سنڌ جي ڌرتي هميشه کان سياسي سجاڳي، شعور ۽ تحريڪن جو مرڪز رهي آهي. هتي جڏهن به ڪنهن طاقت عوامي حقن تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته سنڌ جا نوجوان اڳڀرو ٿي ان جي مزاحمت ڪئي آهي. اهڙي ئي تاريخ جو تسلسل تڏهن ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن شاگرد تنظيم جساف جي قيادت هيٺ سنڌ شاگرد مارچ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد تائين نڪتو، جنهن جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي قبضا ۽ سنڌي وسيلن جي ٿيندڙ ڦرلٽ خلاف آواز اٿارڻ هو. هي مارچ ڪنهن انتشار يا ذاتي مفادن لاءِ نه، پر پنهنجي زمين، وسيلن ۽ قومي وجود جي تحفظ لاءِ هو، پر افسوس جو پوليس ان پرامن شاگرد مارچ تي اهڙي وحشي ڪارروائي ڪئي جو نه رڳو قومي قيادت پر معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
خبر موجب مٽياري ڀرسان ڇنڊڻ موريءَ تي جڏهن هي مارچ پهتو ته پوليس لٺبازي ڪندي مارچ ۾ شامل شاگردن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ جساف جي مرڪزي صدر اسد سنڌيار، ڪرن نظاماڻي، ناديا جويو، علي عمراڻي، سرائي ڪميل، فرحان پهنور، صالح جمالي، عاقل ڪلهوڙو ۽ سعيد چانڊيو شامل هئا. رپورٽن موجب، هي مارچ مڪمل طور پرامن هو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگرد، شاگردياڻيون، ٻارڙا ۽ قومي ڪارڪن شامل هئا، پر پوليس جي هٿان انهن کي اهڙي طرح کنڀي گم ڪرڻ ۽ زخمي ڪرڻ سان اهو ثابت ٿيو ته ادارا هاڻي به جمهوري عمل ۽ پرامن احتجاج کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
سوال اهو آهي ته جڏهن هڪ پرامن مارچ پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن ۽ ماڻهن جي حق ۾ آواز اٿاري رهيو هو، ته پوءِ ان خلاف اهڙي سخت ڪارروائي ڇو؟ ڇا هاڻي سنڌ ۾ به اهو طئي ٿي ويو آهي ته جيڪو به ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جو نعرو هڻندو، ان کي دٻائڻ لاءِ تشدد، گرفتاريون ۽ جبري گمشدگيون عام ڪيون وينديون؟ اها صورتحال صرف سياسي نه، پر اخلاقي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو بدترين مثال آهي.
شاگرد تنظيم جي مرڪزي قيادت جي گرفتاري خلاف ڄامشورو، دادو، نوابشاهه، نصيرآباد، گولاڙچي ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي احتجاجي مظاهرا ٿيا، سي نه رڳو هڪ سياسي ردعمل هئا، پر سنڌي شعور جو ثبوت هئا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو عمل، ان حقيقت جو اظهار آهي ته نئين نسل ۾ مزاحمت جو شعور اڃا زنده آهي. شاگردن جي اها جرئت ته اهي لٺبازي، گرفتاري ۽ ڌمڪين باوجود ڌرڻي تان نه اٿيا، اها هڪ نئين سياسي تحريڪ جي علامت آهي. پر ادارن کي سوچڻو پوندو ته ڇا اهڙن عملن سان تحريڪن کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ تاريخ گواهه آهي ته ظلم جي نتيجي ۾ تحريڪون ڪمزور نه ٿيون، پر وڌيڪ طاقتور ٿيون آهن. جڏهن به عوام جي آواز کي طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تڏهن ان جو نتيجو هميشه عوامي ردعمل جي صورت ۾ نڪتو. سنڌ ۾ به اها ڪوشش ڪيترائي ڀيرا ڪئي وئي، پر هر ڀيري سنڌي شعور نئين سر اڀريو.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڏو نقصان حڪومت پاڻ کي پهچائي رهي آهي. جڏهن حڪومت پنهنجي ئي نوجوانن کي دشمن سمجهي ٿي، تڏهن اها پنهنجي بنيادن کي ڪمزور ڪري ٿي. سنڌ جا نوجوان دشمن نه پر ڌرتيءَ جا وارث آهن، جن وٽ هٿيار ته ناهن پر وٽن هڪ ئي نعرو ضرور آهي ”سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق.“ ڇا اهو نعرو هڻڻ ۽ پنهنجا جائز حق گهرڻ ڏوهه آهي؟ ڇا پنهنجي وسيلن جي مالڪي ۽ پاڻيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ غداري آهي؟
حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي مسئلا تشدد سان نه، پر ڳالهين ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ سان حل ٿيندا آهن. جيڪڏهن مٽياري واري واقعي جي ذميوارن کي سزا نه ڏني وئي ۽ گرفتار شاگردن کي فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ته پوءِ اها بي چيني سڄي سنڌ ۾ پکڙجندي. اڳ ئي ملڪ جو سياسي وايو منڊل گرم آهي. ان لاءِ اسان سمجهون ٿا ته اهڙا واقعا سنڌ جي شعور تي حملو آهن. جڏهن به سنڌ ۾ ڪا شعوري تحريڪ جنم وٺي ٿي، ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت استعمال ڪئي وڃي ٿي.ان روايت کي ختم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن حڪومت ۽ حڪمران پارٽي واقعي جمهوريت تي يقين رکي ٿي ته پوءِ ان کي پنهنجي ماڻهن جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، سندن احتجاج کي جمهوري قدرن سان ڏسڻو پوندو
اسان جي گذارش آهي ته سنڌ جي چونڊيل نمائندن، خاص طور تي صوبائي حڪومت کي ته ان معاملي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. خاموشيءَ جو مطلب راضپو هوندو آهي ۽ اهو سنڌي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. سنڌ حڪومت کي وفاق ۽ پنهنجي انتظامي ادارن کي ياد ڏيارڻ گهرجي ته پوليس سنڌي عوام جي خدمت لاءِ آهي، نه ته انهن تي لٺيون وسائڻ لاءِ . اسان سنڌ جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ڪارڪنن جي جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪي لٺبازيءَ، گرفتاري ۽ ڌمڪين باوجود پنهنجي مقصد کان نه هٽيا. انهن نوجوانن جو اهو عزم ئي مستقبل جي سنڌ جي ضمانت آهي. پر ساڳي وقت حڪومت، عدليه، ۽ سول سوسائٽيءَ تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ان حڪومتي ڏاڍ خلاف عملي قدم کڻن، رڳو سکڻن بيانن تائين محدود نه رهن.