”ڪوچن اسٽرائيڪ ريٽ جي چڪر ۾ بابر اعظم جي بيٽنگ خراب ڪري ڇڏي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف چيو آهي ته بابر اعظم جي ٽيڪنڪ بهترين آهي، ان سان ٽيڪنيڪي مسئلا نه هئا پر ڪوچن اسٽرائيڪ ريٽ جي چڪر ۾ سندس بيٽنگ خراب ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ راشد لطيف چيو ته منهنجي خيال ۾ بابر اعظم جي ٽيڪنڪ بهترين آهي ۽ رهندي، ڇو ته هو سڀني فارميٽن ۾ مسلسل ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو هو.
سندس موجب گذريل سال جڏهن ان جي فارم وئي ته ماڻهن ۽ ڪوچن سوچيو ٽيڪنيڪي مسئلا آهن، سڀني ڪوچن ان جي ٽيڪنڪ سان گڏ اسٽرائيڪ ريٽ بهتر بڻائڻ لاءِ ان کان وڏيون شاٽس لڳرائڻ شروع ڪري ڇڏيون، جيڪو غلط طريقو هو.
هن چيو ته ڪوچن بابر اعظم جي فارم جي واپسي جو انتظار نه ڪيو ۽ سندس بيٽنگ کي خراب ڪري ڇڏيو، هاڻ بابر جي ٽيڪنڪ ۾ ٿوري تبديلي آئي آهي پر هن کي پاڻ ئي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، ڪو ڪوچ بهتر نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.