افغان سرزمين جو دهشتگردي لاءِ استعمال قبول ناهي، هر خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻنداسين: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن افغان طالبان دهشتگردي ۽ دهشتگردي تنظيمن جي حمايت بند ڪن.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير وانا ڏکڻ وزيرستان جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ خراج عقيدت پيش ڪيو.
فيلڊ مارشل کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشن غضب للحق تي بريفنگ ڏني وئي، هن اڳين مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ جاري جهڙپن دوران جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ حوصلي کي ساراهيو.
سيد عاصم منير چيو ته شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي سلامتي ۽ مضبوطي جو بنياد آهن، افغان سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال قبول ناهي، ان سان پيدا ٿيندڙ هر خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.

You might also like