سياري ۾ چهري تي هي ماسڪ لڳايو ۽ حيران ڪندڙ نتيجا ڏسو

سياري ۾ جتي عورتون وارن جي مسئلن کي منهن ڏينديون آهن، اتي ئي خشڪ جلد به انهن لاءِ ڪنهن پريشاني کان گهٽ ناهي هوندي.
سياري ۾ جلد تان خشڪي جي خاتمي ۽ ان کي چمڪدار بڻائڻ لاءِ بيسڻ سان تيار ڪيل ماسڪ عورتن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
ان فيس پيڪ کي بڻائڻ لاءِ هڪ چمچي بيسڻ ۾ هڪ چپٽي هيڊ ۽ ٿَري شامل ڪيو ۽ انهن کي چڱي طرح مڪس ڪيو.
ضرورت پوڻ تي ان ۾ پاڻي يا عرق گلاب جا ڪجهه قطرا به شامل ڪري سگهجن ٿا.
هاڻ هڪ برش جي مدد سان چهري تي ان پيسٽ کي لڳايو، خشڪ ٿيڻ کانپوءِ پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.
ان فيس ماسڪ ۾ استعمال ٿيندڙ شئي جزا جلد لاءِ فائديمند آهن، ٿري هڪ بهترين موسچرائزر آهي، جيڪو جلد تان خشڪي ختم ڪري ٿو.
بيسڻ هڪ ايڪسفوليٽر طور ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته هيڊ سوڄ جي خاتمي جون خاصيتون رکڻ سبب جلد لاءِ بهتر سمجهي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.