وزيراعظم سان ايراني وفد جي ملاقات، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار جاري رکنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سندس وفد سان ملاقات ڪري خوشي ٿي.
وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ملاقات ۾ موجوده علائقائي صورتحال تي خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون.
ملاقات دوران خطي ۾ جاري اڳڀرائي تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سفارتي رابطن کي هٿي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.