظلم نه ڪيو، هوءَ پاڪستاني شهري هئي پر هاڻ ڀارت جي ننهن آهي، هن هتي شادي ڪئي ۽ ڀارتي مرد جي ٻار کي جنم ڏنو آهي.
هن چيو ته ڪنهن عورت تي اهڙو ظلم نه ڪرڻ گهرجي، کيس بي دخل ڪري پاڪستان نه موڪلڻ گهرجي، ان کي هتان ڪڍڻ ٺيڪ ناهي.
سندس چوڻ هو ته سيما حيدر مسلمان هئي پر هاڻ هندو بڻجي چڪي آهي ۽ هن ڀارتي ڇوڪرَي سچن سان شادي ڪئي آهي، معصوم ماڻهن سان ائين نه ٿيڻ گهرجي، سيما هڪ عورت آهي فٽبال ناهي جو کيس لت هڻي ڪڍيو وڃي، مان درخواست ٿي ڪيان ته کيس هتان نه ڪڍيو وڃي.
واضح رهي ته پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي حڪومت جي قدمن سبب سيما حيدر کي به ڀارت مان ڊي پورٽ ڪرڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
Prev Post
You might also like