نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي حڪومت پاڪستاني شهرين کي جاري ويزائون معطل ڪري ڇڏيون آهن.
ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب سڀني پاڪستاني شهرين جون ويزائون 27 اپريل تي رد ڪيون وينديون ۽ هو ان تاريخ کان اڳ ڀارت ڇڏي ڏين.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ڇڏي ڀارت ويندڙ سيما حيدر هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وزيراعظم نريندر مودي ۽ اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي آدتيه ناٿ کي درخواست ڪئي آهي ته کيس ڀارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
سيما چيو توڙي جو مان ماضي ۾ پاڪستاني شهري هيس پر 2023 ۾ پنهنجي محبوب سچن مينا سان شادي وقت مذهب تبديل ڪيو هو هاڻ ڀارت جي نُنهن آهيان، مهرباني ڪري مون کي واپس نه موڪليو وڃي.
سيما جي وڪيل به اميد ظاهر ڪئي آهي ته کيس ڀارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي، ڇو ته هن ڀارتي شهري سان شادي ڪئي آهي ۽ هڪ ڌيءُ کي به جنم ڏنو آهي، تنهن ڪري هاڻ ان تي ملڪ ڇڏڻ جو شرط لاڳو نه ٿيڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like