مليريا علاج جوڳو پر خطرناڪ مرض آهي، جنهن جي وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مليريا علاج جوڳو مرض آهي پر احتياط ۽ وقت سر سڃاڻپ نه ڪئي وڃي ته اهو موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو.
مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته مليريا رڳو عام بخار نه پر غفلت جي صورت ۾ سنگين خطرو به بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري ان خلاف عوامي شعور پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي کي مليريا کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان مختلف لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن.
وڏي وزير زور ڏنو ته پنهنجي گهرن ۽ ڀرپاسي جي ماحول کي صاف رکو ته جيئن مڇرن جي واڌ ويجهه نه ٿي سگهي، علامتون ظاهر ٿيندي ئي ويجهي سرڪاري اسپتال سان رابطو ڪيو، جتي مليريا جي سڃاڻپ ۽ مفت علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.
هن مليريا کان بچاءَ لاءِ مڇر داڻين جي استعمال ۽ ٻين حفاظتي قدمن کي ضروري قرار ڏيندي مڪاني ادارن واري کاتي کي نالين جي صفائي ۽ مڇر مار ڦوهارو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته مليريا جي خاتمي لاءِ عالمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جو سهڪار به اڻٽر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.