سيڪيورٽي فورسز ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي دهشتگردن جي حملي کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي حمايت يافتا گروپ فتنه الخوارج ڏکڻ وزيرستان جي ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملو ڪيو، حملي آورن پريميئر سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي فورسز حملي جو منصوبو تيزي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مايوسي ۾ حملي آورن مک گيٽ تي هڪ بارودي گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، ڌماڪي سان مک گيٽ ۽ لاڳاپيل انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهتو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ڀارتي حمايت يافتا ٻه خارجي مارجي ويا، خارجي اي پي ايس جهڙي دهشتگردي ورجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.