ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريقا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڪلڪتي ۾ ڪيوي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.
دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون.
مارڪو جينسن 55، بريوس 34، اسٽبس 29 رنسن سان اڳڀرا رهيا، نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري، مڪ ڪونچي ۽ راچن رويندرا 2-2، فرگيوسن ۽ نيشم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڪيوي اوپنرن جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقي بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، فن ايلن 33 بالن تي ناقابل شڪست 100 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا، ٽم سائفرٽ 58 ۽ راچن رويندرا 13 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ گهربل هدف 12.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو ۽ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ٽيم ٻاهر ٿي وئي.
8 ڇڪا 10 چوڪا، فن ايلن جي 33 بالن تي ناقابل شڪست سينچري ڪيويز کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو
You might also like