ٽرمپ جي ڌمڪين جو ڪو فرق نه پيو، تباهيءَ جي خلاف آهيون: اسپين موقف تي قائم

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته اسان جو ملڪ وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جهڙي تباهي جي خلاف آهي.
سندس بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان تڪرار تي ميڊرڊ جي موقف سبب اسپين سان واپار محدود ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.
پنهنجي قوم کي ٽي وي تي خطاب ڪندي سانچيز چيو ته انسانيت جون وڏيون تباهيون ائين شروع ٿينديون آهن، توهان لکين ماڻهن جي زندگين جي جوا نٿا کيڏي سگهو.
ٻنهي نيٽو اتحادين ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌي، جڏهن سانچيز ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري کي لاپرواهي ۽ غير قانوني قرار ڏنو ۽ پوءِ تهران خلاف ڪارروائي لاءِ آمريڪي جهازن کي اسپين ۾ بحري ۽ فضائي اڏن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.