تعلقي گولاڙچي جي يوسي کورواھ جيڪا اٽڪل پندرهن هزار کان مٿي جي آبادي رکندڙ يونين ڪائونسل آهي، جنهن ۾ هڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ، هڪ گرلز پرائمري اسڪول، هڪ گرلز پرائمري اسڪول، هڪ ايليمينٽري اسڪول کانسواءِ ڪيترائي آس پاس جي ٻهراڙين جا پرائمري اسڪول آهن پر انتظامي نااهلي سبب اڪثر اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن جنهن جو پاڻ مختصر جائزو وٺنداسين،هتان جي تعليمي صورتحال ڪنهن کان به ڳجهي ناهي يوسي کورواھ ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جن کي اسڪول ناهن پر جن ڳوٺن ۾ اسڪول آهن ته انهن مان اڪثر بند پيل آهن يا هتان جي مقامي ڀوتارن جا ڀانڊا بڻيل آهن، جيڪي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول هلائين پيا ته انهن کي وري عمارتون ناهن ۽ ٻارڙا سردي توڙي گرمي ۾ ڪچن ڇاپرن هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن،
جنهن جو مثال کورواھ جو واحد هائير سيڪنڊري اسڪول آهي جنهن ۾ ست سئو کان اٺ سئو جي لڳ ڀڳ ٻار پڙهن ٿا، هن اسڪول جي عمارت ڪافي عرصي کان زبون حال آهي ورڪس ڊپارٽمينٽ وارن بار بار نوٽيس ڏئي اسڪول ته خالي ڪرائي ڇڏيو پر گذريل گرمين ۾ شاگرد نٽهڻ اس ۾ تعليم پرائي رهيا هئا پر اھي ٻار ڪنهن به چونڊيل نمائيندي کي نظر نه آيا ۽ نه ئي وري تعليمي ايمرجنسي جون دعوائون ڪندڙ مخلوق کي نظر آيا، وري به جس هجي کورواھ جي ديوان برادري کي جن ان اسڪول ۾ ڪچا ڇاپرا پنهنجي خرچ تي ٺهرائي علم پسندي جو مظاهرو ڪيو پر هتان جي انتظاميا ۽ تعليم کاتو اگھور ننڊ ستل آهن، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول کورواھ ۾ به سوين نياڻيون پڙهن ٿيون ھن اسڪول جي به عمارت زبون حال آهي ٻار ڪچي ڇاپري هيٺ پڙهي رهيا آهن ان کانسواءِ واشروم ۽ پيئڻ جي پاڻي نه هئڻ ڪري شاگردياڻيون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آھي ته اسڪول ۾ واش روم نه هئڻ ڪري اسان جون نياڻيون پاڙي جي گهرن ۾ وڃڻ ٿيو،
اهڙو مثال کورواھ ڀرسان ڳوٺ صالح محمد درس جو آهي، هي ڳوٺ پنجاھ کان سٺ گهرن تي مشتمل ڳوٺ آهي هن ڳوٺ ۾ اسڪول ته ناهي پر هتان جا ٻارڙا واھ تي پل نه هئڻ ڪري ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر پري اسڪول وڃڻ لاءِ واھ تي رکيل پلسراط نما ڪاٺ تان گذري اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن ان لاءِ مختلف وقتن تي ڳوٺاڻن احتجاج به ڪيا آهن، پر وڃي ٿيا ست خير، کورواھ شهر جي گرلز مڊل اسڪول جي عمارت به زبون حال آهي جنهن ۾ سوين نياڻيون پڙهن ٿيون، جنهن جي عمارت تعمير ڪرائڻ بجاءِ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ، اهڙي طرح شهر جو پرائمري ايليمينٽري اسڪول ڪنڀار محله، ڳوٺ بصر لاشاري، ڳوٺ عبدالرحمان مهيري، ڳوٺ محمد صالح رند ۽ ڳوٺ ڄام کور جا ٻارڙا به عمارت نه هئڻ سبب کلي آسمان هيٺ تعليم پرائين ٿا، ڳوٺ قائم خان رند، ڳوٺ محمد رحيم بڪيرو، ڳوٺ نم جت ۽ حاجي جمن چنه سميت ديھ کاريون جا ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جن ۾ يا ته استاد مقرر ناهن ٿيل اگر مقرر ٿيل آهن ته ڊيوٽي نٿا ڏين ڇو ته استاد به ڪنهن نه ڪنهن بااثر جا منظور نظر آهن، سرندي پڄندي وارن ته خانگي اسڪولن جو رخ ڪيو آهي جتي ڳريون فيسون ڏئي پنهنجا ٻار پڙهائي رهيا آهن باقي غريب طبقي جو اولاد تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهي،
حنيف چانڊيو