هونئن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي چڪيون آهن. جن تي ڪوبه ڪنٽرول ڪونه ٿي سگھيو آهي. اهي تيزي سان وڌي رهيون آهن. پر، هن وقت مليريا بخار ۽ ڊينگي وائرس جو خطرو به وڌندو پيو وڃي. مليريا ۽ ڊينگي جا مريض سڄي سنڌ ۾ وڌي رهيا آهن. خود، صحت کاتو به اهڙو انڪشاف ڪري چڪو آهي. مليريا بخار ته مڇر جي چڪ هڻڻ سان ٿئي ٿو. بلڪل اهڙي طرح ڊينگي به هڪ وائرس ئي آهي. جيڪو پڻ مڇر مان ئي پکڙجي ٿو. ڊينگي جون شروعاتي نشانيون هي آهن ته، تيز بخار ٿئي ٿو. جسم ۾ سور جي تڪليف پڻ ٿئي ٿي. خاص ڪري ڄنگھن ۾ هيڻائي اچي وڃي ٿي. اکين جي تڪليف ۽ الٽي اچي ٿي. هي اهڙيون نشانيون آهن جيڪي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھجن ٿيون. انهن نشانين کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته ڊينگي بخار آهي. جنهن کي معمولي سمجھڻ نه گھرجي. اهو هڪ خطرناڪ مرض آهي. جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ترت علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهريائين جيئن ئي اهي نشانيون ظاهر ٿين ته فورن ليبارٽري ۾ وڃي ٽيسٽ ڪرائجي ته ڪٿي ڊينگي وائرس ته ڪونه لڳو آهي. ان تصديق کان پوءِ، ان ٽيسٽ جي رپورٽ جي آڌار تي علاج ڪرائڻ گھرجي. ٻئي حالت ۾ جاني نقصان به ٿي سگھي ٿو.
ڊينگي وائرس گذريل چند هفتن کان وٺي تيزي سان وڌي رهيو آهي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڙا ڪارڻ آهن جو، اهو وائرس لڳي ٿو. جيڪو بخار جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي نه هئڻ ڪري ۽ پاڻي جي ناقص نيڪال وارو نظام هن وائرس جو سبب آهي. هاڻ حالت اها آهي جو هن جديد دور ۾ به سنڌ واسي صفائي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. اڪثر شهرن ۾ گٽرن جو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. ڳوٺن ۾ به ساڳيو حشر آهي. اتي به صفائي جو نالو و نشان ڪونه ٿو نظر اچي. شهرن توڙي ڳوٺن جا گٽر کليا پيا آهن. نيڪال جو ڪو معقول، موزون ۽ مناسب بندوبست ڪونه آهي. جنهن ڪري هيءَ وائرس پيدا ٿئي ٿو.
اهو به عام خيال آهي ته هي وائرس برسات جي پوڻ کان پوءِ وڌي ٿو. برساتي پاڻي کڏن کوٻن ۽ هيٺاهين ۾ بيهي وڃي ٿو. جنهن ڪري اتي اهو ڊينگي مڇر پيدا ٿئي ٿو ۽ هن ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي آهي. جيڪا انتهائي نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، بيٺل پاڻي تي ڦوهارو ڪيو وڃي يا ڪا مڇر مار دوا هاري وڃي ته هر قسم جا مڇر مري سگھن ٿا ۽ بيمارين کان بچاءَ ممڪن ٿي سگھي ٿو. پر، اسان وٽ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ صفائي مورڳو نظر ڪونه ٿي اچي. پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ پنا پيا اڏامن. خراب ڀاڄيون ۽ گوشت وغيره به ٻاهر اڇلي ڇڏيا وڃن ٿا. جتي ڪتا پيا ڦرن. ڳجهون پيون لامارا ڏين ۽ جراثيم به پيدا ٿي رهيا آهن، پر ڪچري ۽ گندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم ڪونه ٿو کنيو وڃي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ اسپتالون ڀرجي وڃن ٿيون..
صحت کاتي کي ان معاملي ۾ تحرڪ ۾ اچڻ گھرجي. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجيون ٽيمون موڪلي وائرس کان بچاءَ لاءِ آگاهي ۽ بيداري مهم هلائڻ گھرجي ته جيئن عوام کي ان بيماري جي سببن ۽ احتياطن جي خبر پئجي سگھي. علاج جي باري ۾ به کين ڄاڻ ملي سگھي. بهرحال جنهن به فرد کي بخار ٿئي ته ترت علاج ڪرائي. علاج ڪرائڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي. پنهنجي جسم، گھر ۾ صفائي جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ايئن ڪرڻ سان اسان بيمارين کان بچي سگهون ٿا. صحت کاتي جي جيڪا هن وقت خاموشي ۽ لاپرواهي آهي. ان کاتي جو عملو اگھور ننڊ ۾ ستل آهي. تنهن کي به سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت ۽ وقت جي تقاضا آهي. تڏهن وڃي سنڌ ۾ صحتمند ماحول پيدا ٿيندو.